تازا ترين
  • ڪوٽڙي: نوري آباد سپر هاءِ وي تي مسافر وين کي باهه: 9 ڄڻا سڙي فوت: ترجمان موٽروي*
  • *عادلپور ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت *ڳوٺ رمضان ڪولاچي ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 35ورهين جو عبدالقدوس ڪولاچي فوت ٿي ويو*
  • *حيدرآباد: ڪسٽم انٽيلينجس جي سعيد آباد ۾ ڪارروائي، انڊيا کان اسمگل ٿيل آرٽيفيشل جيولري هٿ *اسمگلر آرٽيفيشل جيولري کي چين جي ظاهر ڪئي: ڪسٽم: ذريعا *آرٽيفيشل جيولري اصل انڊيا کان اسمگل ڪئي وئي آهي:ڪسٽم ذريعا *آرٽيفيشل جيولري جي ماليت تقريبن 29ملين رپيا آهي:ڪسٽم ذريعا *
  • *ملڪاڻي شريف: ايل بي اوڊي سم نالي سميت ننڊن ٻين نالن کي لڳل گھارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو *گهارن سبب سوين ڪچا گھر ڪري پيا، سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه *پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف سنڌ آبادگار ۽ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جي اڳواڻي ۾ احتجاج *پاڻي نيڪال جا لنگھه بند ٿيڻ ڪري ھر سال برساتن دوران نقصان ٿيندو آهي: احتجاج ڪندڙ*
  • *ميرپورخاص ۾ ٻوڏ متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج، راشن من پسند ماڻهن ۾ ورهائڻ جا الزام *فاقا ڪشي واري زندگي گهاري رهيا آهيون، واهر ڪئي وڃي: احتجاج ڪندڙ ٻوڏ متاثر*
  • *نوشهروفيروز: ڀرٽ ۽ سولنگي تڪرار کي ختم ڪرائڻ لاءِ وڪيلن جو منٿ ميڙ قافلو سولنگين وٽ پھتو *قافلو پهرين مرحلي ۾ سولنگي برادري وٽ مناهي پهتو، سولنگي برادري پاران مھلت طلب *سولنگي ۽ ڀرٽ ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ۾ هن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا 4 ڄڻا قتل ٿي چڪا*
  • *کپرو: نوجوان شھريار قائم خاني جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو احتجاجي مظاهرو *هڪ مهينو گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس قاتلن کي پروٽوڪول ڏئي رهي آهي: پيءُ علي قائمخاني*
  • *جوهي ۾ بدامني خلاف شهرين جو ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو *ٻوڏ جي ماريل ماڻهن جو ڏوهارين به جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس ۾ ساٿاري ۽ ڀوتارن جي پٺڀرائي هجڻ ڪري ڏوهاري سرعام گهمي رهيا آهن: احتجاج ڪندڙ *
  • *جاتي: برساتن کانپوءِ گندو پاڻي واپرائڻ سبب گيسٽرو جي مرش ۾ واڌ، اسپتال ۾ دوائن ۽ بيڊن جي کوٽ *اسپتال ۾ بيڊن جي کوٽ سبب مريض وارڊن ۾ فرش تي پيل، دوائون نه ملڻ جون به دانهون *
  • *ڄامشورو: بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف جدوجهد ڪميٽي پاران 24 ڪلاڪن واري علامتي بک هڙتالي ڪئمپ قائم *ڄامشورو اوور هيڊ برج هيٺيان لڳايل ڪئمپ ۾ وڏي انگ ۾ سياسي توڙي سماجي اڳواڻ ۽ شهري شريڪ *ڪامورن علمي درسگاهن جي شهرکي تباهه ڪري ڇڏيو آهي: اڳواڻ *شهر ۾ پاڻي جي کوٽ سميت رستن ۽ گهٽين ۾ گندگي جا ڍير لڳل آهن:احتجاج ڪندڙ *شهر مان اڃا تائين برساتي پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگهيو، ضلعي انتظاميا ڪو ترقياتي ڪم ناهي ڪرايو: اڳواڻ*
  • *سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران تيار ڪيل نائين ڪلاس جو بائلاجي ڪتاب ۾ ڇپيل سيليبس ۽ بورڊ طرفان ڏنل سيليبس ۾ فرق *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سيليبس ڪتاب ۾ موجود ئي نه آهن: استاد *سيليبس ۾ فرق هئڻ ڪري اسڪولن جا شاگرد ۽ استاد پريشان *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جي ڪتابن جي کوٽ*
  • *اسلام آباد: ام رباب جي ٽن گهرڀاتين جو قتل ڪيس، سپريم ڪورٽ پاران روپوش جوابدار گرفتار ڪرڻ جو حڪم *چيف جسٽس جي سربراهي ۾3 رڪني بينچ 24 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو حڪم نامو جاري ڪيو *عدالت پاران ڊي آءِ جي حيدرآباد پاران پيش ڪيل رپورٽ تي عدم اطمينان جو اظهار *ڊي آءِ جي ايندڙ ٻڌڻي تي روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪري عدالت کي آگاهه ڪري: حڪم نامو*
  • *اسلام آباد: بحريا ٽائون ڪراچي پاران قسطن جي ادائيگي لاءِ 2 سال مهلت گهرڻ بابت ڪيس جو حڪم نامو جاري *سپريم ڪورٽ 16 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو تحريري حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *بحريا ٽائون جي وڪيل پاران درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي ڪيس اڪلايو ويو آهي: حڪم نامو *بحريا ٽائون 460 ارب رپيا ادا ڪرڻ لاءِ قسطن ۾ٻن سالن تائين مهلت گهري هئي *
  • *عمرڪوٽ ويجهو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، 27 هاري بازياب *ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ جي حڪم تي پوليس ڪارروائي ڪئي *بازياب ڪرايل هاري فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج عمرڪوٽ جي عدالت ۾پيش *
  • *حيدرآباد تعليمي بورڊ ڏهين جماعت جي 2020 جي نتيجا جاري ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڏهين جماعت جي سائنس ۽ جنرل گروپ جا نتيجا اڄ شام 5وڳي جاري ڪيا ويندا*

سقراط صبر، تحمل ۽ برداشت جو وڏو داعي هيو…يوسف جميل لغاري

يونان جي ڏاهي ۽ دنيا جي عظيم فلسفي سقراط جي زندگي جا گهڻا ئي پهلو آهن. سندس زندگي ۽ فڪر توڙي فلسفي تي اڄ تائين جيترو ڪجهھ به لکيو ويو آهي. آئون سمجهان ٿو اُهو گهٽ آهي. ڇو ته سقراط ماڻهن کي نه صرف سوچڻ ۽ سمجهڻ جا نوان گس فراهم ڪيا پر انهي سان گڏوگڏ سندس زندگي جا ڪجھه اصول ۽ ضابطه به هيا جن سان اُن پنهنجي پاڻ کي ٻين مفڪرن کان الڳ ثابت ڪيو. اهڙن ئي اصولن مان سندس ڪجهھ اصول پنهنجي قائم ڪيل درسگاھه لاءِ به مقرر ٿيل هيا. جن منجهان پهريون اصول اِهو هيو ته” ٻين کي مڪمل ڌيان سان ٻڌو، ڇو ته بقول سقراط ته برداشت معاشري جو روح آهي ۽ جنهن معاشري جي ماڻهن مان برداشت ختم ٿي ويندي آهي. اُهو معاشرو انتشارن جي ور چڙهي ويندو آهي ۽ اُنهي معاشري ۾ ترقي پسند سوچ پنهنجو سفر مڪمل نه ڪري سگهندي آهي.
اڪثر ٿيندو ائين آهي ته پاڻ وٽ وڏا، وڏا مفڪر ۽ دانشور هجڻ جا دعويدار به ڪنهن وقت وائڙائپ جو شڪار ٿي ويندا آهن ۽ ڪنهن ننڍڙي نقطه چيني يا طنز تي باھه وانگر ڀڙڪو ڏئي اٿندا آهن جنهن سبب انهن جي ڏاهپ جو ڪچو چٺو واضع ٿي پوندو آهي. سقراط جي درسگاھه ۾ ايندڙ هر هڪ ماڻهو هڪ ٻي کي صبر ۽ تحمل سان ٻُڌندا هئا. جيڪڏهن اُنهن مان ڪو ماڻهو وڏي آواز سان ڳالهائيندو هو يا وري ڪنهن کي گار گند ڪندو هو ته اُنهي ماڻهو کي سقراط جي درسگاھه کان تڙي ٻاهر ڪڍيو ويندو هو ۽ سندس ٻيهر اچڻ تي پابندي لاڳو ڪئي ويندي هئي. سقراط چوندو هو ته
اختلاف، دليل ۽ منطق پڙهڻ لکيل ماڻهن جو ڪم آهي ۽ هي فن جيستائين پڙهيل لکيل ماڻهن تائين رهندو، تيستائين معاشرو ترقي ڪندو رهندو ۽ جنهن وقت هي فن گهٽ پڙهيل ماڻهن جي هٿ چڙهي ويو، اُنهي مهل معاشري جي ترقي اڳيان ٻُنڌو اچي ويندو ۽ معاشرو پنهنجي ارتقا جو سفر مڪمل نه ڪري سگهندو. سقراط صبر، تحمل ۽ برداشت جو وڏو داعي هو.
اختلاف رکڻ ۽ مخالفت ڪرڻ ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي. ڪنهن ماڻهو جي ڳالھه کي منطقي دليلن جي عيوض رد ڪرڻ کي اختلاف چئبو آهي ۽ ڪنهن ڳالھه کي بنا ڪنهن سبب جي يا دليلن جي نه مڃڻ يا رد ڪرڻ کي مخالفت چئبو آهي. اختلاف رکڻ اهل علم ماڻهن جو ڪم آهي ۽ مخالفت ڪرڻ جاهل ماڻهن جو پسنديده مشغلو آهي. سقراط سان سندس زماني ۾ اهل علم ماڻهو اختلاف رکندا هئا ۽ اِها الڳ ڳالهھ آهي ته کيس هارائي نه سگهندا هئا ڇو ته سقراط جي سوچڻ جو طريقو انهن جي سوچڻ جي طريقي کان بنهھ الڳ هوندو هو ۽ سقراط جي پيش ڪيل دليلن جي سامهون انهن جا دليل رد ٿي ويندا هئا. جنهن ڳالهھ کي اُن وقت جا اهل علم به تسليم ڪندڙ هئا. باقي جن ماڻهن کي سقراط جي شخصيت ۽ سندس فلسفي سان دلي طور ساڙ ۽ حسد هميشه رهندو آيو. سي ماڻهو ٻين اڳيان سقراط کي خدا جو انڪاري طور پيش ڪندا هئا ۽ ٻين جي ذهنن ۾ به اِها ڳالھ ڀريندا هئا ته سقراط خدا جو انڪاري آهي ۽ نوجوانن کي ورغلائي ٿو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *