تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

سنڌو درياءَ تاريخ جي آئيني ۾ … اويس ساگر سومرو

جيالاجي جي ٽئين زماني ۾ Tertiary age ۾ سنڌ سميت سڄي اتر هندستان جو وڏو حصو ٽيٿيا نالي سمنڊ هو. هڪ اهڙو دور آيو جو هماليه جبل ۾ اهڙا خطرناڪ زلزلا ٿيا جو ڌرتي مٿي چڙهي آئي ۽ سمنڊ هٽي ڏيهان ڏور ٿي ويو. وقت بوقت تيز طوفان لڳڻ سبب واري پکڙجندي رهي. مينهن سبب واري وهندي رهي، زمين جا حصا وڏا ٿيندا رهيا. پاڻي ٺهڻ سبب جيڪو زمين جو وڏو حصو مٿي اڀري آيو، اهو ”سنڌ“ جي نالي سان اڳتي هلي تاريخ ۾ رقم ٿيو. زميني ۽ سامونڊي تبديلين سبب سنڌ جو وجود ۾ اچڻ تاريخ جو وڏو اتفاق هو. سنڌ نالو سنڌو درياءَ جي ڪري پيو آهي. سنڌو ندي رواجي ندين کان تمام گهڻو وڏي هوندي هئي. سمنڊ جيان ڏيک پئي ڏيندي هئي. سنسڪرت ۾ سنڌو جي معنى ”وڏو سمنڊ“ آهي. سنڌو لفظ اصل ۾ سنسڪرت ٻوليءَ جو شبد آهي، جنهن جي معنى آهي وهڻ. انهيءَ پسمنظر ۾ سنڌوءَ جي بنيادي معنى آهي اها ندي جيڪا سدائين وهندي رهي. سڪندراعظم سان جيڪي تاريخ نويس هتي آيا انهن به هن ماٿريءَ ۾ رهندڙن کي سنڌو (هندو) اُچار ڦيرائي انڊس (Indus) ڪيو انڍو، انڊوئي (Indoi) ۽ ندي کي سڏيو انڊس (Indus) ۽ پوءِ سڏيو انڊوڪوس ۽ بعد ۾ لاطيني ٻولي ڳالهائيندڙن انڊوس جو اچار ڦيرائي ڪيو ”انڊس“ ۽ هندستان کي ”انڊيا“ سڏيو.
سنڌوءَ جا مختلف نالا:
ٿٻيٽ ۾ هي ندي سنگي ڪباب يعني شينهن ندي جي نالي سان مشهور آهي. پاڪستان ۾ مهراڻ ۽ سنڌو ندي جي نالي سان سڏيو ويندو آهي. پارسين جي زند اوستا ۽ ٻين ڌرمي پستڪن ۾ سنڌوءَ لاءِ ”وهه“ لفظ جو هاڻوڪو پارسي اچار ”ٻهه“ معنى چڱو ڪتب آندل آهي. قديم ايراني لوڪ ”مهراڻ“ ”مهرا“ اچاريندا آهن. ڇاڪاڻ ته ايراني لوڪ ”ڻ“ جو لفظ اچاريندا ئي ڪونه آهن.
قراقرم ۽ هماليه جي وچ واري حصي کي جتي وهڪرو سوڙهو ۽ اونهو هوندو آهي. اتي پورو درياء سڏيو ويندو آهي. جبل مان نڪرڻ کان پھرين هن سان ڪيترائي وهڪرا اچي ملندا آهن. تنهن ڪري اتان جا ماڻهو هن کي ”اباين“ يعني ندين جو پيءُ ڪوٺيندا آهن. ڇوڙ وارا ماڻهو هن کي مٺي پاڻي جو سمنڊ سڏيندا آهن.
سنڌو جي شروعات ۽ پڄاڻي:
سنڌو ندي جي شروعات متعلق مختلف ماهرن جا مختلف رايا آهن، ڪن جو چوڻ آهي ته سنڌو دريا مانسرور ڍنڍ مان نڪري ڪشمير مان وهندو سنڌ جي ڏکڻ ڪناري تائين 1700 ميل سفر ڪري سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. حقيقت ۾ سنڌو ندي جي شروعات مانسرور ڍنڍ کان ٽيهه ميل پري سنگي ڪباب جي برفاني ڌارا مان ٿئي ٿي. مانسرور ڍنڍ نيپال جي اولهه ڪنڊ جي اتر ۾ تبت جي سرحدن ۾ آهي، اهو علائقو تبت جو ڏکڻ آهي. اتي ڪئلاش پربت واقع آهي. جنهن جي اوچائي 6714 ميٽر يا 22028 فٽ آهي. ڪئلاش جبل جو رنگ گھرو واڱڻائي آهي، پر اهو ڪارو ڏسجي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو ان کي ڪئلاش يا ڪالاش سڏين ٿا. ڪئلاش جبل جي 15000 فوٽ اوچي ماٿري ۾ ٻه وڏيون ڍنڍون آهن هڪ مانسرور ۽ ٻي راڪاس تال. سنگي ڪباب ٿٻيٽ ۾ آهي، جنهن جي معنى آهي، ”شينهن جو منهن“ جنهنڪري اهو وڌيڪ پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته سنڌو ندي ٿٻيٽ کان پنھنجو سفر شروع ڪري ٿي. ٿٻيٽ مان آبي ذريعي مان پاڻي کڻي ٻه سئو ميل هڪ ويڪري ۽ پٿريلي ماٿري مان ڏاٽي واري شڪل ۾ ڀارت ۾ لداخ وٽ پهاڙن کي چيري پنج سئو ميل وهڪرو ڪري پاڪستان جي سرحدن ۾ داخل ٿي پنجاب کي سرسبز ڪندي ڪشمور کان سنڌ ۾ داخل ٿئي ٿي. پاڪستان ۾ سنڌو جي ڊيگهه هڪ هزار پنجاهه ميل آهي. هلندي هلندي عرب ساگر(سنڌي سمنڊ) کي پنھنجو پاڻ ارپي ٿي.
سنڌو ۾ ڇوڙ ڪندڙ دريا واهه ۽ چشما:
سنڌو ٿٻيٽ کان ڏکڻ لهنوارو ٿي سمنڊ ڏانھن وهندو آهي، ٿٻيٽ کان تما واهه جي شڪل ۾ هوندو آهي. پر هلندي هلندي ڪيترائي چشما، نديون واهه ۽ مينهن جو پاڻي درياهه ۾ ملي سنڌو جي ڇاتي کي ويڪرو ۽ وسيع ڪن ٿا، اڀرندي ڪناري کان چناب، راوي، بياس، ستلج ۽ جھلم درياهه سنڌوءَ ۾ ڇوڙ ڪن ٿا. قديم دور ۾ گهگهر، جنهن کي هاڪڙو ۽ اڄڪلهه نقشن ۾ ان کي سرسوتي درياهه، جنهن کي وهند ۽ واهڙ به چيو وڃي ٿو، سو به سنڌو ۾ ڇوڙ ڪندو هو. هي درياهه هند ۽ سنڌ جي سرحد سمجهيو ويندو هو. جيڪو اڳتي هلي واريءَ ۾ زميني تبديلين سبب گم ٿي ويو. سنڌ جي اتر اولهه طرف کان وري ڪابل درياهه اٽڪ ۽ زوب (زاب) درياهه ديري اسماعيل خان وٽ سنڌوءَ ۾ اچي ڪرندا آهن.
سنڌو جي پاڻيءَ جو مقدار:
سنڌو طاس جي سڀني درياهن جو گڏيل پاڻي 170 ملين ايڪڙ آهي، پاڪستان سرڪار پاران 1960ع ۾ سنڌو طاس معاهدو ڪري بياس، ستلج ۽ راوي جو 33 ملين ايم اي ايف ايڪڙ فوٽ هندستان کي وڪرو ڪري ڏنو ويو، جنهن سبب هاڻ سنڌو ۾ ڪل پاڻي 137 ملين ايڪڙ فوٽ آهي.
سنڌو ۾ پاڻيءَ جو چاڙهه ۽ لاٿ:
سنڌو ۾ چاڙهه مارچ کان آهستي آهستي شروع ٿيندو آهي، سيپٽمبر جي پڇاڙيءَ ۾ لهڻ لڳندو آهي. آگسٽ ۾ چاڙهه چوٽ تي هوندو آهي. هر طرح پاڻي ئي پاڻي نظر ايندو آهي. سنڌو سمنڊ جيان ڏيک پيو ڏيندو آهي. پاڻيءَ جو گهٽ ۾ گهٽ مقدار فيبروري ۾ ٿيندو آهي، سمورو سيارو سنڌوءَ ۾ پاڻي تري ۾ نظر ايندو آهي. سانوڻ ۾ چؤماسي جي برساتن ۽ گليشرن جي ڳرڻ سبب سنڌو پنهنجي مستيءَ ۾ اچي ويندو آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو سنڌو هُن مند ۾ ايشيا ۽ آفريڪا جي سڀني درياهن کان وڏو نظر ايندو آهي.
سنڌو جا جاگرافيائي رخ:
جاگرافي توڙي جيالاجي جي ڏس ۾ سنڌ کي اوڀر سنڌ ۽ اولهه سنڌ ۾ ورهائي سگهجي ٿو. اوڀر سنڌ سنڌو درياهه جي اوڀر ورو حصو ۽ اولهه سنڌ وارو ڀاڱو سنڌو درياهه جي الهندي پاسي وارو علائقو آهي. جنهن جو کيرٿر جي اتاهين چوٽين جي حصي ۾ اچي ٿو ۽ ڪجهه حصي تي ندي وهي ٿي. هن نديءَ جا وري ٽي جاگرافي رخ آهن پهريون جابلو جيڪو ڪالاباغ تي ختم ٿئي ٿو، ٻيو ميداني ۽ ريگستاني جيڪو ٺٽي جي لڳ ڀڳ ختم ٿئي ٿو، ٽيون ٺٽي، بدين ۽ ڪراچي سامونڊ کان کارين تي ٻڌل کارين وارو علائقو آهي. سمنڊ کان سٺ ميل پري ۽ ٺٽي کان پنج ميل هيٺ سنڌو ٻن شاخن ساڄي طرف بگهاڙ ۽ کاٻي طرف ساتا (Sata) ۾ ورهائجي ٿو. ساتا جي موڪر هڪ هزار کن ٿيندي سمنڊ ۾ ڇوڙ مهل ستن شاخن ۾ ورهائجي وڃي ٿي. بگهياڙ ٻن واهڙن پٽي ۽ پيٽاڻي ۾ ورهائجي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.
سنڌوءَ جي پوڄا:
سنڌو جتي انساني زندگي جي جياپي جو ڪارڻ آهي، اتي روحانيت جو سبب به ثابت ٿيو آهي، ڇاڪاڻ ته ماڻهو سنڌو درياهه کي ان داتا سمجهن ٿا. جيڪڏهن سنڌوءَ جو پيٽ سڪي وڃي ته هوندي لکين بلڪ ڪروڙين انسانن جو جياپو کسجي وڃي. رگ ويدن ۾ به سنڌو کي ديوتا ڪري پوڄڻ جا آثار واضح نظر ۾ اچن ٿا. هندو ته نريلن، گنگا ۽ ڪرشنا جيان سنڌوءَ جي پوڄا ڪندا آهن. مسلمانن ۾ خدا کان سواءِ ڪنهن ٻئي جي عبادت ڪرڻ گناهه ڪبيره مثل آهي، پر تنهن باوجود به مسلمان سارين جي ٻيجي سان ڀريل ڏيؤ ٻڌي سنڌوءَ کي ارپيندا آهن ته جيئن سنڌو موج ۾ اچي ۽ سڪار پيدا ٿئي. مهاڻا سنڌو کي سلامي ڏيڻ لاءِ پنهنجي بتيلي ۾ سنڌوءَ جو پاڻي هاري رسم ادا ڪندا آهن. عورتون پنهنجي ورن جي واپسيءَ لاءِ ڏيئا موهڻ ۽ جر کي جاٽون ڏيئي اچڻ جا سانگ سجائينديون آهن،
سنڌو سبب سنڌ جي تباهي ۽ سنڌ تي حملا:
سنڌو جتي سنڌ جي تهذيب ۽ ترقيءَ جو رکوالو ثابت ٿيو آهي، اتي سنڌ جي تباهيءَ جو ڪارڻ به بڻيو آهي. موهن جي دڙي کان وٺي سنڌ جون سموريون تھذيبون سنڌوءَ جو رخ تبديل ٿيڻ سبب پنهنجو شاندار وجود وڃائي ويٺيون آهن. آرين جي حملي کانپوءِ اٽڪل هڪ هزار سال کن پوءِ ايران جي حڪمران سائرس اوڀرندي ڏانهن پنهنجي حڪومت وڌائي اچي هندوڪش سان دنگ ڪيو هو. سنڌو ماٿريءَ جي وچ واري حصي کان فتح ڪري پنهنجي حڪومت سان ملائي ڇڏيو آهي. ايشيا جي وحشي ماڻهن اوڀر ڏانھن وڌي سنڌو پار اڪري ۽ ان جي ٻنهي ڪنڌئين تي وسندڙن کي ڦريون لٽيو ۽ هزارين ماڻهن جا ڪنڌ ڪپيا، هندو راجائن به هن درياهه جي ڪٺار سان شڪار ڪيا. ٻڌ ڀڪشوئن ۽ گروئن هن جي ڪنڌين تي مٺ، مڙهيون ۽ اسٽوپا اڏيا. مقدونيا جي سڪندر به پنهنجي گهل سان سنڌو پار ڪيو هو. عرب به سنڌو ماٿريءَ تي ڌوڪي آيا. عوام کي لٽيو ڦريو. افغانستان جي جابلو قبائيلن به سنڌو جي ڪنڌين ۽ ڪنارن کي تباهه ڪيو. مغل حڪمرانن دهلي ڏانهن وڌندي درياهه پار ڪيو. انگريزن پر ائٽلانٽڪ جي ٻيٽن تان هلي اچي سنڌو تائين پهتا ۽ پوري صدي عوام کي ڦريو ۽ ورهاڱي وقت به ڪٺلن جو رت سنڌوءَ ۾ شامل ٿيو. انهن سڀني ڳالهين هوندي به سنڌو جي سونهن، تاريخ، تهذيب ۽ جياپو هن دريا سان وابسته آهي ۽ خود سنڌي قوم جو وجود به هن سان لاڳاپيل آهي، تنهن ڪري سنڌو درياءَ تي بند ٻڌڻ سان هن تاريخي درياهه جو وجود خطري ۾ آهي. هن درياهه جي تباهه ٿيڻ سان سنڌ ۽ سنڌي قوم جو وجود داءَ تي لڳل آهي، جنهنڪري درياءَ جو وجود بچائڻ هن وقت جو سڀ کان وڏو مسئلو ۽ سوال آهي جنهن لاءِ انتهائي سنجيدگي سان مستقبل کي نظر ۾ رکندي فيصلي ڪرڻ جي ضرورت آهي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *