تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

سفرنامو (حصو ٽيون ۽ آخري)…بسمانيگار کان ايفس شهر تائين …سهيل صديقي

سيلجُڪ شهرسلجوڪ سلطانن جي نالي جي پٺيان آهي ۽ جن جي حڪومت سينٽرل ايشيا کان اناتولياهاڻوڪي ترڪي تائين ڦهليل هئي ۽ مسلسل بازنطينين سان جهيڙي ۾ رهيا پر چنگيز خان۽ ان کانپوءِ سندس پوئنرن جي ڪاهن جي ڪري ڪمزور ٿيا. هي لڳ ڀڳ ٻه سال اڌ مسلمان دنيا تي حڪومت ڪندا رهيا. سلجوڪن جي دور ۾ اسلامي شهرن جو وڏو عروج هو.انهن ۾ ثمرقند، بخارا، دمشق ۽ ٻيا ڪيترائي شهر شامل هئا جيڪي وري منگولن جي ڪاهن سبب برباد ٿيا ۽ سلجوڪن جي حڪومت به ڪمزور ٿي. آئون اهي قصا امجد کي ٻڌائيندي اچي سيلجُڪ شهر جي ٻاهران گاڏين جي اسٽاپ تي پهتاسين. جتان اسان کي ڏهن منٽن جي سفر ڪرڻ کانپوءِ ايفس شهر پهتاسين. ايفس يا ايفيسس شهر آثارقديمه جي لحاظ کان تمام مقبول ۽ عيسائين لاءِ وڏي اهميت رکندڙ جڳهه آهي. چيو وڃي ٿو ته انهي ايفس شهر جي ڀرسان هڪ ڪٿيڊرل آهي جتي حضرت عيسيٰ جي ماءُ بيبي مريم پنهنجا آخري ڏهاڙا گذاريا هئا جيڪو اتي ويجهو ئي آهي ۽ ان کان علاوه عيسائي Saints سلسلي جو هڪ بزرگ Saint Luke پڻ اتي مدفون آهي.
امجد ۽ مان پنڌ پنڌ ايفس شهر جي پراڻن آثارن ڏانهن وڌي رهيا هئاسين. رستي تي پهرئين اسان کي روڊ جي ٻنهي پاسي بازار ٽپڻي هئي.انهي کان پوءِ پراڻي شهر ۾ اندر داخل ٿيڻ لاءِ گيٽ هو. بازار ترڪيءَ جي مقامي هنري ڪم سان ڀريل هئي. جنهن ۾ ڪپڙو، پوشاڪون، نوادرات، مجسما، ترڪيءَ جا روايتي سامان جنهن ۾ عثمانيه سلطنت جي دور جا سامان ۽ گهڻو ڪجهه دريامن ۾ رکيل هو. جيڪي سياحن جي خريداري ۽ شوق جو مرڪز هئا. اسان جيڏانهن نظر پئي ڪئي سين ته دنيا جي ڪنڊ ڪُڙڇ مان آيل ماڻهو نظر پئي آيا. اسين بازار مان ٿيندا وڃي ايفس شهر ۾ اندر داخل ٿياسين. ايفس شهر اوائلي دور جو هڪ شهر جنهن جي چوگرد ساوڪ سان ڀريل ننڍيون ننڍيون ٽڪريون هيون بلڪه خود ايفس شهر جو اڌ حصو هڪ ٽڪريءَ تي واقعي هو. انهي سموري سفر ۾ ساوڪ جي ته انتها ٿي هئي. اهو شهر اوائلي يوناني دور ۾ وڏو وڻج واپار جو مرڪز رهيو هو ۽ ايجين سمنڊ ويجهو هجڻ ڪري يونان ۽ فارس توڙي سينٽرل ايشيا جي وڻج واپار جو هڪ رستو پڻ رهيو هو. انهيءَ شهر جي وڌڻ ۽ ويجڻ جا ٽي کان چار دور تاريخ ۾ ملن ٿا. سڀ کان پهرين يوناني دور جنهن ۾ سڪندراعظم جي هن شهر تي فتح ۽ انهي کان پوءِ ”آيونين ليگ“جو دور، تنهن کان پوءِ بازنطينين رومين جو دور جنهن ۾ چيو وڃي ٿو ته بيبي مريم جي اتي آخري رهائشگاهه ڪري عسيائين لاءِ مقدس مقام پڻ رهيو. انهي کان علاوه تاريخ ۾ فارس جي ويجهو هجڻ سبب اڪثر حملن ۽ قاهن هيٺ رهيو پر تنهن هوندي به انهي شهر جي اهميت ۾ گهٽتائي نه آئي.
هن وقت ترڪيءَ انهن آثارن کي نهايت ئي نفاست سان سنڀالي رکيو آهي ۽ روزاني جي بنياد تي هزارن جي تعداد ۾ دنيا جي ڪنڊ ڪڙچ کان ماڻهو اتي اچن ٿا ۽ پراڻي يوناني تهذيب، سندن عمارت سازي جي فن، رهڻي ڪهڻي ۽ سرشتن کي ويجهو کان ڏسي سگهن ٿا. شهر اندر داخل ٿيڻ سان ئي سامهون وڏي چوڦير وڏن وڏن ٿلن کي ڏسجي ٿو. جتي چيو وڃي ٿو ته ٻه سو کان مٿي دڪانن جي چوڪنڊي نما بازار هئي ۽ انهيءَ بازار کي Tetragonos Agora چيو وڃي ٿو. انهي بازار کي ٽپندي هڪ آرچ نما دروازي جنهن جا ٽل خوبصورت سنگ مر مر جي پٿر سان ٺهيل آهن، ٽپندي اندر رهائشي علائقي ڏانهن داخل ٿجي ٿو ۽ پنهنجي کاٻي پاسي کان هڪ ٽڪريءَ تي تمام وڏو ٽيئٽر نظر پئي آيو. اندر داخل ٿيڻ سان ئي ساڄي پاسي کان مشهور عمارت لائبيري آف سيلسيس جيڪا تعمير جي اعليٰ مثال آهي نظر اچي ٿي. اها عمارت ڏهين قبل مسيح ۾ جڙي راس ٿي. انهي لائبريري جي اندر ديوارن تي پٿرن کي ڪوري گلن جي چٽسالي ڪيل هئي ۽ ڪمري اندر ٽن پاسن کان عورتن جا مجسما جوڙيا ويا هئا. سامهون کان انهي کي بيهي ڏسندي اها ٻه ماڙ عمارت محسوس پئي ٿي ۽ ٻاهران سورنهن گول ٺهيل هئا. جيڪي عمارت جو ٻاهريون ڏيک ڏئي رهيا هئا. عمارت ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڏهن ڏاڪن کي چڙهي اندر پهرين ورانڊي ۾ داخل ٿيڻو پئي پيو ۽ پوءِ هڪ ڪشادي ڪمري ۾ داخل پئي ٿياسين. انهي عمارت بابت چيو وڃي ٿو ته زلزلي جي نتجي ۾ ڪري پٽ ٿي وئي هئي پر ستر واري ڏهاڪي ۾ آرڪيالجسٽ پاران هڪ دفعو ٻيهر انهي کي ساڳي حالت ۾ بحال ڪيو ويو.
امجد ۽ آئون جڏهن اندر داخل ٿيا هئاسين ته سوين ماڻهن جا هجوم ڏسي حيران ٿي ويا هئاسين. جن ۾ انتهائي خوبصورت ڇوڪريون عاليشان لباس اوڙهي اوائلي دور جي هنن آثارن ۾ حورن وانگرگهمي رهيون هيون. سندن چرٻٽو اسان جي ساڄي کاٻي ڪنن ۾ گونجي رهيو هو. ڪي عمارتن جي پاسن کان بيهي تصويرون ڪڍارئي رهيون هيون ته ڪي پنهنجن پنهنجن جٿن ۾ گهمنديون پئي وتيون. اسين به انهن کي ۽ پراڻن آثارن کي ڏسندا لائبيري آف سيلسيس تي تصويرون ڪڍرائيندا اڳيان وڌياسين. اسان جي سامهون سنگ مرمر جي وڏن وڏن پٿرن سان جڙيل رستو هو. جنهن جي ٻنهي پاسي يوناني دور جون ڊٿل عمارتون، انهن جا آرچ، دروازا، برج هئا. جن کي اسان هيڏانهن کان هوڏانهن ڏسندي اڳيان وڌياسين ته کاٻي هٿ تي اسان کي انهي دور جو اسيمبلي هال نظر آيو. جتي چيو وڃي ٿو ته انهي دور ۾ عوامي نمائندا ويهي حڪومت ۽ ملڪ جو ڪارونهوار هلائيندا هئا. ٿورو ئي اڳيان اسان کي انهي دور جي امير ماڻهن جا گهر نظر آيا جن ۾ پڻ اسان اندر گهمڻ وياسين. انهن جي گهرن کي ڏسي اهو پتو لڳائي سگهبو هو ته انهي دور ۾ اهي ماڻهو ڪيترا نه امير هوندا جو هنن پنهنجي رهائش لاءِ ايترا شاندار ڪمرا جوڙايا هئا. اڳيان هلي رهادارين تي پاڻيءَ جا ڦوهارا ڏسندا ۽ مختلف Temple ڏسندا مسلسل تقريبن ٻه ڪلو ميٽرن جو پنڌ ڪري وڃي شهر جي ڏاکڻي دروازي تي پهتاسين. سموري شهر کي گهمندي اسان کي هر رستي، عمارت، برجن ۽ ٽلن تي خوبصورتي سان پٿر کي ڪوري مختلف نقش جوڙيا ويا هئا جيڪي واقعي فني مهارت جو اعلي مثال هئا. اسان مسلسل انهي آثارن ۾ گهمندي پنهنجو پاڻ کي يونان جي تهذيب جو باشندو سمجهندي اهو محسوس پئي ڪيو سين ته ڄڻ اسين انهي دور ۾ پهچي ويا هجون.
جيئن ته مون توهان کي پهرين ٻڌايو هو ته هي شهر مذهبي لحاظ کان وڏي عقيدت جو مقام آهي جئين بيبي مريم جي آخري رهائش گاهه جيڪا انهي شهر جي ڏاکڻي دروازي کان تقريبن ٻه ڪلو ميٽر پري هئي ۽ انهي سموري علائقي کي مريم نيشنل پارڪ به سڏيو وڃي ٿو. انهي سموري وسيح ايراضي رکندڙ علائقي ۾ ننڍيون ٽڪريون ۽ انهن تي فاريسٽ به انتهائي خوبصورت منظر پيش ڪري رهي هئ. اسين ٿڪجي اچي هڪ ريسٽورنٽ تي ويٺاسين ۽ ڪجهه پيٽ پوڄا ڪندي وري واپس اچي انهي اسٽاپ تي گاڏيءَ جو انتظار ڪيوسين جنهن تان اسان واپس سيلجُڪ شهر وڃڻا هئاسين. اسٽاپ هڪ وڏي وڻ جي هيٺيان رکيل ٽن بئنچن تي مشتمل هو جن تي سڀ کان پهرئين اسان ويٺاسين ته اسان کانپوءِ به ڪجهه ماڻهو آيا جن سان گڏ اسان چڙهي واپس سيلجڪ شهر روانا ٿياسين.ايفس شهر کان اڌ ڪلاڪ جي پنڌ تي ترڪيءَ جو هڪ مشهور شهر ”ڪُساداسي“ هو پر اسان کي خبر نه هجڻ ڪري اسان انهي طرف نه وڃي سگهياسين. امجد ۽ مون اڄوڪو سمورو ڏينهن گهڻيون ئي نيون شيون ڏسڻ ۾ گذاريو. هتي اچڻ کان پهرين مون انهي شهر بابت ڪافي پڙهيو ۽ ٻڌو هو ۽ انٽريٽ جي هن دور ۾ هزارين مضمون فقط ڪجهه اڱرين جي دوري تي اسان کان پري هجن ٿا پر هي پهريون دفعو هو جو مون انهي شهر کي ويجهڙائي سان نه صرف ڏٺو پر محسوس به ڪيو هو. اسان واپس سلجڪ شهر پهچي اسٽيشن جي سامهون واري ميدان ۾ رکيل هڪ پاسي ڪرسين تي ويهي رهياسين اسان جي واپسيءَ واري ريل گاڏيءَ ۾ اڃان وقت هو سو سوچوسين ته ترڪيءَ جو مشهور قهوه پي وٺجي. هتان کان واپسي اسان جو اڄ سفر چيشمي ۽ الڪاتي شهر ڏانهن هو.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *