تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

سفرنامو (حصو پهريون) …بسمانيگار کان ايفس شهر تائين …سهيل صديقي

رات جو هڪ بجي اچي استبول ايئرپورٽ تان جهاز ۾ چڙهياسين. مونسان گڏ امجد علي پنهور هو. جيڪو بحرين هوائي اڏي تي مون سان گڏيو هو. پاڻ اصل ڄامشوري سان تعلق رکي ٿو پر گذريل ڏهاڪو سالن کان سعودي عرب جي رياض شهر ۾ پرنسيس نورا يونيورسٽيءَ ۾ ميٽرو سروس جي سارسنڀال جو انجينئر آهي ۽ Hitachi ڪمپني جو ملازم آهي. هن سان ۽ Hitachi ڪمپني سان منهنجي تمام پراڻي ڄاڻ سڄاڻ آهي. مان جڏهن ننڍو هوندو هيس ته اسان جي گهر ۾ هڪ بليڪ ائنڊ وائيٽ ٽيليويزن هوندي هئي. اها ٽيليويزن انهي ڪمپني جي هوندي هئي ۽ چئن پاون تي زمين مٿان بيهي اسان کي تفريح فراهم ڪندي هئي. هاڻي سال ۾ هڪ يا ٻه ڀيرا جڏهن به امجد سان ملاقات ٿيندي آهي ۽ انهي هٽاچي ڪمپني جو ذڪر ٿيندي ئي مونکي پنهنجي ننڍڙائپ سان جُڙيل ٽي وي جو خيال به ضرور ايندو آهي.
خير اسين رات جو لڳ ڀڳ سوا ٻين ڌاري اچي ازمير شهرجي هوائي اڏي تي پهتاسين. شهر جو ايئرپورٽ ننڍڙو پر عمارتسازي جو اعلي مثال هو. انهي ايئرپورٽ جو نالو ترڪي جي اڳوڻي وزير آعظم جي نالي تي ”عدنان ميندرس هواليماني“ رکيو ويو هو. ترڪي ٻولي ۾ هوائي اڏي کي ”هواليماني“ سڏيو وڃي ٿو ۽ جهاز کي اچڪ جيڪو اسين اتي سکياسين. اسان اچڪ تان لهي سامان کڻي هواليماني کان ٻاهر نڪرڻ سان ئي پڇا ڳاڇا ڪرڻ لڳاسين ته ”بسماني يا ”السانجڪ“علايقي جي لاءِ ڪهڙي ۽ ڪٿان گاڏي ويندي. هوائي اڏي جي ٻاهران رات جو ڪافي رش ٿي وئي هئي پر نه گاڏين جو گوڙ هو ۽ نه ئي وري ماڻهن جو ڪو هُل ٻڌڻ ۾ پئي آيو. ماڻهو انتهائي نفاست سان هوائي اڏي مان نڪرندي سامهون بيٺل بسن يا ٽئڪسين ۾ ويهندا پئي ويا. انهن ماڻهن ۾ ڪافي مقامي ترڪ ته ڪافي سياح ٿي لڳا ۽ ڪي جوڙن ۾ ته، ڪي اڪيلا يا وري سموري سنگت سان گڏ هئا. اسان کي سامهون کان ڪجهه Mercedes ڪمپني جون خوبصورت بسون بيٺل نظر آيون.اسان به کڻي الر ڪندي وڃي اانهن مٿانهن پهتاسين ته متان ڪٿي نڪري نه وڃن ۽ اسين اتي ئي بيٺا هجون. آئون ۽ امجد اتي پهچي مختلف ماڻهن کي هٿ ۾ موبائيل کڻي گوگل وسيلي پنهنجي هوٽل واري اسٽاپ جي پڇا پئي ڪندا رهياسين. گهڻي قدر ماڻهن کي انگريزي نه اچڻ ڪري اسان اهو سمجهائي نه پئي سگهياسين ته اسان کي وڃڻو ڪهڙي طرف آهي ۽ شهر جي اسٽاپن جا نالا ترڪي ٻوليءَ ۾ هجڻ ڪري اسان درست نموني اُچاري به نه پئي سگهياسين. نيٺ سامهون هڪ کان پوءِ ٻي ۽ ٽئين بس تائين پهتاسين ته خبر پئي ته اها ئي بس اسان جي گهربل اسٽاپ ڏانهن ويندي. اسين کڻي سنبرجي بس ۾ ويٺاسين. بس ۾ رش هجڻ ڪري امجد ۽ مونکي ٿورو اڳتي پوئتي جڳهه ملي پر اسان ايترو ويجها هئاسين جو هڪٻئي سان سولائي سان ڪچهري ڪري پئي سگهياسين. اسان ٻنهي سنڌي ۾ ڪچهريءَ کي ڇڪي رکيوسين. منهنجي ڀر ۾ ويٺل هڪ همراهه ۽ ٻيا آس پاس وارا وقفي وقفي سان اسان ڏي توجهه ڏئي رهيا هئا. شايد انڪري ته اسان کي جيئن سندن ٻولي سمجهه ۾ نه اچڻ ڪري دٻي ۾ ٺڪريون پئي لڳي، تيئن ئي شايد هنن سان به ائين هو يا وري اسان ٻنهي دوستن جي پاڻ ۾ پري پري کان ڪچهري انهيءَ جو انداز سندن لاءِ ڪا نئين يا اڻوڻدڙ ڳالهه هئي جوسندن ڌيان اسان ڏانهن ڇڪجي پئي ويو.
اسان جو اسٽاپ هوائي اڏي کان لڳ ڀڳ چاليهه منٽن جي مفاصلي تي هو. حالانڪه رات جو وقت هو ۽ روڊ رستا سنسان ۽ ويران هئا پر شهر ڪافي وڏو هجڻ ڪري سفر وڏوهو. سفر دوران منهنجي ڀرسان ويٺل هڪ تُرڪ مون سان ڳالهائيندي پڇو ته توهان ڪٿان آيا آهيو پر سندس انگريزي مونکان به اڀري هئي. سچ پڇو ته ترڪي وڃڻ کان پوءِ مونکي اهو احساس ٿيو ته مونکي به انگريزي اچي ٿي. مون سندس ڳالهه سمجهندي کيس جواب ڏنو ته آئون پاڪستان کان آيو آهيان. اهو ٻڌندي ئي سندس رويو هڪدم مون سان تبديل ٿي ويو ۽ ائين محسوس ٿيڻ لڳو ڄڻ ڪو هي منهنجو پراڻو مائٽ يا واقفڪار هجي. مطلب ته هن جي چهري تي خوشي محسوس پئي ٿي. مون کيس موبائيل ڏيکاريندي پڇو ته اسان کي هن اسٽاپ تي وڃڻو آهي ۽ اتي هوٽل آهي PC boutique Hotel اها ڪٿي پوندي. هن ٻڌايو ته هي گاڏي اتان کان ئي لگهندي مان توهان کان اڳ لهندس پر آئون ڊرائيور کي چوان ٿو ته توهان کي اڳئين اسٽاپ تي لاهي ڇڏي. ائين مڙئي جڏي سڏي نموني اسان جي پاڻ ۾ ڳالهه ٻولهه هلندي رهي. رات جو وقت هو ۽ رستن تي ماڻهو بلڪل نه هئا پر جيئن ئي شهر ۾ داخل ٿياسين ته مسلسل روڊن جي ٻنهي پاسي اسٽريٽ لائيٽس، دڪانن جو بتيون، وڏا وڏا اشتهاري بورڊ مطلب ته هڪ روشن شهر هو ۽ رات جو به سندس خوبصورتي آساني سان ڏسي پئي سگهياسين. رستا، اسٽريٽ لائيٽ، فوٽ پاٿ، ٻوٽا، گل، چوڪ، صفائي مطلب ته ترتيب ۾ شهر جو جنهن کي ڏسي مزو پئي آيو……. هلندڙ

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *