تازا ترين
  • *ڊپٽي ڪمشنر ملير پاران چئن مهينن کان گلشن حديد ۾ لڳايل لاڪ ڊائون هڪ هفتي لاءِ ختم ڪري ڇڏيو *ڊي سي ملير ايم پي اي ساجد جوکيو ۽ واپاري اڳواڻن سان ڳالهين بعد اهڙو فيصلو ڪيو *ڪورونا ڪيس وڌڻ جي صورت ۾ ٻيهر لاڪ ڊائون ڪيو ويندو: ڊي سي ملير *
  • *لاڙڪاڻي ۾ ڳوٺاڻن جو بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف ڌرڻو، ٽائرن کي باهيون *ڳوٺ نهال واسين بااثرن خلاف جناح باغ چوڪ تي ٽائرن کي باھيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو *بااثر گهر ۾ گهڙي عورتن تي وحشياڻو تشدد ڪري ڀڃ ڊاهه ڪئي: مظاهرين *
  • *نواب ولي محمد ويجهو وونئڻن جي فصل کي اسپري ڪرڻ دورن بيهوش ٿي ويل نينگر دم ڏئي ڇڏيو *ڳوٺ حسين بخش چانڊيو ۾10 ڏينهن اڳ نينگر عمران چانڊيو فصل کي اسپري دوران بيهوش ٿي ويو هو *نينگر اڄ نوابشاهه اسپتال ۾ دم ڏنو*
  • *مٽياري: عدالت پاران محب کوسو قتل ڪيس ۾ ٻن جوابدارن جي ضمانت واري درخواست رد *جوابدار علي محمد کوسو ۽ خان محمد کوسو عدالت ۾ وڪيل معرفت ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي هئي *2019 ۾ کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران محب کوسو مارجي ويو هو *مقتول جي ڌيءُ عائشه کوسو جي فرياد تي نيو سعيدآباد ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو*
  • *سڪرنڊ ۾ آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف ايريگيشن آفيس اڳيان ڌرڻو، ٽائرن کي باهيون*
  • *سنڌڙي: هوٽل مان هڪ شخص جو لاش هٿ، اسپتال منتقل *مگسي ھوٽل مان پيرونمل واسي 50ورھين جي شاھنواز ڳاھو جو لاش هٿ *
  • *ٽنڊوغلام علي ويجهو نوجوان ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو *ديھه واڳھريجي ۾ 26 ورهين جي اشوڪ پٽ اجمل ٺاڪر بيماري کان تنگ اچي زندگي جو ڏيئو اجهايو*
  • *مٺياڻي رورل هيلٿ سينٽر جون 4 ليڊي هيلٿ ورڪرز ڪورونا جو شڪار *ڪورونا ۾ مبتلا ليڊي هيلٿ ورڪرز کي سندن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو *مٺياڻي ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ وڌي 10 ٿي ويو*
  • *ميرپورخاص ضلعي ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 50ڪيس ظاھر، متاثرن جو انگ 850 ٿي ويو*
  • *ڪوٽ غلام محمد ۾ چوپائي مال جي پڙي لڳائي وئي، مالوندن ۽ واپارين جي پيهه *مال پڙي تي سوين مالوند ۽ واپاري پهچي ويا، سماجي وٿي وارا اصول نظرانداز*
  • *ڪشمور ضلعي ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 26 ڪيس ظاهر، متاثرن جو انگ 489 ٿي ويو *ڪجهه ڏينهن اڳ 169ماڻهن جا سيمپل ورتا ويا هئا، 26ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي: فوڪل پرسن*
  • *ڪرمپور :ڳوٺ عمران خان بجاراڻي وٽ نصير شاخ کي 15فوٽ گهارو پئجي ويو *گهاري سبب سوين ايڪڙن تي پوکيل ساريالو فصل ۽ ٻيجارو پاڻي هيٺ اچي ويو *اطلاع باجود آبپاشي عملو نه پهتو،ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو بند ڪرڻ ۾ رُڌل *
  • *ڪراچي: ڊيري فارم ائسوسيئيشن جي صدر جو ڪمشنر ڪراچي کي چئلينج *کير جي اگهن ۾ واڌ وارو فيصلو واپس نه ورتو آهي: ڊيري فارم ائسوسيئيشن صدر *دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي ته سُپر هاءِ وي ۽ نيشنل هاءِ وي تي مينهون بيهاري ڇڏينداسين: شاڪر عمر گجر*
  • *جوهي ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي *پڇڙي جي آبادگارن هڪ ڪلو ميٽر ريلي ڪڍڻ بعد علامتي بک هڙتال تي ويهي رهيا *
  • *ڄامشورو ۾ وڌيڪ 17ڪورونا جا ڪيس ظاھر، متاثرن جو انگ وڌي 865ٿي ويو *گذريل ڏينھن 113ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا هئا، 17 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي *متاثرن ۾ مانجھند، ٿاڻوبولاخان واسي ۽ ڪوٽڙي جا رهواسي شامل آھن *

سنڌي ادب جو مهڪندڙ گل- مقصود گُل!……علي دوست عاجز

سائين مقصود به اهڙو ئي گُل هو، جيڪي بهار ۾ ڇڻي ويندا آهن- هي ڪنهن صحرا جي دامن ۾ نه پر، اهڙي ٻاريءَ ۾ ڦُٽو هو، جنهن جي باقاعدي پرورش ۽ نگهباني ٿيندي آهي، ذات جي توڙي ڏات جي- جيئن ڪوئي ڪنهن اِداري مان تيار ٿِي نِڪرندو آهي. اهو اِدارو هو، قاضي عبدالحئي ”قائل“ سرشاري. اهڙي ئي پرورش هن پنهنجي ٻارن جي ڪئي- جنهن تي رَشڪ اچڻ اَوس هوندو آهي!
هي بيحد ٻاجهارو، پيار ڪندو ۽ شفيق پيءُ هو.
هن جي بياض ۾ شايد ئي ايترا شعر هجن، جيتريون گُڏيون، گهر جي الماڙين ۾ هِن سپنا گُل لاءِ گڏ ڪري رکيون هون، جنهن کي هو پڇاڙي تائين “گُڏي” ئي سڏيندو هو!
هُوءَ سڀني کان وڏِي هوندي به سڀني کان ننڍي رهي! ۽ سوير سُمهي پوندڙ ٻارن وانگر، وڃي پِيءُ جي پاسي ۾ سُمهي پئي!
اڄ جڏهن ياسر، زندگيءَ جا چاليهه ڏاڪا چڙِهي، ايڪيتاليهن تي پير رکيو آهي، تڏهن سچ به مونکي اهڙو ئي اطمينان ٿيو آهي، جهڙو هاڻي صادق فقير جي پُٽَ نزاڪت کي ڏسي ٿيندو آهي!
ماڻهوءَ جو نالو، ڀلي ته ”نزاڪت“ هجي يا ”گُل“ هجي، پر زندگي ساڻن به ورتاءُ اهڙو ئي ڪندي آهي، جهڙو گُڙدن سان پٿرِي ڪندي آهي.
رنجَ جون پٿريون، ڳوڙهن سان ڪڏهن به نه ٿيون ڳَرن! پنهنجي حصّي جو ڏُک ڀوڳڻو ئي ٿو پوي. اهائي ڳالهه قاضي صاحب به چوندو هو. گينگرين جي ڪري سندس پير جي آڱر ڪٽيائون. طبيعت پُڇڻ تي، چيائين: “ادا، پنهنجي حصي جو سُور پاڻ ڀوڳڻو پوندو- ڀاءُ ڀران جي همدرديءَ جي مهرباني، جيڪا بهرحال هر حال ۾ هُجڻ گهرجي!”
ماڻهو به وڻن وانگر ڇانگبو، وڍبو ورهائبو ٿو رهي. هَٿ، ڪَرايون، ڪپجِي ويا ڪانهن!! هڪ دؤر کان پوءِ مَهڪندڙ، ٻَهڪندڙ گُلَ جو حال به اهڙو هو، جهڙو ڪنهن مُرجهايل گُل جو هوندو آهي. سندس ڀاءُ قاضي اختر حيات، ۽ دلي دوستن، مختار گُهمري ۽ سرڪش سنڌيءَ کانپوءِ!

تون ته اُماوس ۾ وئين وِڇڙي، تنهنجي لئه،
چانڊوڪيءَ جو چاههُ کنيون ٿو ساڻ وتان!

ڪي محبتون، ڪي ڏُکَ، اَندر ۾ ايئن رهجي ويندا آهن، جيئن ڪنهن جي جسم ۾ بندوق جو ڇِرو رهجي ويندو آهي پر دل ۽ جسم ان کي ايئن ڍڪي ڇڏيندو آهي، جهڙوڪ، اهو به ڪوئي راز هُجي!
هو پَڪو پُختو، سِڌو، سادو ۽ سچّو شاعر به هيو ته ماڻهو به! هن جا شعر ڳورا نه، پر هلڪا ۽ وڻندڙ هئا. رنگين مڇين وانگر، هلندڙ ڦرندڙ هئا… رنگين…

اُڀ تي نئون ڪو تارو جاڳيو،
ننڍڙو ٻالڪ مُرڪيو هوندو!

جنهن ۾ تنهنجي ياد سمايل،
درد به ڇا ته انوکو هوندو!

رات سارِي چنڊُ ڀاڪُرَ ۾ هُيو
دل جي آڳُرَ ۾ اڃا آ سوجهرو

چانهه جِي پيالي چپن تي مُون رکِي
پر نگاهُن ۾ سندءِ چهرو هُيو

سنڌڙيءَ جي لئه سوچي سوچي
”گل“! مان سنڌ جو نقشو ٿي پيُس

پنهنجي ورثي سان تعلق داري:

ٽَلٽِي تنهنجي ڌرتيءَ مان!
ٻُوٽِي ٻُوٽي ڳوليان ٿو!

مذهب جي نالي تي ڪوس، قتلام کان برهمي بيزاري:

مذهب جي پاڪ نانوَ تي ٿو ڪوس گهر هلي،
اهڙي ڌرم ۽ دين خلافت کي ڇا ڪبو!

ٻولي ۽ ان جو استعمال:

توکان پري رهڻ به وڏو امتحان آ،
غم ۾ جُکِي جيئڻ به وڏو امتحان آ!

ڌرتيءَ جا ڏُکَ دل ۾، اکيون آڊوکيون،
دوزخ ۽ درياهه کنيون ٿو ساڻ وتان!

هُو، جي دلين ۾ آڳ وُتَت ٿا کنيون وَتن،
تن لاءِ قرب قياس اکين ۾ کنيون وتان!

هُو گُل هوندي به، ايترو ڳَرو هو، جو هن کي کڻڻ، کپائڻ ڪنهن جي وَس جي ڳالهه نه هئي. ڳُڻائتو ۽ ڳوُڙهو به ايترو ئي، جيڏو ڪو ساگر يا صحرا ٿيندو آهي!

اکيون ڪنهن جي آڏو مان هاريان نه ٿو،
متان چئين، ته توکي سنڀاريان نه ٿو!



This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *