تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

سرڻي ڪوٽ…عزيز ڪنگراڻي

سنڌ ۾ ڪيترائي قديم ماڳ، ڪوٽ ۽ قلعا موجود آهن جيڪي سنڌ جي شاندار ماضيءَ جا ضامن آهن. انهن ماڳن ۾ سنڌ جي نوشهرو فيروز ضلعو جي مورو تعلقو ۾ موجود سرڻي ڪوٽ به شامل آهي جيڪو موجوده سرڻي ڪوٽ ڳوٺ ۾ واقع آهي ۽ هينئر زبون حالي جو شڪار آهي.. هن قديم ڪوٽ ڀرسان ٺلهھ به جيڪو ميسارجي ويو آهي. سرڻي ڪوٽ ٻڌمت جو يادگار ۽ قديم آثار آهي. اٽڪل اڍائي هزار سال قديم هيءُ ماڳ سنڌ ۾ موريا گهراڻي جي اشوڪا يا آسوڪا حڪمران (232 ق.م -268 ق.م) جي دور جو چئي سگهجي ٿو جنهن ٻُڌمت کي دنيا سان گڏ سنڌ ۾ به وڏي پيماني تي ڦهلايو. اشوڪا دور ۾ سنڌ جا ڀڪشو ٻُڌ ڪانفرنسن ۾ شريڪ ٿيندا هئا. ان کان پوءِ راءِ گهراڻي ۽ برهمڻ گهراڻي ۾ به ٻُڌ مت عروج تي هو. سنڌ جي يگاني محقق ايم ايڇ پنهور جي ڪتاب Atlas of Soomra Kingdom of Sindh ۾ لکيو آهي ته ٻُڌمت 13 صدي عيسوي تائين به سنڌ ۾ رهيو.هن ماڳ جي ڏکڻ ۾ سڪرنڊ ۽ دولتپور صفن ويجهو ٺلھه مير رڪڻ به ٻُڌمت جو يادگار ماڳ آهي جيڪو به سرڻي ڪوٽ جي قدامت جو حوالو آهي.
ٽيڪسيلا انسٽيٽيوشن آف ايشين سويلازيشن پاران پڌرو ڪيل جنرل آف ايشين سولائيزيش، 2002ع جي واليوم نمبر 25 (ص36 ) موجب سرڻي ڪوٽ پوئين لوھ جي دور (Late Bronze Age) ۾ هڙاپا ۽ مهين جي دڙي جي تهذيب جي سرن ۽ ڪچي تعميرات جي روايت جي تسلسل ۾ تعمير ٿيل ٻُڌمت جو قديم ماڳ آهي. مٿئين حوالي (ص. 52) تحت هينري ڪزن جي 1929ع ۾ ڪيل تحقيق ۽ بخاري ايم فاطمه جي 2001ع ۾ ڪيل تحقيق موجب پڻ سرڻي ڪوٽ ٻُڌ مت جو قديم يادگار آهي. سرڻي ڪوٽ مورو تعلقي جي شهر نوان جتوئي کان اوڀر طرف 7 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ۽ نيشنل هاءِ وي جي سڌوجا اسٽاپ کان 5 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي اولھه طرف ڳوٺ سرڻي ڪوٽ ۾ واقع آهي.سرڻي ڪوٽ مٿانهين تي هجڻ ڪري پري کان نظر اچي ٿو. هيءَ تڏهوڪي زماني ۾ شاهي رهائش لڳي ٿو. جيڪو 3 ايڪڙ ۽ ٽن ويسن تي مشتمل آهي، جڏهن ته 7 ايڪڙ زمين قلعي کان ٻاهر آهي جتي پڻ اڳ ۾ دڙا موجود هئا جيڪي ان وقت عام ماڻهن جي رهائش جا آثار لڳڻ ٿا.
سرڻي ڪوٽ قلعي جي ڀت جي ڊيگھه اولهه-اوڀر 390 فوٽ ۽ اتر-ڏکڻ 280 فوٽ جڏهن ته قلعي جي برج جو ٻاهريون گهيرو 70 ۽ اوچائي 20 فوٽ آهي. سرڻي ڪوٽ ڳوٺ ۾ رهندڙ سڄاڻ ماڻهن ڪوٽ منجهان ملندڙ شيون يا قديم نوادرات سنڀالي رکيون آهن. انهن ۾ اڪريل مورتيون، سرون ۽ ٻيون شيون شامل آهن. سرڻ تي قديم لکت نظر اچي ٿي جيڪا سنڌ ۾ مروج مختلف لپين يا لکتن مان ٿي سگهي ٿي. سرڻ تي اڪريل اهڙي لکت سنڌ ۾ جبلن ۾ پٿرن تي لکتن سان ملي ٿي.هن ماڳ جي واهر۽ مرمت سان ماڳ اڃا به صدين تائين قائم رهي سگهي ٿو. 

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *