تازا ترين
  • محسن داوڙ ڪجهه ڪلاڪ جي حراست بعد آزاد، منظور پشتين جي ضمانت واري درخواست رد*
  • سنڌ هاءِ ڪورٽ: پوليس آفيسرن جون بدليون غيرقانوني قرار*خادم حسين ۽ ڊاڪٽر رضوان جي بدلين ۾ پوليس جي ايڪٽ جي آرٽيڪل 17 جي ڀڃڪڙي ٿي آهي:عدالت*

سقراط فلسفي جي ميدان جو پهريون شهيد! ………ادريس لغاري ايڊووڪيٽ

سقراط 469 ق م ۾ ايٿنز ۾ پيدا ٿيو ۽ 399 ق م ۾ هن کي زهر جو پيالو پياري شهيد ڪيو ويو. سقراط پنهنجي سڄي زندگي ۾ هڪ ڪتاب به نه لکيو. اسان کي سقراط جي باري ۾ جيڪا ڄاڻ ملي ٿي، اها هن جي شاگردن ذريعي ملي ٿي، هن جي شاگردن ۾ افلاطون ۽ ٻيو زينوفين. ٻئي شاگرد چون ٿا ته سقراط بلڪل به سهڻو نه هو.
سقراط يونان ۾ ڪلاسيڪل فلسفي جو بنياد وڌو يا ڪلاسيڪل دور جا سڀ فلاسفر سقراط کان سڌي يا اڻ سڌي طرح متاثر رهيا آهن. مثال طور، اسٽوئيڪس، سنينڪس، اسڪيپٽيڪس، ايپيوڪيرين وغيره.
سقراط سان فلاسفي جو هڪ نئون دور شروع ٿئي ٿو. هن کي مغرب جي سياسي ۽ فلسفي جي شعبي جو باني چيو ويندو آهي. سقراط جي ڊائيلاٽڪس کي جديد دور جي بنياد سمجهيو ويندو آهي. اڳتي هلي انهي جو تعليم تي به وڏو اثر ٿيو. ڇو ته سقراط جي ڊائيلاٽڪس سوال ۽ جواب جي صورت ۾ بحث کي اڳتي وڌائي صحيح نتيجي تائين پهچائي ٿي ۽ تنقيدي سوچ کي اڳتي وڌائي ٿي.
سقراط 3 عورتن کان متاثر ٿيو. سڀ کان پهرين هو پنهنجي ماءُ جو ذڪر ڪري ٿو. هن جي ماءُ دائي هئي. ڊائيو ٽما جيڪا پريسٽ هئي. هو چوندو هو ته جيڪو ڪجهه آئون پيار ۽ محبت متعلق ڄاڻان ٿو، اهو ان عورت کان سکيو آهيان. ٻيو پيري ڪليز جي گهرواري کان جنهن کان هو تقرير، بحث ۽ گفتگو جو فن سکيو. سقراط چوندو ته هن وٽ علم غيب مان اچي ٿو. هو پنهنجي جواني ۾ پٿر تراش ڪندو هو. هن ڪڏهن به پئسا وٺي نه پڙهايو. هو سوفسٽ جي اهڙي عمل کان سخت نفرت ڪندو هو. پئسا وٺي پڙهائڻ يعني مزدوري ڪرڻ سٺي ماڻهو جو ڪم ناهي. هن ۾ اهڙي سوچ اشرافيه طبقي جي ڪري هئي. هن جي سوچ ٿوري گهڻي اشرافيه سان ملندڙ جلندڙ هئي.
پر هو پنهنجي زندگي انتهائي سادي انداز سان گذاريندو هو. عام ڊيموس وانگر رهندو هو. ايتري قدر هو پيرن ۾ چپل به نه پائيندو هو. پنهنجي جواني کان وٺي هو بهادر سمجهيو ويندو هو. جواني ۾ هن ٽن وڏين جنگين ۾ به حصو ورتو. سقراط کان اڳ فلسفي جا موضوع ڪائنات ۽ فطرت جي چوگرد گهمندا هئا. هن فلسفي جو موضوع عام ماڻهن جي زندگي سان تعلق رکندڙ نهايت اهم ۽ بنيادي سوالن طرف ڪري ڇڏيو. هاڻي سقراط جيڪي بنيادي سوال پڇي رهيو هو، اهي هي نه هئا ته چنڊ، سج يا تارا ڪيئن ۽ ڇا جي ڪري چمڪي رهيا آهن؟ يا حسابن ۾ ڇا پيو ٿئي؟ يا ايٽم ڇا آهي ؟ پر هن اهي سوال پڇيا ته سٺائي ڇا آهي؟ زندگي جو مقصد ڪهڙو آهي؟ يعني سقراط اخلاق جا سوال پڇيا، ظاهر آهي ته جيڪي سوال اخلاقيات جا هئا اهي سياسي به هئا، ته ذاتي، انفرادي ۽ اجتمائي سوال به هئا، اهي بنيادي سوال هئا ته سماج کي ڪيئن منظم هئڻ گهرجي. انسان کي ڪهڙي شئي لاءِ جدجهد ڪرڻ گهرجي؟ هو چوندو هو ته اٿينز جا ماڻهو هڪ مست گهوڙي جيان ننڊ ۾ پيا آهن منهنجو ڪم آهي ان مکي جيان ڪردار ادا ڪريان جيڪا گهوڙي کي سمهڻ نه ڏيندي آهي. يعني منهنجو ڪم ئي سماج کي تنگ ڪرڻ يعني ان کي جڳائڻ آهي. اهو فقط ۽ فقط اهڙا سوال پڇڻ جي ذريعي، جن جا سماج جواب نه ڏيڻ چاهي. جڏهن سقراط اهڙا ڏکيا سوال پڇڻ شروع ڪيا ته ايٿنز جو سماج ان مان ناخوش ٿيو ۽ ايتري قدر ناخوش ٿيو جو سقراط کي موت جي سزا ڏني وئي.
سقراط جو اخلاق ۽ هن فلسفي جي حوالي سان بنيادي تصور هي هو تهvirtue is knowledge يعني سٺائي صرف ئي صرف علم ۾ آهي. علم حاصل ڪرڻ ئي زندگي جو مقصد آهي. هو چوندو هو ته دولت يا شهرت جي پويان ڀڄڻ هڪ مصنوعي شئي جي پويان ڀڄڻ جي برابر آهي.
سقراط چوندو هو ته ڪوبه ماڻهو شعوري طور خراب ڪم نٿو ڪري. هو خراب ڪم تڏهن ٿو ڪري جو هن وٽ علم ڪونهي. جهالت ئي آهي جيڪا ماڻهو کي خرابي ڏانهن وٺي وڃي ٿي ۽ علم انسان کي سٺائي طرف وٺي وڃي ٿو.
هن جيڪي سوال پڇيا هئا اهي اخلاقيات جي حوالي سان هئا ۽ قديم يونان ۾ اخلاقيات ۽ سياست جو پاڻ ۾ تمام گهرو تعلق هو. هن جڏهن سوال پڇڻ شروع ڪيا ته اتي چيو ويو ته هو ماڻهن کي گمراهه ڪري رهيو آهي. هو اسان جي سڀني روايتن، مذهبن ۽ قدرن ۽ اصولن ۽ قانونن کي چئلينج ڪري رهيو آهي. ڄڻ ته هڪ قسم جو انقلاب آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.
399 ق ۾ م هن تي ڪيس هليو. سقراط تي الزام هو ته هن نواجوانن کي گمراهه ڪيو آهي، رياست جا جيڪي اصول، قاعده ۽ اتي جا جيڪي خدا آهن هو نوجوانن کي انهن جي خلاف ورغلائي پيو. اسان وٽ عام طرح ججن جي جيڪا جيوري هوندي آهي، ان ۾ ته 12 کان 13 ماڻهو هوندا آهن پر اتي ايٿنز جي ڪورٽن ۾ تقريبن 500 جج هوندا هئا. 500 ماڻهن جي سامهون ملزم کي پنهنجو نقطهءَ نظر پيش ڪرڻو پوندو هو. هن ڇا ڪيو جو اهي 500 ماڻهن جي جيوري جي سامهون پنهنجو ڪيس وڙهڻ يا ان جو دفاع ڪرڻ جي بدران انهن کان ايٿنز جي سياست، قدرن ۽ نظام بابت ۽ انهن جي سوچ بابت وڌيڪ سوال ڪيا. اهڙن سوالن سان سقراط کين وڌيڪ چيڙائي وڌو. هن تي الزام ثابت ٿيا. روايت مطابق هن کي ٻه آپشن ڏنا ويا ته هو ايٿنز ڇڏي ٻئي ڪنهن ملڪ ۾ هليو وڃي يا زهر پي پنهنجي حياتي ختم ڪري، ان کان پهرين انيگزا گورس اهڙن الزامن جي ڪري ايٿنز ڇڏي ويو هو، پر سقراط چيو ته منهنجي جيڪا حياتي بچي وئي آهي حڪومت مون کي مرڻ تائين کاڌو ۽ ان سان گڏ وظيفو به ڏي ڇو ته آئون ايٿنز جو خيرخواهه آهيان.
هتي سوال آهي ته سقراط ڇو جلاوطني کي قبول نه ڪئي؟ سقراط جو خيال هو ته جيڪو ماڻهو واقعي سچو فلاسفر آهي ۽ علم سان پيار ڪري ٿو، اهو ڪڏهن به موت کان دڄي نٿو سگهي. ٻيو هن سوچيو ته جي هو ايٿنز کان ڪنهن ٻئي ملڪ وڃي ٿو، تڏهن به اتي اهي ساڳيا سوال پڇندو ۽ اهڙي طرح اتي به هن کي اهي مسئلا درپيش ايندا. ٽيون ته پنهنجي حياتي قربان ڪري هن ثابت ڪرڻ پئي چاهيو ته ايٿنز جا قانون ۽ اصول غلط آهن. هن صرف علم خاطر پنهنجي جان قربان ڪري ڇڏي. ان کان اڳ ۾ ڪوبه فلاسفر شهيد نه ڪيو ويو هو.



This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *