تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

سر ڪيڏاري ۾ شھيدن جي تاريخ جو پسمنظر … اويس ساگر سومرو

ڪيڏارو اصل ۾ هڪ عرب داستان آهي، جنهن جي حقيقت هجري سن جي ڇهين ڏهاڪي ۾ واقعه پذير ٿي.ان واقعي ۾ پيغمبر اسلام جي ڏوهٽي حضرت امام حسين عليه السلام حاڪم وقت يزيد سان اصولن تي مهاڏو اٽڪايو، جنهن ڪري سندس زندگي توڙي سندس ڪٽنب وارن ۽ گڏوگڏ سندس پيروڪارن ۽ سچن ساٿين جون زندگيون، ظالم حاڪم جي اکين ۾ تير ٿي چڀڻ لڳيون. اختلاف جڏهن شدت اختيار ڪري ويا ته، امام عالي مقام عربستان کي قربان گاهه بنائڻ بدران سڀ سور پنهنجي سر تي کڻي، نتيجا ۽ Consequences به پنهنجي ئي سر تي قبولي، پنهنجي سرزمين تان ساٿين سميت ڪوچ ڪيو. سفر جي ڏاکڙن ۽ ظالم حاڪم جي ظلمن کي منهن ڏيندو، امام جو هي قافلو هڪ ٻئي اڀرندي ملڪ عراق جي علائقي ڪربلا ۾ پهتو ته، يزيد جي فوجن سندن قافلي جو گهيراءُ ڪيو. قافلي ڏانهن ان پاڻيءَ جي رسد بند ڪئي وئي ۽ مٿن بيگناهه جنگ مڙهي وئي. مظلوم قافلي، يعني نبيءَ جي اولاد تي مڙهيل هن جنگ ۾ مظلوم قافلي جي وڏن، ننڍن، عورتن، نياڻين، مددگارن ۽ ملازمن پوري بهادريءَ سان مقابلو ڪيو ۽ هر مرحلي تي ايڏي جرئت ۽ بردباريءَ سان صورتحال کي منهن ڏنو جو هڪ تاريخ، رت سان وهنتل تاريخ رقم ٿي. ظالم حاڪم قيامت تائين ڦٽ لعنت جو حقدار بڻجي ويو ته، ٻئي طرف مظلوم جي بهادري انسانيت جي اعليٰ ۽ بهادرانه قدرن جا بنياد رکيا، جن تي باقي دنيا عمل ڪندي هميشه فخر محسوس ڪندي رهندي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي جيتوڻيڪ امام عالي مقام ۽ امام الشهداء حسين عليه السلام جو اولاد هو، پر هن پنهنجي ڪلام ۾ مائٽي مٽيءَ جو حوالو ڏيڻ بنا، هڪ فلسفي ۽ مفڪر توڙي جنگي تاريخ نويس وانگر ڪربلا جي واقعي کي پنهنجي شعرن ۾ قلمبند ڪيو، جنهن کي ڪيڏاري جو نالو ڏنو ويو.شاهه، ڪيڏارو ڪهڙيءَ عمر ۾ لکيو، ان بابت ڪجهه چئي نه ٿو سگهجي، البت جذبي ۽ احساس جي شدت، منظر نگاريءَ ۽ رويي کي ڏسي چئي سگهجي ٿو ته، ڀٽائيءَ ڪيڏارو 35 سالن جي ڄمار کانپوءِ چوڻ شروع ڪيو ۽ سٺ سالن جي ڄمار تائين چوندو رهيو. شاهه جي ڪيڏاري کي ترتيب ڏئي ڇاپيندڙن ان جا ڪل ڇهه حصا ڪيا آهن، جن کي داستان يا فصل جو نالو ڏنو ويو آهي. ان ترتيب موافق شاهه جي ڪيڏاري جي پهرئين فصل يا داستان ۾ مسلم ڪئلينڊر جي پهرئين مهيني محرم الحرام جي سال کان پوءِ ڦري موٽي اچڻ جو ان معنيٰ ۾ ذڪر ڪيل آهي ته مهينو موٽيو آهي ۽ سيد شهزادن جو غم هڪ ڀيرو وري مسلم دنيا تي طاري آهي؛
ڏٺو محرم ماهه، سئونچو شهزادن ٿيو،
مڪي، مديني، ماڻهئين، رنو مٿي راهه،
تنهن واحد کي واهه، جو حڪم ههڙائي ڪري.
هن داستان جي بيتن ۾ سيد شهزادن جي قافلي کي ميدان شهادت ڏانهن روان دوان ڏيکاريو ويو آهي ۽ سلسلي کي ملائڻ خاطر مرتبن ضمني طور هن داستان جي آخري بيتن ۾ شهادت جو ذڪر به ڪيو آهي؛
سـخــتي شــهادت جــي، نســورو ئــي نــــاز،
ڪي رند پروڙين راز، قضئي ڪربلا جو،
پهرئين داستان جي پڄاڻيءَ تي آيل سرائڪي وائي؛
ميندي لاوڻ ڏي، جيئين شاهه،
ميندي لاوڻ ڏي، قاسم شاهه سيج وڇاوڻ ڏي.
شهيد سيد شهزادن بابت چيل ڪنهن سرائڪي شاعر جي وائي آهي، جيڪا ڀٽ شاهه تي ٿيندڙ مينديءَ جي رسم تي فقيرن پاران لکيل ٿي ڏسجي، جيڪا پوءِ رسالي ۾ به ڇپجي محفوظ ٿي وئي. اها وائي ساڳئي واقعي بابت آهي، پر ڀٽائيءَ سرائڪي بيت ۽ وايون ڪونه لکيا.ڪيڏاري جي ٻئي فصل يا داستان ۾ يزيد کي سڌو مخاطب ٿي، شاهه چتاءُ ٿو ڏئي ته، عليءَ جي اولاد سان اُچائي يزيد جنهن خوشيءَ يا عيد جو تصور ڪيو آهي، اها هو ڪڏهن نه پسندو ۽ خاص ڪري اها عيد جا حسين جو مقدر آهي؛
جهيــڙو لاهه يزيد، عليءَ جي اولاد سين،
سا نه پسندين عيد، جا هوندي مير حسين سين.
هن داستان ۾ شاهه امام حسن جي اڳ ئي شهيد ٿي وڃڻ جو حوالو ڏيندي، امام حسين کي هن جنگ ۾ هڪ طرح اڪيلو ٿو ڀانئين، ڇوته حسن جهڙا ڀائر ٻانهن جو ٻل هوندا آهن؛
حسن ناهه حسين وٽ، ٻيلي، نه ٻانهون،
ساڻيهه شــهــزادن جــو، آهي اڳــانهون،
يــزيد جُلاهون، تيلانهن ڪري تڪڙيون.
شاهه، ڪيڏاري جي هن داستان ۾ ڪربلا جي واقعي جي حوالي سان غم نه ڪندڙن جي رب تعاليٰ وٽ بخشش جي مڙني امڪانن کي رد ٿو ڪري؛
حَسن مير حُسين جو، جن نه هينئڙي جار،
خالق رب جبار، ڪين مرهيندو تن کي.
ٻئي داستان جي آخر ۾ اردو وائيءَ جون ٻه سٽون آهن جيڪي ڀٽائيءَ جون ناهن.
ٽئين داستان ۾ اهلبيتن جي ڪربلا پهچڻ جو ذڪر آهي ۽ گڏوگڏ جنگ شروع ٿيڻ جو به، جنهن ۾ مصر ۾ ٺهيل ترارين سان جنگ جا منظر به ملن ٿا؛
ڪامل ڪربلا ۾، اهلبيت آيا،
ماري مصرين سين، تن ڪافر ڪنبايا،
سَچُ ڪِ بيبيءَ ڄايا، ههڙا سورهه سپرين.
جنگ ۾ بهادريءَ جو نشان آهي سامهون ٿي وڙهڻ نه ڪي پٺي ڏئي ڀڄڻ، ڀٽائي ان بهادرانه قدر کي اجهو هن ريت بيان ڪيو آهي؛
ڀــڳــو آءٌ نــه چــوان، مــاريــو تــه وسهان،
ڪانڌ منهن ۾ ڌڪڙا، سيڪيندي سونهان،
تــه ڪــرلــڄ مــران، جــي هؤنس پٺ ۾.
ڪيڏاري جي چوٿين داستان ۾ پيغمبر اسلام ۽ عليءَ جي پٽ حسين جي آڪهه سان ڪربلا ۾ وهيل منظر ئي اچن ٿا، مثال طور؛
ڪا جا ڍُري ڍنگري، ڪو جو وريو واءُ،
علي شير وياءَ، رڻ ۾ پين راتڙي،
جنگ جو منظر اجهو هن کان وڌيڪ شدت آميز ڇا ٿو ٿي سگهي؛
بهادر گڏيا بهادرين، کڙڳ کلول ڪن،
وجهن ڌڙ ڌڙن تي، هاڪاريو هڻن،
ڪرن ڪنڌ نچن، رڻ گجيو، راڙو ٿيو.
امام حسين جي قافلي جا سڀ فرد، مرد توڙي عورتون ۽ ٻار سڀ پنهنجي جاءِ تي اعليٰ ڪردار جا مالڪ هئا ۽ هميشه زنده جاويد رهندا. پر حر جي قرباني به انوکي آهي. هو حاضر ٿيو ته ڀٽائيءَ سندس آڇيل جند جو نقشو اجهو هيئن چٽيو؛
حر هلي آئيو، مانجهي مردانو،
آهي عاشق آڳ جو، پتنگ پروانو،
هيءُ سر سمانو، گهوٽ مٿان ئي گهوريان.
۽ پوءِ جڏهن هو به شهيد ٿيو ته، سندس بهادريءَ سان وڙهيل جنگ جو احوال ڀٽائي اجهو هنن ٽن سٽن ۾ هيئن ٿو ڪري، ڇو ته هو ٻئي پارجو هو؛
هئي هراڻي حر کي، گهوريس آءٌ مٿان،
چڙهي آيو جنگ تي، هلي هُنِ پاران،
ايندي چيائين امام کي، ”گهوريس آءٌ مٿان“،
”لايڪلف الله الا وُسها،“ جيڪا پڄنديم سا،
گهوٽ به لڳا گهاءَ، سوپڻ شير شهيد ٿيو.
ڪيڏاري جي پنجين ۽ ڇهين داستانن ۾ آخري جنگ جا منظر آهن، جن ۾ حسين عليه السلام جي معصومن، ساٿين ۽ ڀائرن توڙي سندس پنهنجي شهادت جا دلسوز منظر اچن ٿا، جن ۾ ڀٽائيءَ جي اظهار ۽ منظر نگاريءَ جو انداز نرالو آهي؛
ڏاڙهي رت رتياس، ڏند ته ڏاڙهونءَ ڪڻ جيئن،
چوڏهين ماهه چنڊ جيئن، پڙ ۾ پاڳڙياس،
ميڙي ۾ محّمد جي، مَـرُ مُرڪي مائس،
تنهن سورهيه کي شاباس، جو مٿي پڙ پرزا ٿيو.
چــار تراريون چيلهه سين، ٻڌي ٻه پاڳون،
اڳين جون آڳون، ڪؤنر ڪلي ۾ موکيون.
ڪربلا ڪڪوري، دلدل رتا پير،
سَٽون ڏيندي شير، مٿان سج به مُرڪيو.
پنجين داستان جي آخر ۾ وري اردوءَ جي وائي اچي ٿي، ايئن اڪثر وايون ٻين ٻولين ۾ هجڻ ڪري لڳي ٿو ته، اهو اڪيلو سُر يعني ڪيڏارو ئي آهي، جنهن ۾ ڀٽائيءَ وايون ڪونه لکيون آهن. هونئن به وائي ڳائڻ جي صنف آهي ۽ مسلمانن ۾ شهداءِ ڪربلا سان ٿيل ظلم سبب محرم ۾ راڳ حرام هوندو آهي، ان ڪري ڀٽائيءَ به اها روايت برقرار رکندي وايون ناهن لکيون. وائين جي جاءِ تي اردو ۽ سرائڪي ڪلام گهڻو تڻو ماتم جو تاثر ڏِئي ٿو. هڪ اڌ وائي ٺيٺ سنڌيءَ ۾ آهي ته به ماتم بابت ئي آهي ۽ جي اهي وايون، جيڪي سنڌيءَ ۾ آهن، ڀٽائيءَ سان منسوب ڪجن، ته به اهي پنهنجي مفهوم اندر ماتام لاءِ آهن نه ڪي ڳائڻ لاءِ. نيڪيءَ ۽ بديءَ جي جنگ ازلي آهي، سدائين جاري رهڻي آهي، سچ ڪوڙ اڳيان ڪڏهن به هارائڻو ناهي. ان حقيقت کي ڀٽائي سورهيائيءَ جو نانءُ ڏئي ٿو، اها سورهيائي جنهن ۾ سوڀ آهي، فتح آهي. سچ کي سدائين فتح حاصل آهي، وقتي طور جي ان جي هار نظر اچي ته اها هار نه چئبي، ضمير جو اطمينان فتح جو ٻيو نالو آهي پر ان سوڀ لاءِ وهم هٿان ڇڏڻا پوندا، دل جا وسوسا ختم ڪرڻا پوندا، وڙهڻو پوندو. ڀٽائيءَ ان ازلي جنگ جو طريقو ٻڌائيندي ڪيڏاري ۾ چيو؛
سورهيه مرين سوڀ کي، ته دل جا وهم وسار،
هڻ ڀالا، وڙهه ڀاڪرين، آڏي ڍال مَ ڍار،
مٿان تيغ ترار، مار ته متارو ٿئين.
هڻڻ هڪلڻ، ٻيلي سارڻ، مانجهيان ايءُ مرڪُ،
وجهن تان نه فرق، رُڪ وهنديء راند ۾.
۽ جڏهن امر آيو ته قضا ڪيئن ٽرندي؛
گهوڙو گهوٽ پلاڻيو، مٿس زين ڌري،
علي شير پٽن کي، اڀو سڏ ڪري،
قضا ڪيئن ٽري، امُـر الاهـي آئيـو.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *