تازا ترين
  • *سانگهڙ جي عدالت ننڍي عمر جي ٻارڙي جي شادي روڪي ڇڏي، ٻارڙي کي وارثن حوالي ڪرڻ جو حڪم*
  • *نيب چيئرمين جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب هيڊ ڪوارٽرز ۾ وڊيو لنڪ اجلاس *اجلاس ۾ ڊي جي بيورو لاهور، ڊي جي راولپنڊي به شريڪ * اجلا س ۾ ميگا ڪرپشن ڪيسز ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو پيو وڃي: ذريعا*
  • *سنڌ اندر آپگهات جا واقعا: مقصودو رند ۽ غوثپور ڀرسان ناري ۽ نوجوان حياتيون وڃائي ويٺا*
  • *قمبر: ميراڻي محلي ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب پنج گهر سڙي رک ٿي ويا *باهه سبب محمد خان، سڪندر، عبدالغني، عمر ۽ گل محمد ميربحر جا گهر سڙي رک *باهه سبب پنج موٽر سائيڪلون، ھنڌبسترا، اناج ۽ ٻيو سامان سڙي ويو: متاثر*
  • *نصيرآباد جي ڊاڪٽر ڪمليش کي ڪورونا وائرس جي تصديق* ڪورونا رپورٽ پازيٽو اچڻ کانپوءِ ڊاڪٽر پاڻ کي گهر ۾ آئسوليٽ ڪري ڇڏيو*
  • *مدئجي ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف پاران شڪارپور پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو *پيراميڊيڪل اڳواڻ اورنگزيب شر جي موٽرسائيڪل چوري ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو *سول اسپتال شڪارپور مان سازش تحت موٽرسائيڪل چوري ٿي آهي: اڳواڻ *
  • *هالاڻي ويجهو زمين جي معاملي تان مامن ۽ ڀاڻيجن ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا زخمي *ڳوٺ احمد خان گوپانگ ۾ جهيڙي دوران ڌرين لٺين ۽ سروٽن جو وسڪارو لائي ڏنو *جهيڙي ۾ زخمي ٿيل 5 ڄڻن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *
  • *سنڌڙي ڀرسان بااثر پورهيت کي تشدد ڪرڻ کانپوءِ هٿ پير ٻڌي واهه ۾ اڇلائي ڇڏيو، زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *پي آءِ ڊي بم ڌماڪو: بري ٿيل جوابدار کي ايم پي او تحت بند ڪرڻ خلاف درخواست تي سنڌ پوليس ۽ آءِ جي جيل کان تفصيل طلب*
  • *سرحد واسي پوليس اهلڪار سکر ۾ ڊيوٽي دوران فوت ٿي ويو*
  • *ٺڪراٺو: ڳوٺ جان محمد مهتم واسي عورتن جو پوليس جي مبينا تشدد خلاف احتجاج *زخمي مائي جيوڻ، رخسانه، موران، گل خاتون ۽ ٻين عورتن جي پوليس خلاف نعريبازي *پوليس اسان کي تشدد جو نشانو بڻائي 8 بيگناهه ڳوٺاڻن کي کنڀي وئي: عورتون*
  • *صالح پٽ پوليس پاران عيد ڏهاڙي داد لغاري مان اغوا ٿيل پورهيت بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ*
  • *ڄام نواز علي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پني عاقل ۾ به نوجوان قتل*

سلطنت عثمانيه جون طاقتور ملڪائون …سنڌيڪار سارنگ خاصخيلي

16 هين صدي ۾ عثماني سلطنت دنيا جي وڏي حصي تي پنهنجي حڪمراني جو ڌاڪو ڄمائي چڪي هئي. 1520ع ۾ جڏهن سلطان سليمان کي سلطنت جي 10 هين حڪمران طور حڪمراني جو تاج پارايو ويو ته ان وقت سندس حڪمراني هيٺ اوڀر ڀونوچ سمنڊ ۽ ڪاري سمنڊ جا سامونڊي علائقا ۽ يورپ جو ڏکڻ اوڀر وارو حصو شامل هو. سندس حڪمراني بلغراد ۽ ڀونوچ سمنڊ ۾ رهوڊز جي ٻيٽ جي فتح سان شروع ٿي اولهه ۾ يورپ ۽ اوڀر ۾ ايشيا تائين ڦهلجي وئي. ان وسيع علائقي تي سلطان سليمان لڳ ڀڳ 50 سال حڪمراني ڪئي سندس جاهه و جلال پوري دنيا ۾ قائم رهيو پر ڪنهنکي به خبر نه هئي ته سندس ان جاهه و جلال کي هڪ ڪنيز اڳيان ڪمزور ٿيئڻو پوندو. جيتوڻيڪ سندس حرم ۾ ان کان اڳ به ڪيتريون ئي ڪنيزون آيون ۽ انهن مان کيس اولاد به ٿيو پر جنهن ڪنيز سلطان کي بيوس ڪري ڇڏيو ان کي خرم سلطان جو نالو ڏنو ويو جنهن کي تي اڄ حوريم سلطان طور ياد ڪيو وڃي ٿو.
حوريم سلطان
سلطان سليمان جي زندگي ۾ حوريم سلطان جي آمد بعد عثمانيه سلطنت ۾ پهريون ڀيرو ڪنيز کي ملڪه جو عهدو ڏنو ويو اهڙي ريت حوريم سلطان عثمانيه سلطنت جي پهرين ملڪه بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪيو. حوريم سلطان کانپوءِ عثماني سلطنت ۾ عورتن جي حڪمراني جو دور شروع ٿيو جيڪو سن 1520 کان وٺي 17 هين صدي جي وچ ڌاري قسم سلطان جي موت تائين قائم رهيو، اهو سمورو دور حرم دل وندرائڻ نه پر سياست جو مرڪز رهيو جٿي خانداني فيصلن سان گڏ اهم سياسي فيصلا به ڪيا ويندا هئا. ڪنيزن جي حڪمراني واري ان دور جون 4 اهم ڪردار حوريم سلطان سندس ننهن نور بانو سلطان ان جي ننهن صفيه سلطان ۽ سندس پوٽي سلطان احمد اول جي پسنديده ڪنيز قسم سلطان هيون.
حوريم سلطان جو تعلق يوڪرين جي علائقي رٿينيا سان هو جيڪو ان وقت پولينڊ جو حصو هو، حوريم جو اصل نالو روڪسيلانا هو کيس 12 ورهين جي عمر ۾ ڪريميا جي تاتارين اغوا ڪري استنبول اماڻي ڇڏيو هو جٿان کيس شاهي حرم ۾ آڻي شاهي تربيت ڏني وئي سندس خوش مزاج طبيعت ۽ هر وقت مسڪراهٽون پکيڙڻ سبب خرم جو نالو ڏنو ويو.سلطان سليمان سندس عشق ۾ گرفتار ٿيڻ بعد کيس ملڪه بڻايو ان وقت خرم جي عمر 17 سال ۽ سلطان سليمان جي عمر 26 سال هئي، 1521ع ۾ کيس پهريون پٽ ڄائو بعد ۾ کيس 4 پٽ ۽ هڪ نياڻي ڄائي، سلطان سليمان خرم کانپوءِ ٻئي ڪنهن به ڪنيز کي پنهنجي ويجهو نه آندو جنهن سبب عثماني سلطنت ۾ ڪنيزون رکڻ بدران ملڪه رکڻ جو رواج پيو.
نور بانو سلطان
حوريم سلطان جي پٽ سليم جي پسنديده ڪنيز نور بانو جو اصل نالو سيسيليا هو هو وينس جي ٻن اعليٰ خاندانن جي ميمبرن جي بنا شادي ذريعي ڄايل نياڻي هئي،عثماني ايڊمرل باربروسا جي قبضي هيٺ اچڻ بعد سيسيليا 12 ورهين جي عمر ۾ غلام جي حيثيت ۾ حرم جو حصو بڻي سندس خوبصورتي سلطان سليم کي موهي وڌو ۽ هن به پنهنجي والد جي نقش قدم تي هلندي سيسيليا سان شادي ڪئي کيس نور بانو سلطان جو نالو ڏئي ملڪه بڻايو ويو، نوربانو سلطان به حوريم سلطان جيان عثمانيه سلطنت جي طاقتور ترين ملڪه رهي سندس دور ۾ به حرم سياست جو مرڪز رهيو.
صفيه سلطان
سن 1574ع ۾ جڏهن سلطان سليم لاڏاڻو ڪيو ته سندس پٽ مراد سلطان کي حڪمراني جو تاج پارايو ويو، صفيه سلطان سندس پسنديده ڪنيز هئي جيڪا البانيا مان قيدي بڻجي شاهي حرم تائين پهتي هئي، نور بانو ۽ صفيه سلطان ان دور جو حصو هيون جڏهن والدا سلطان جو عهدو گهڻي اهميت اختيار ڪري چڪو هو. عثماني سلطنت جي تاريخ ۾ ماءُ ۽ پٽ جو تعلق هميشه سياسي طور تي اهم هو پر ان کي باقاعدا طور قبول 16 هين صدي جي پڄائي تي ڪيو ويو، جيتوڻيڪ اهي شاهي مائون سڌو سنئون اقتدار جو حق نه رکنديون هيون پر اهي ان اقتدار جون نگران ضرور هيون.
قسم سلطان
1603ع ۾ سلطنت عثمانيه جي حڪمراني جو تاج سلطان احمد اول کي پارايو ويو. سلطان احمد لاءِ يونان جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ مان تحفي طور هڪ ڪنيز کي محل ۾ آندو ويو ڪنهنکي به خبر نه هئي ته اها سنهڙي سيپڪڙي انساتاسيا نالي ڪنيز عثماني سلطنت جي سڀ کان طاقتور ملڪه بڻجي سامهون ايندي. انساتاسيا کي سلطان احمد اول شادي ڪرڻ بعد قسم سلطان جو نالو ڏئي ملڪه بڻايو. هو سلطان جي ٻن پٽن سلطان مراد ۽ سلطان ابراهيم جي ماءُ بڻي جڏهن ته سلطان احمد اول جي لاڏاڻي کانپوءِ به کيس 28 سالن تائين عثمانيه سلطنت جي طاقتور ترين عورت رهي ڇاڪاڻ ته سلطان احمد جي لاڏاڻي بعد سندس ٻئي پٽ سلطان مراد ۽ سلطان ابراهيم اقتدار تي ويٺا ٻنهي پٽن جي اقتدار واري دور ۾ به حرم ۾ ٿيندڙ سياسي فيصلن ۾ قسم سلطان جو مرڪزي ڪردار رهيو.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *