تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

سنڌو ۾ ٻوڏون ۽ ان جي ڊيلٽا … مجيد نواز

ماھر سنڌو دريا ۾ ٻوڏ جا جيڪي اثر ٻڌائين ٿا ـ انھن ۾ سڀ کان وڌيڪ دريا جي ڊيلٽا کي فائدو رسي ٿو ـ ٻوٽن جي شڪل ۾ ٻيلا وڌي گھاٽا ٿي دريا کي ۽ خود زمين کي فائدو رسائين ٿا ۽ ائين سنڌو جي ڊيلٽا ھڪ ڀيرو ٻيھر جاندار ٿيو وڃي ـ سنڌو جو پاڻي جتي انسانن لاءِ ڪارائتو رھيو آھي اتي آبي جيوت جي جياپي جو مک ذريعو پڻ  آھي ـ 2010 ع کان پوءِ پورا ڏھ سال سنڌو جي ڊيلٽا سمنڊ جي اٿل ۽ واپسي جي ڪري سنسان لڳي پئي ھئي پر تازو آيل ٻوڏ ان لاءِ نھايت ڪارائتي ثابت ٿي سنڌو دريا جا لنگھه سوڙھي ٿيڻ ۽ دريائي ٻيٽن تي قبضن بعد دريا جي قدرتي رخن جو بدلجڻ ماحولياتي لحاظ کان خطرناڪ آھي، گھاٽن ٻيلن وڻن ٽڙڻ ڍنڍن ڍورن جي اثرائتي ڪارج لاءِ ھر جاندار جي حياتين تي گھرا ۽ مک اثر ٿين ٿا ـ انساني تاريخ گواھ آھي ته  جتي جتي دريا وھندا آھن اتي اتي شھر ۽ وڏيون وڏيون آباديون آباد ٿي وڃن ٿيون ـ اڄ جي جديد ٽيڪنيڪل سائنسي دور ۾ ماحولياتي مسئلن کي منھن ڏيڻ نھايت ضروري ٿي پيو آھي ۽ اھي مسئلا ٿڏھن حل ٿيندا جڏھن دريائن جي حقيقي ۽ قدرتي وھڪرن وچ ۾ موجود رڪاوٽن کي ختم ڪبو ـ ان ۾ بيجا طور ڊئمن جي تعمير پڻ مک سبب آھي ڇاڪاڻ ته  دنيا ۾ سائنسي اعتبار کان ڊئمن واري رٿابندي کي ناڪام قرار ڏئي اڏيل ڊئمن کي ختم ڪيو پيو وڃي پر اسان وٽ سرمائيداراڻي مفادن موجب ڊئمن جي تعمير جي ضد ڪئي پئي وڃي ۽ انھن جي تعمير پڻ شروع آھي ـ پاڻي جا ماھر جن سنڌو دريا جي اسٽيڊي ڪئي آھي اھي چون ٿا ته سنڌوء ۾ ڊيلٽا جي تباھي سمنڊ جي موٽ کائڻ ۽ گھاٽن ٻيلن جي خاتمي سبب ٿي آھي ـ سمنڊ ڪافي اورتي تائين پائي آيو آھي ـ جنھن سان سنڌوء جو پاڻي پڻ کارو ٿيو آھي آبي جانورن سان گڏ بدين  ڄامشوري ميرپور خاص ٺٽي ۽ ٻين علائقن ۾ ماڻھن کي مٺو پئيڻ لاءِ  پاڻي ناھي ـ روز انھن جون دانھون اخبارن جي زينت بڻجن ٿيون ـ سنڌ اسيمبلي ۾ به  ڪافي ڀيرا ميمبرن رڙيون ڪيون آھن پر عملي قدم ڪو به  ناھي کينو ويو ـ
سن 70 جي ڏھاڪي ۾ سنڌو ۾ ڪيترائي ڀيرا خطرناڪ ٻوڏون آيون جن جي ڪري وڏيون تباھيون ٿيون ڪٿي ڪٽ ڏئي دريا جي جوش کي گھٽ ڪيو ويو ته  ڪٿي حفاظتي بندن کي دريا بادشاھ ٽوڙي شھر ۽ ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيا سکر بئراج وٽان ريڪارڊ ساڍا 13 لک ڪيوسڪ جا ريلا گذريا پر بئراج جي اسٽريڪچر کي ڪجهھ نه  ٿيو پر اڄ رڳو پنج لک ڪيوسڪ تي سکر بئراج کي خطرو ٿي پوي ٿو ـ ان جي بنيادي وجھ دريا جي پيٽ ۽ بئراج مان نڪرندڙ واھن جي چڳي ريت صفائي نه  ٿيڻ آھي ـ سلٽ به  ايتري جو بئراج جا قيمتي گيٽ ان ۾ ڦاسي پون ٿا ۽ گيٽ مٿي ڪرڻ سان ڪجھه گيٽ مٿي ٿين ئي نٿا ـ اھو سارو اسان جي سرڪار جي لاپرواھي ۽ بي ڌياني سبب ٿيو آھي ـ جن جي خلاف ڪير انڪوائري ڪندو ۽  ڪير بئراج جي مرمتي ڪمن لاءِ ساليانو جي بنياد تي آيل فنڊن جي جاچ جوچ ڪندو ؟ ـ سکر بئراج پنھنجو مدو پورو ڪري چڪي آھي پر جيڪڏھن دنيا جي ان وڏي زرعي نظام ۽ عظيم انساني ورثي کي بچايڻ لاءِ ضروري آھي ته  نيڪ نيتي ۽ ايمانداريء جو مظاھرو ڪرڻو پوندو ـ جنھن جي في الحال کوٽ آھي ـ سنڌو ۾ گڊو کان ڪيٽي بندر تائين جي علائقن ۾ مڇين جون جيڪي اعلي قسمون موجود ھيون اھي ھاڻي اڻ لڀ ٿي ويون آھن جنھن سان لکن مھاڻن جو روزگار  ختم ٿي ويو آھي ـ شھري آبادين وٽ دريا ۾ گند ڪچرو ۽ فضول شئين وغيرا جي ڦٽو ڪرڻ سبب دريا جي پاڻي ۾ آلودگي پيدا ٿي وئي آھي جيڪا آبي جيوت لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي رھي آھي ـ ڪيترن ئي ھنڌن تي وڏين وڏين فيڪٽرين مان خارج ٿيندڙ فاضل ڪيميڪلز ڪارڻ به سنڌو جي پاڻي ۾ آلودگي وڌي آھي ـ وڏن وڏن شھرن جو لکين ٽن ڪچرو دريا ۾ ڦٽو ڪيو وڃي پيو ـ
سنڌو ۾ پاڻي جي چوري ۽ کوٽ وڏو مسئلو رھي آھي ـ سنڌوء جي ھيٺانھون واري پاسي ڪافي عرصي کان سوڪھڙو رھندو رھيو آھي ـ  پڇاڙي جي آبادگارن آبادگارن جون سدائين پاڻي جي کوٽ ختم ڪرڻ جون دانھون ۽ احتجاج رڪارڊ جو حصو رھيا آھن ـ وڏا وڏا زميندار وڏيرا وزير مشير ۽ بااثر سياستدانن طرفان ڌوم تي زرعي پاڻي جي چوري سبب ننڍا آبادگار پريشان رھن ٿا ـ مٿانھن فصل تيار ٿيڻ تي ماڪڙ جھڙا عذاب اچي ڪرن ٿا پوءِ غريب ھاري ۽ ننڍو آبادگار سٽجي وڃي ٿو ـ زرعي پاڻي جي چوري لاءِ قانون موجود آھي پر ھت قانون جا 2 متا آھن ـ سنڌو جي پاڻي جي چوري مٿي پڻ ڪافي ڪئي وڃي ٿي جنھن ۾ چشما جھلم لنڪ ڪئنال کولي ۽ ٻين طريقن سان سنڌ واسين جي حقن تي ڌاڙا لڳايا وڃن ٿا ـ پاڻي جي لاڳيتو چوري تي سنڌ واسين جي دانھن بعد جيڪي ادارا جوڙيا يا اڳ ۾ موجود ھئا تنھن به  ڪو ٻوثو ناھي ٻاريو مٿان ڪڏھن ڪڏھن سنڌو ۾ قسمتي ايندڙ ٻوڏ کي ڳاڌو پاڻي ڄاڻي ڊئمن جي تعمير جھڙا پاڪستان دشمن منصوبا جوڙيا وڃن ٿا ـ ارسا جيڪو پاڻي جي منصفاڻي ورڇ ۽ ٻين پاڻ جي مامرن جو ملڪ ۾ ھڪ وڏو ادارو ليکيو وڃي ٿو اتي حقيقي طور سنڌ جي نمائندي کي شامل نٿو ڪيو وڃي ۽ جيڪڏھن ڪو سرڪار سگوري جو خوشامندي شامل جيو وڃي ٿو ته هو سنڌ جي پاڻي جي مسلسل چورين تي ڳالھائڻ عيب ٿو سمجھي ـ ارسا جي موجودھ ڪردار تي ڪيترن ئي غير چانبدار پاڻي جي ماھرن آڱريون کينون آھن پر جتي ظلم ناانصافيون ۽ ڏاڍايون عام ٿي وڃن اتي انصاف جي فراھمي رڳو ڪنھن ديواني جي خواب جيان  آھن ـ 99ع ۾ چئني صوبن وچ ۾ ٿيل پاڻي جي معاھدي موجب ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ سمنڊ ڏانھن 5000 ڪيوسڪ پاڻي لازمي طور تي ڇڏڻ  قرار ڏنل آھي پر اڄ تائين ان مٿان عمل نٿو ڪيو وڃي نتيجي ۾ سمنڊ ڪوٽڙي طرف ڪاھي آيو آھي ۽ آبي جيوت سميت انساني آبادين کي پاڻي ملڻ ناممڪن ٿي پيو آھي ۽ ھتان جي زرعي زمين به  تباھ ٿي  رھي آھي، جڏھن ته ٻوڏون به ڪافي عرصي بعد اچن ٿيون ته  پوءِ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم طرف رھندڙ جاندار پاڻي بنا ڪيئن رھي سگھن ٿا.
ماھرن موجب  جيتوڻڪي 99 جو ايڪارڊ مڪمل طور منصفاڻو ناھي پر پوءِ به سنڌ جي مفاد خاطر ڪيل رڳو ان پنج ھزار ڪيوسڪ پاڻي ڇڏڻ جي معاھدي جي پاس داري ڪئي وڃڻ گھربي ھئي ـ جنھن لاءِ ھر دور جي سرڪار سنگين غفلت ڪئي آھي ۽ سنڌ جي ماڻھن جو عظيم نقصان ڪيو آھي ۽ اڃان ڪري رھيون آھن ـ سنڌو جي بقا انسانيت جي بقا آھي ـ ان ڪري ان عظيم ۽ تاريخي دريا جي سلامتي خاطر سنڌ جا ماڻھو ھر قسم جي قربانيون ڏيڻ لاءِ ھر وقت تيار آھن ـ چاھي اھو ڪالا باغ ڊئم سميت مختلف ڊئمن جي تعمير ھجي يا سنڌو جي پاڻي جي لاڳيتو چوري ھجي ـ  سنڌو دريا مان جيڪي چوري پاڻي يا واڌو پاڻي حاصل ڪرڻ لاءِ ڳاھ کوٽيا ويا آھن انھن تي به  سنڌ جا باشعور ماڻھو ٻاھر نڪتا ۽ ڀرپور احتجاج ڪيو ـ اھا سنڌين جي مزاحمت ئي ھئي جو طاقتور ڊڪيٽيرن جي سرڪار ھوندي به  ملڪ دشمن پاڻي جا منصوبا شروع نه  ٿي سگھيا پر افسوس پاڻ کي مھا جمھوريت پسند سڏائيندڙ سياسي پارٽين جي حڪومتن ڊئمن جي تعمير لاءِ رقمون بجيٽن ۾ رکيون ـ جڏھن ته  انھن ڊئمن جي تعمير کي ملڪ جي ٽن اسيمبليون يڪ راءِ سان نامنظور ڪري چڪيون آھن ـ

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *