تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

سنٿال قبيلو … روشن داس

هيءُ قبيلو ننڍي کنڊ جي دراوڙ قبيلن مان آهي ۽ ننڍي کنڊ جي ڪيترن ئي قديم ۽ وڏن قبيلن ۾ شمار ڪيو ويندو آهي. انسا ئيڪلو پيڊيا سنڌيانا موجب سنٿال کي ’سنتول‘ ۽ ’سنتال‘ پڻ چيو وڃي ٿو. هن وقت هن قبيلي جي اڪثريت هندستان جي مختلف رياستن جھاڙ کنڊ (Jhar khand)، اولهه بنگال (West Bangal)، بهار(Bihar)، اوڙيسا (Orissa) ۽ آسام(Assam) ۾ رهي ٿي. ان کان سواءِ اقليتي لحاظ کان سنٿال قبيلي مان ڪيترائي خاندان بنگال ۽ نيپال ۾ پڻ رهن ٿا. عام طور تي ڪولن، سنٿالن ۽ منڊلوڪن جي قبيلن سان تعلق رکندڙ ڀيل، ڪولهي، منڍا وغيره هندن جي طبقاتي نظام مطابق هندن جي تمام هيٺين طبقي ۾ شمار ڪيا ويندا آهن. سنٿال جو لفظ اڪثر ڪري ڀيل قبيلي لاءِ تصور ڪيو ويندو آهي، پر مجموعي طور تي سنٿال هڪ تمام وڏو قبيلو آهي، جنهن منجھان ڪيترائي قبيلا ۽ ذاتيون نڪرن ٿيون، جيڪي هڪٻئي کان ٿوري گھڻي ڦيرڦار سبب قبيلائي عيلحدگي رکن ٿيون. محققن موجب هن قبيلي جو تعلق پروٽو آسٽرا ليوڊ گروپ (Proto-Australoid Group) سان آهي. هي قبيلو ننڍي کنڊ ۾ آباد ٿيندڙ قبيلن مان سڀني کان پهريون قبيلو آهي، جنهن مختلف درواڙ قبيلن سان گڏجي سنڌو ماٿريءَ جي عظيم تهذيب جو بنياد وڌو هو. هي قبيلو ڪاري جسامت سبب آسٽريليائي نسل سان تعلق رکي ٿو. ڪجھه اهڙيون شهادتون قبل مسيح زماني ۾ ملندڙ لاشن جي ڍانچن جي سڃاڻپ ڪندي پڻ معلوم ٿيون آهن. اهڙا ڍانچا هندستان جي ڪيترن ئي علائقن مان مليا آهن. نامور محقق ڪاڪي ڀيرومل مهر چند آڏواڻي جي تحقيق موجب سنڌ ۾ سيوهڻ جي آس پاس پڻ اهڙا ڍانچا ۽ کوپڙيون (Tertiary fossils) مليون آهن، جيڪي هاڻوڪن ڪولهين، سنٿالن ۽ منڊلوڪن جا ابا ڏاڏا هئا.
هندستان ۾ آباد پروٽو اسٽراليوڊ گروپ (Proto Australoid Group) جي وڏي قبيلي سان تعلق رکندڙ ڪجھه اهڙا قبيلا اڄ به آهن، جنهن جي هر هڪ قبيلي کي پنهنجي مخصوص سڃاڻپ آهي. اهڙن قبيلين کي پنهنجو پنهنجو قبيلائي ڏيک يا نياتي نشان ٿئي ٿو، جيڪو ڪنهن قبيلي جي فرد جي خاص سڃاڻپ ۽ علامت سمجهيو ويندو آهي. ان کان علاوه اهي جادو، منتر ۽ جن يا ڀوت ڀڄائڻ جا ٽوڻا، ڦيڻا به ڄاڻندا آهن. معجزاڻين ۽ مافوق الفطرت ڳالهين ۾ تمام گھڻو يقين رکن ٿا. ڪيترائي قبيلا مذهبي ۽ سماجي لحاظ کان گھڻي ڀاڱي هڪجهڙائي به رکن ٿا. هڪٻئي کان ٿوري ڦيرڦار سبب الڳ پڻ آهن. انهن ۾ ڪجھه اهڙا قبيلا به آهن، جيڪي مئل جانور جو گوشت يا شڪار وسيلي حرام قرار ڏنل جانور جو گوشت کائن ٿا. جنهنڪري سماج ۾ کين حقارت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي.
سنٿالن ۾ قبيلائي لحاظ کان ڪمن ۽ عملن جي بنياد تي ذات پات جو نظام پڻ ملي ٿو. جيتوڻيڪ اهي جسماني ۽ نسلي لحاظ کان هڪ ئي خاندان سان تعلق رکندڙ آهن. پر رهڻي، ڪهڻي، ريتن ۽ رسمن، عملن توڙي ڪمن جي بنياد تي هن قبيلي ۾ ڪيتريون ئي ذاتيون پڻ آهن. ڪمن ۽ عملن ۾ هڪجهڙائي رکندڙ قبيلن ۽ ذاتين وارا پاڻ ۾ رشتيداري يا شادي مرادي به ڪن ۽ هڪٻئي سان ڏيتي ليتي به ڪندا آهن. سنٿالن جي ٻئي ڪنهن به قبيلي يا ذات مان رشتيداري ڪرڻ کي غلط ۽ اصول جي خلاف سمجھيو وڃي ٿو. ظاهري طور تي هن قبيلي جي ڪجھه ذاتين جي عقيدن، حرام جانور ۽ مئل جانورن جي گوشت کائڻ سبب مهذب قومون کانئن نفرت ڪن ٿيون، جنهنڪري ڪجھه اهڙين ذاتين کي آرين، مليڇ يا پليد ڪري سڏيو آهي. سنٿالن ۾ ڪيترائي قبيلا سڌريل، مهذب، زميندار، پڙهيل لکيل ۽ جديد انداز ۾ زندگي گذاري رهيا آهن. سنٿالن ۾ ٻارنهن مکيه قبيلا آهن، جيڪي سندن روايتي ڏند ڪٿائن ’پيلڪو هرام‘ ۽ ’پيلڪو ڀُودي‘ مطابق تقسيم ٿيل آهن، انهن ٻارنهن مکيه قبيلن ۾ نجھاسڪ، مراندي، سورن يا سپاهي، هيم برام، تودو/توڙو، ڪسڪو، باسڪ، بيسرا، ڪور، پؤريئا، ڊونڪا يا ڀادولي ۽ مرمو شامل آهن. سنٿالن ۾ مرمو هڪ اعليٰ ذات آهي. هي قبيلو برهمڻن ۽ پروهتن وانگر سنٿالن جي سمورن قبيلن جا مذهبي ڪم ڪار سرانجام ڏيندو آهي. سوهيه يا سپاهي ويڙهاڪ ۽ جنگجو قبيلو آهي، هي هندن جي ٻئي نمبر وڏي طبقي ’کترين‘ وانگر محافظ قبيلي طور ڪم سرانجام ڏئي ٿو. مراندي ذات وارن جو پيشو واپار آهي ۽ ڪسڪو قبيلي کي حڪمراني يا راڄائي جون ذميواريون سونپيل آهن. تودو ذات سان تعلق رکندڙ مڱڻهارڪو ۽ دهل وڄائڻ جو ڪم ڪن ٿا. اهڙيءَ طرح ٻين ذاتين وارا ڪڙمت، شڪار ڪرڻ سميت مختلف ڪم ڪار ڪن ٿا. ذات پات جو نظام يا هندن جو ورڻ سسٽم به سنٿالن جي ڪم ڪارن ۽ عملن جي بنياد تي ورهايل ڀائنجي ٿو.
انهن ٻارنهن قبيلن کان علاوه هر هڪ قبيلي جا ٻارنهن يا ٻارنهن کان وڌيڪ پاڙا يا نکون آهن، جيڪي سندن ابن ڏاڏن جي نالن جي بنياد تي پيدا ٿيل ڀائنجن ٿا. سنٿالن جو هر هڪ قبيلو پنهنجي انهيءَ نک/پاڙي کي پنهنجي مکيه ذات تسليم ڪري ٿو. مثال طور: ڪسڪو قبيلي جي ڪيترين ئي ذاتين وارا پنهنجي ڪسڪو قبيلي جي ذاتين ۾ رشتيداري يا مائٽي ڪندا آهن ۽ ڪسڪو سندن مکيه قبيلو سمجھيو وڃي ٿو. سنٿالن جي ٻئي مکيه قبيلي سان ڪڏهن به مائٽي ڪرڻ پسند نه ڪندا آهن، جيئن هندن ۾ عام رواج آهي. پر هڪ ڳالهه ۾ سنٿالن جو قبيلائي نظام هندن جي طبقاتي نظام کان تمام گھڻو مضبوط، مٿانهون ۽ اعلى درجي جو آهي، ڇاڪاڻ ته اهي پنهنجي سنٿال قبيلي سان رواداري ۽ برابريءَ وارو سلوڪ رکن ٿا. هي قبيلو ذات پات ۽ رنگ نسل جي ڪيترن ئي ناقص عنصرن کان آزاد ۽ آجو آهي. اهي پاڻ ۾ ڪنهن به قسم جو تفاوت يا ويڇو نه ٿا رکن، بلڪه پاڻ کي هڪ ئي نسل مان سمجھن ٿا. جيتوڻيڪ قبيلائي نظام مطابق سماجي ۽ رسمي طور تي اهي پنهنجي قبيلي کي وڌيڪ اهميت ڏين ٿا، تنهنڪري ڪجھه قدر منفرد پڻ آهن.
مذهبي عقيدي مطابق سنٿالن جو تمام وڏو ۽ اعلى درجي جو ديوتا ’ٺاڪر جي‘ آهي. جنهن جي سنٿال تمام گھڻي پوڄا ڪندا آهن. سنٿال روحن ۽ آتمائن ۾ تمام گھڻو يقين رکن ٿا. ان موجب سندن روحن جي عدالت بونگا آهي، جنهن ۾ سندن ابن، ڏاڏن ۽ پرکن جا روح ۽ پڻ ڪيترائي اعلى درجي جا روح آهن، جيڪي قدرتي نظام کي هلائي رهيا آهن. کين عبادت، نذر ۽ نياز جي ذريعي خوش ڪيو وڃي ٿو، اهي کانئن تمام براين کان بچائن ٿا. ان کان علاوه اهي روح سندن گهرن، ڳوٺن، ٻارن، ٻڍن، جوانن ۽ جانورن مطلب ته هر شيءِ جي حفاظت ڪن ٿا ۽ کين صحيح رستو ڏيکارين ٿا. هنن جي عقيدي موجب سٺن ۽ اعلى درجي جي روحن کانسواءِ ڪجھه خراب ۽ دشمن روح به آهن، جيڪي کين نقصان پهچائن ٿا ۽ بيماريون ڦهلائين ٿا. اهڙا خراب روح ڳوٺن کان ٻاهر جھنگن، جبلن، پاڻيءَ ۽ مختلف قسمن جي خطرناڪ جانورن جي وجود ۾ رهن ٿا. سٺا روح سندن آس پاس ۽ ڳوٺن ۾ رهن ٿا، جيڪي خراب روحن سان مهاڏو اٽڪائيندا آهن. سنٿال هر سال پنهنجي عظيم روحن جي ياد ۾ تهوار ملهائيندا آهن ۽ عبادت ڪري کين خوش ڪندا آهن. انهن روحن مان مارن برو يعني عظيم پهاڙ سندن اهم ۽ اعلى درجي جو مقدس روح آهي، جنهن روايتن موجب سنٿالن جي عبادت کان خوش ٿي، سڀ کان پهريائين کين جنسي ميلاپ ۽ چانورن جو شراب ٺاهڻ سيکاريو. سندس راڻي روح ’جاهرايرا‘ يعني وڻن جا گھاٽا جھڳٽا يا گھاٽو جھنگ به تمام هڏڏوکي ۽ مهربان آهي. اهي سال ۾ هڪ ڀيرو اهڙن خاص ڏهاڙن تي ڄمڻ، مرڻ ۽ شادي ڪرڻ جون ڪيتريون ئي مذهبي رسمون هڪ ئي وقت ادا ڪندا آهن. ان سان گڏوگڌ باسون به باسيندا آهن ۽ پنهنجي ڪڙم قبيلي، جانورن ۽ پکين جي حفاظت لاءِ دعا گهرندا آهن. سندن مذهبي پيشوا مرد ماڻهو هوندو آهي، جيڪو هڪ ئي وقت پنڊت، پروهت سان گڏوگڏ تمام وڏو حڪيم ۽ ويڄ به هوندو آهي، جيڪو سندن مذهبي رسمن جي ادائيگي ڪرائڻ کان علاوه کين اڳڪٿيون ٻڌائيندو آهي ۽ کين ڪيترائي ڪرشماتي عمل يا معجزا پڻ ڪري ڏيکاريندو رهي ٿو. سنٿالن کان علاوه ڪجھه ٻين هيٺئين طبقي سان تعلق رکندڙ مختلف قبيلن مان جهڙوڪ کاريا، منڊا ۽ اورائون به ساڳيا ئي عقيدو رکندا آهن.
موجوده وقت ۾ هي قبيلو تمام گھڻو اڳتي ترقيءَ ڏانهن اسري چڪو آهي. هن وقت سنٿال حڪومت جي هر هڪ شعبي ۽ کاتي ۾ ڏٺا وڃن ٿا. انهن مان ڪيترائي ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ سرڪاري ملازم آهن.سنٿالي ثقافت ڪيترن ئي سالن کان عالمن ۽ اينٿروپالاجيءَ جي ماهرن جي ڌيان جو مرڪز پڻ رهي آهي. سنٿالي ثقافت جو هڪ حصو سنٿالي ٻولي آهي، جنهن ۾ ڪيترو ئي زرخيز ادب سمايل آهي. هن ٻوليءَ ۾ لوڪ شاعري ۽ لوڪ ڪهاڻين جو تمام وڏو حصو اچي وڃي ٿو. سندن روايتي ۽ مذهبي ڏندڪٿائون، جن ۾ سندن ابن ڏاڏن جي ڪارنامن جو ذڪر آهي، انهن جا نالا ’پيلڪو هرام‘ ۽ ’پيلڪلو ڀودي‘ آهن. سنٿالي چترڪاريءَ جي فن ۾ به ماهر آهن، سندن گھرن ۾ تمام خوبصورت نقش نگاري ٿيل هوندي آهي. چترڪاريءَ جو اهو فن قديم زماني کان وٺي هلندو اچي پيو.
سنٿال قبيلي ۾ سڀ کان اهم ناچ، راڳ ۽ ساز آهن، جنهن ۾ اهي فنڪاراڻي حيثيت سبب تمام گھڻا مشهور آهن. سندن لوڪ گيت ۽ ناچ، سندن خوشين جو اظهار ۽ تهوارن جي ريتن ۽ رسمن جو خاص پهلو آهن. سنٿال پنهنجا لوڪ گيت ۽ لوڪ ناچ گڏيل نموني سان ادا ڪندا آهن. اهڙا لوڪ گيت ۽ لوڪ رقص خاص مذهبي ڏهاڙن، موسمي تهوارن، خوشيءَ جي موقعن ۽ شادي مراديءَ جي وقتن ۾ پيش ڪيا ويندا آهن. راڳ ۽ ناچ کانسواءِ سنٿالي موسيقي به تمام گھڻي مشهور آهي، سنٿالي موسيقيءَ ۾ ٽن اعلى ترين خوبين وارا ساز استعمال ڪيا ويندا آهن. ان ۾ ٻه خاص قسم جا دهل آهن، جن کي ’تمدا‘ ۽ ’تمڪ‘ چئبو آهي. ان کانسواءِ هڪ قسم بانس جي بانسريءَ جو ٿئي ٿو.سنٿالي مرد توڙي عورتون گڏيل نموني سان ساز ۽ گيت جي سر ۽ تال تي گھيري جي صورت ۾ رقص ڪندا آهن. اهو چونڪ يا ڏونڪ سان وڄندڙ منفرد ۽ دل لڀائيندڙ موسيقي يا ترنم هوندو آهي، جنهن ۾ مرد ۽ عورتون گڏيل يا الڳ الڳ ٽولن جي صورت ۾، گول دائري ۾ پنهنجي فن جا ڪرتب ڏيکاريندا آهن. سنٿالي مرد ۽ عورتون گڏجي به رقص ڪندا آهن ته سندن الڳ الڳ رقص به ٿئي ٿو. گھڻو ڪري ڪيترائي لوڪ رقص مرد ادا ڪندا آهن. انهيءَ ناچ جا ڪيترائي نمونا ۽ طريقا ٿين ٿا، جيڪي موقعي جي مناسبت سان ڪيا ويندا آهن.
سنٿال قبيلي جي خاص تهوارن تي ديسي ناچ ڪيو ويندو آهي، جيڪو مرد ڪندا آهن. ان ۾ وڏي پئماني تي سال ۾ هڪ ڀيرو ’گلوري‘ ۽ ’همٽي‘ ناچ ڪيا وڃن ٿا، جڏهن ته ’بها‘ ۽ ’سوهورائي‘ ناچ هر موسم جي پڄاڻي ۽ هر نئين موسم جي آغاز جي تهوارن ۾ ڪيا ويندا آهن. ان کان علاوه ٻيا به ڪيترائي ناچ جا قسم آهن، جيئن: شادي مراديءَ جي موقعن تي ’ڊونگ‘ ناچ ڪيو ويندو آهي. اهو ناچ خاص ڪري ٻين سماجي رسمن ۽ خوشيءَ جي موقعن تي پڻ ڪيو وڃي ٿو. ان کانسواءِ سنٿالي ناچ جا ٻه مشهور قسم ’رنجھا‘ ۽ ’جھڪا‘ آهن، جيڪي پڻ خوشيءَ جي موقعن تي ڪيا وڃن ٿا. عورتون خاص ڪري شادي مراديءَ جي موقعن ۽ مذهبي رسمن جي ڪن موقعن تي گڏجي رقص ڪنديون آهن.
سنٿالي ناچ وقت ڳائجندڙ گيتن کي عام طور تي ’سيرنگ‘ چيو وڃي ٿو. اهي لوڪ گيت ساز سان هم آهنگ ٿي ڳائبا آهن ۽ گڏوگڏ رقص به ڪيو ويندو آهي. هتي ڪولهي به اهڙو ناچ ڪندا آهن ۽ اهي ان ناچ سان گڏوگڏ دهل جي ٽاپ تي ’راسوڙا‘ به ڳائيندا آهن. ان کان سواءِ سنٿالن جا ڪجھه لوڪ گيت کيتي واهيءَ جو پڙلاءُ آهن، جيڪي ٻني ٻاري جي ڪم دوران ڳايا وڃن ٿا. اونهاري جي شام مهل ’گم سيرنگ‘ نالي لوڪ گيت ڳايو وڃي ٿو جيڪو پڻ سنٿالن جو راحت ڀريو ۽ سڪون ڏيندڙ گيت آهي.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *