تازا ترين
  • *سکر: خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ جي نيب جي اپيل رد *احتساب عدالت ۾ ريفرنس آهي، شاهدن جا بيان به اتي قلمبند ٿيندا: ڪنزيومر ڪورٽ *خورشيد شاهه جي ملڪيت جي حوالي سان نيب 5 شاهن جا بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي*
  • *لاهور: آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شهباز شريف جي گرفتاري جا امڪان *شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو*
  • *سبي: ڪمپڙي پل وٽ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، هڪ نينگري فوت، 3 ڄڻا زخمي *حادثي ۾ نينگري مائين خان فوت، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*
  • *پ پ اڳواڻ نثار کهڙو کي به نيب پاران گرفتار ڪرڻ جو خدشو *نثار کهڙو گرفتاري کان بچڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو *نيب آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس جي ٻن انڪوائريز ۾ طلب ڪيو آهي: نثار کهڙو*
  • *قاضي احمد ويجهو تيز رفتار ڪار ۽ موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت *گابر ڏاهري اسٽاپ وٽ حادثي ۾ نوجوان علي گل مهر ٿڏي تي فوت ٿي ويو،لاش اسپتال منتقل *
  • *ڪشمور بيگاري فيڊر مان لاش هٿ،سڃاڻپ نه ٿي سگهي *اطلاع باوجود پوليس نه پهتي، لاش واقعي واري هنڌ پيل*

سفرنامو (حصو ٻيون)…بسمانيگار کان ايفس شهر تائين …سهيل صديقي

اسانجي گاڏي مختلف روڊن رستن تان ٿيندي سوارين کي لاهيندي اڳيان وڌي رهي هئي. اسان لاءِ سڀ ڪجهه نئون ۽ ڏسڻ وٽان هو. رستي تي نظر ايندڙ روڊن، رستن جا بورڊ به مان پڙهي رهيو هيس ته گڏوگڏ گوگل ميپس تي به انهي کي ڏسندو پئي هليس. هلندي هلندي گاڏي کاٻي پاسي وڪڙ کاڌو ته اسان جي هڪ پاسي سمنڊ ته ٻئي پاسي خوبصورت ترتيبوار عمارتون ۽ انهن عمارتن وچ ۾ سڌيون سڌيون گهٽيون يا روڊ هئا. اسان هن وقت مصطفي ڪمال ساحل بلواري تي هلي رهيا هئاسين. جيڪو انتهائي ڪشادو ائين سمجهو ته ڪنهن موٽر وي وانگر روڊ هو. ترڪي ٻولي ۾ روڊن جي نالن سان ننڍن، وڏن ۽ گهٽين جي الڳ الڳ ورڇ ٿيل آهي. جيئن شهر جي وڏن رستن کي جديسي“چيو ويندو آهي. جيئن اسان وٽ ڪراچي ۾ شاهراهه فيصل آهي. انکان پوءِ جن روڊن جي ٻنهي پاسي يا هڪ پاسي وڻ هجن ۽ اهي روڊ وڻن جي ڇانو سان ڍڪيل هجن ته انهن کي ”بلواري“ سڏيو ويندو آهي، انهي لفظ جو مطلب boulevard مان نڪتل آهي. جيئن اسان وٽ اسلام آباد شهر ۾ روڊ آهن جن کي اوينيو به سڏيو ويندو آهي. اهڙي طرح ”يولو“ يا ” آٽويولو“ انهي روڊ کي چيو ويندو آهي جيڪو موٽر وي هجي ۽ هڪ شهر کان ٻئي شهر ويندو هجي. ازمير شهر ۾ گهڻي قدر روڊن جي ٻنهي پاسي خوبصورت وڻ لڳل آهن. تنهنڪري هتي جا گهڻي قدر روڊ بلواري جي نالي سان سڏيا وڃن ٿا.
گاڏي انهي ساحل واري رستي تي هلندي هلندي ازمير ٽاور کان پوءِ وري ساڄي ڦري ته اسان ڪونڪKonak اسٽاپ کان ٿيندا وڃي غازي بلواري تي پهتاسين ۽ سامهون اسان جو اسٽاپ ڪجهه قدمن جي فاصلي تي هو. اڳيان ڊرائيور اسان لاءِ گاڏي بيهاري ۽ اسان کي سڏيو. اسين جيستائين گاڏي مان نه لٿاسين تيستائين ڊرائيور کي ڪا تڪڙ نه هئي. اسين هيٺ لهي سامان کڻي هيڏانهن هوڏانهن نهاريوسين ۽ پنهنجي موبائيل ۾ ڏٺوسين ته جيئن اندازو ٿئي ته اسان جو رخ ڪهڙي طرف آهي ۽ هوٽل ڪهڙي پاسي آهي. گوگل ٻڌايو ته اسان جي هوٽل به بلڪل پنجاهه قدمن جي فاصلي تي آهي. اسان رات جو بيگون گهليندا وڃي سڌو هوٽل پهتاسين ۽ بسترن تي ڪري پياسين.
صبح جو اٿياسين ته خبر پئي ته صبح جا ڏهه پيا ٿين تنهنڪري جلدي جلدي سان تيار ٿياسين. اسان جو اڄ جو حدف ايفس شهر گهمڻ هو. امجد هوٽل تي ويٺي ويٺي ئي خبر لهي ورتي ته هوٽل جي بلڪل پويان بسماني ريلوي اسٽيشن آهي. جتان سيلجُڪ شهر ڏانهن ريل وسيلي وڃبو جتان وري ٻئي گاڏيءَ ۾ويهبو. جيڪا ايفس شهر ڏانهن ويندي. اسين ٻئي هوٽل تان نڪري آياسين ته سامهون اسان نهايت ئي خوبصورت ٽيولپ جي گلن سان ڀريل باغ ڏٺوسين جنهن جو نالو ازمير ڪلچرل پارڪ هو ۽ اسان جي کاٻي هٿ تي هڪ چوڪ هو. اسان جنهن اسٽاپ تي ويٺا هئاسين اها هڪ اسٽيشن بسماني جي نالي سان مشهور هئي ۽ اسٽيشن کي ترڪي ٻوليءَ ۾ گار “Gar” سڏبو آهي. مطلب هن علائقي کي اسٽيشن جي ڪري بسمانيگار سڏيو ويندو آهي. انکان علاوه ڪجهه نالا جيئن پاڻي، کير، دڪان، گاڏي، بس انهن کي ترڪي ٻوليءَ مان ڇا چئجي. اسان روڊ ٽپياسين ته ساڄي پاسي کان پري هڪ پهاڙي نظر پئي آئي. جيڪا مڪمل گهرن سان ڍڪيل هئي ۽ پهاڙيءَ جي مٿانهين تي ترڪيءَ جو تمام وڏو ڳاڙو جهنڊو لڳل هو. ازمير شهر ۾ قانون جي پاسداريءَ جي ڳالهه ڪجي ته جڏهن سگنل بند پئي ٿيو ته سڀ گاڏيون بيهجي پئي ويون. شهر جي ٽريفڪ، بناوٽ، هوٽلون، گل، ٻوٽا، قطارن ۾ وڻ ۽ عمارتن جي ترتيب انتهائي متاثر ڪندڙ هئي. انهي کان علاوه سموري شهري جي جوڙجڪ مختلف پهاڙين تي هئي ۽ ماڻهن جا گهر مخلتف پهاڙين تي مٿي مٿي تائين هئا. انهن عمارتن جو ڏيک انتهائي دلفريب هو.
بسماني گار اسٽيشن اندر داخل ٿياسين. جيڪا انتهائي صاف سٿري هئي ۽ ڪجهه سيڪڙو اسان کي پنهنجي پاڪستان جي ريلوي اسٽيشن وانگر لڳي رهي هئي. جنهن ۾ پليٽ فارم جو انداز، پٽڙيون، ٽڪيٽ گهر، ويهڻ لاءِ بئنچون وغيره وغيره پر اهو سمورو سامان سميت ريل گاڏي جيڪا پليٽ فارم تي بيٺي هئي انتهائي جديد ٽيڪنالوجي جي هئي. چيو وڃي ٿو ته ترڪيءَ ۾ ريلوي جي شروعات اوڻويهين صدي ۾ عثمانيه سلطنت جي سلطان عبدالحميد خان ڪئي پر پهرين عالمي جنگ کانپوءِ آيل انقلاب ترڪيءَ جي ريلوي کي پڻ وڏي جدت ڏني. هن وقت ترڪيءَ ۾ ريلوي جو نظام انتهائي بهترين آهي جنهن ۾ هاءِ اسپيڊ ٽرين به شامل آهن اسين ٽڪيٽ گهر پهتاسين جتي ويٺل هڪ خوبصورت مائي کان سيلجُڪ(Seljuk) شهر جون ٻه ٽڪيٽون ورتيون سين ۽ اتان ئي وري شام جي واپسيءَ واري ريل گاڏيءَ جي ٽڪيٽ به ورتي سين ۽ اتي پليٽ فارم تي بيٺل هڪ ريل گاڏيءَ ۾ پنهنجي سيٽ وٺي ويهي رهياسين. پندرنهن منٽن جي وقت کان پوءِ بسماني گار ”ريلوي اسٽيشن“ تان ريل گاڏي پنهنجو سفر شروع ڪيو. اسين هن وقت ايجين سمنڊ واري پاسي هئاسين ۽ ترڪيءَ جو اهو صوبو (Aegean region) ئي سڏائيندو آهي. جنهن تي يوناني تهذيب کان وٺي رومن ۽ پوءِ سيلجُڪ سلطانن جو وقفي وقفي سان تخت رهيو آهي.انهيءَ ڪري هن خطي ۾ يوناني، رومي توڙي سلجُوڪ ۽ عثمانيا دور جا انتهائي وڏا وڏا آثار، شهر ۽ قلعا موجود آهن. اسان جو سفر به هڪ تاريخ جي انتهائي قديم ۽ گهڻين تهذيبن جي ميلاپ واري شهر ڏانهن هو. تاريخ ٻڌائي ٿي ته يونان جي عروج واري دور ۾ هتان جا ساحلي علائقا يوناني سلطنت هيٺ هئا جڏهن ته باقي علائقا فارس جي حاڪميت ۾ هئا.
انهن شهرن ۾ سفر ڪرڻ دوران ايجين سمنڊ مسلسل شهرن سان لڳو لڳ هلندو رهي ٿو انهن مان ڪي قديمي بندرگاهون پڻ رهيون آهن. جن مان هڪ شهر ايفس به هو پر اسان کي ايفس پهچڻ ۾ اڃان وقت هو ۽ ان شهر پڄڻ کان پهرين سيلجُڪ شهر به رستي ۾ اچڻو هو. جيڪو پڻ سلجُوڪ دور جي آثارن سان ڀرپور هو. مان ۽ منهنجو دوست ريل گاڏيءَ جي دٻي ۾ بسماني گار تان ازمير شهر کان ٻاهر نڪرندا. شهر جا نظارا ڪندا اڳتي وڌي رهيا هئاسين. شهر جي بناوٽ روايتي يورپين طرز تي هئي جنهن ۾ عمارتن جون ڇتيون جهوپڙي نما ۽ اڪثر ڪري ڳاڙهي رنگ جي ڇتين سان ڍڪيل هيون ۽ انهن جي ترتيب انتهائي مزو ڏئي رهي هئي. شهر جي وچووچان ريل گاڏي هلندي رهي هئي. جڏهن اسين شهر کان ٻاهر نڪري چڪا هئاسين ته شهر جو منظر ڪجهه هن ريت هو ته سموري شهر مختلف هيٺ مٿانهين ٽڪرين تي اڏيل پئي نظر آيو.
گاڏي، آئون ۽ امجد لڳ ڀڳ چاليهه منٽ ايفسيس ايفسيس ڪندي هلندا رهياسين ۽ رستي تي ڪجهه خوبصورت ننڍڙين اسٽيشنن تي بيهندا، ننڍا ننڍا ڳوٺ ۽ آباديون توڙي صوفن، انگورن جا باغ ۽ مڪئي توڙي ٻين فصلن جا پري پري تائين ساوا ساوا ميدان ڏسندي نيٺ وڃي سيلجُڪ شهر پهتاسين. سيلجُڪ شهر انتهائي خاموشيءَ وارو شهر هو. اسان اسٽيٽن تي ٻاهر نڪتاسين ته سامهون اسان کي ڪجهه شيون نظر
بقايا صفحو نمبر 6 تي

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *