تازا ترين
  • *گمبٽ ۽ ڀرپاسي ۾ گيسٽرو تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ20 مريض اسپتال ڀيڙا *ٻارڙن ۽ عورتن سميت 20 ڄڻن کي گمس اسپتال جي ٽراما سينٽر ۾ داخل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل ويجهو چوپائي مال جي چوري دوران 2 چور سوگھا، مارڪٽ بعد پوليس حوالي *ڳوٺ عبدالرحمان جتوئي ۾ ڳوٺاڻن چوري دوران ٻن چورن کي ڊوڙائي ڊوڙائي پڪڙي ورتو، هڪ فرار *نرڇ واسين عبدالطيف ڀيو ۽ غلام مصطفيٰ جعفري کي پوليس حوالي ڪيو ويو*
  • *ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي*
  • *بلديه سانحي ڪيس جو 8 سالن کانپوءِ فيصلو اچي ويو، متحده اڳواڻ رئوف صديقي شاهديون نه هجڻ تي بري*
  • *ڊگهڙي ويجهو اڌڙوٽ شخص سرفراز واهه ۾ ٻڏي فوت *جيلاني پاڙي واسي40 ورهين جو عبدالحئي عرف پٺاڻ ولد عبدالقيوم قمبراڻي سرفراز واهه ۾ ٻڏي ويو *رهواسين شهري کي پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن سندس فوتگي جي تصديق ڪئي*
  • *سکر: خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ جي نيب جي اپيل رد *احتساب عدالت ۾ ريفرنس آهي، شاهدن جا بيان به اتي قلمبند ٿيندا: ڪنزيومر ڪورٽ *خورشيد شاهه جي ملڪيت جي حوالي سان نيب 5 شاهن جا بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي*
  • *لاهور: آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شهباز شريف جي گرفتاري جا امڪان *شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو*
  • *سبي: ڪمپڙي پل وٽ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، هڪ نينگري فوت، 3 ڄڻا زخمي *حادثي ۾ نينگري مائين خان فوت، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*

“سرت سندو سوجھرو” ڪتاب تي هڪ نظر … منظور آزاد شيخ

“سرت سندو سوجھرو” ڪتاب جو ليکڪ عيسي ميمڻ آهي هي ڪتاب رنگين پڪي جلد سان 262 صفحن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ برک اديب مدد علي سنڌي لکيو آهي ۽ پيش لفظ نالي واري ليکڪ ۽ سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل يوسف ميمڻ لکيا آهن. ڪتاب جي ارپنا ليکڪ پنهنجي نياڻين مسڪان ۽ بختاور سنڌو کي ڪئي آهي. هي ڪتابن مقالن ۽ مضمونن تي مشتمل آهي. جيڪي ليکڪ پاران مختلف وقتن تي مختلف پروگرامن ۾ (پڙهيل) ۽ اخبارن ۾ ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل مقالن ۽ مضمونن تي مشتمل آهي. هي ڪتاب ٽن ڀاڳن “ٻولي ادب ۽ تعليم” “سياسيات ۽ سماجيات” ۽ “شخصيتن” سميت ليکڪ جي تفصيلي تعارف تي مشتمل آهي. ليکڪ جي تعارف تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته پنهنجي 36 سالن جي ڄمار ۾ زندگي جا کوڙ ڪشٽ ڪٽيا آهن ۽ ڪافي ساريون ڪاميابيون پڻ ماڻيون آهي. سندس تعارف هڪ اتساهڪ نظر اچي ٿو ۽ سندس ڪيل علمي پورهئي کي ساراهيو ويو آهي. مدد علي سنڌي چواڻي ته ” سندس سڃاڻپ مهين جي دڙي جي ڌرتي سان آهي جتي جنم ورتو اٿس ۽ سندس ساهه ۾ هڳاءَ مهين جي دڙي جي ڀنل مٽيءَ جو سڳنڌ سمايل آهي.”
ڪتاب جي پهرين ڀاڱي ٻولي ادب ۽ تعليم ۾ ليکڪ پاران اٺ مقالا مختلف موضوعن تي لکيا آهن ٽن مقالن ۾ ليکڪ پنهنجي سنڌي ٻوليءَ جي اوسر، جدوجهد، تحريڪ ۽ مستقبل تي تفصيلي ۽ آسان طريقي سان اپٽار ڪئي آهي. جنهن ۾ ٻوليءَ جي لپي کان وٺي ٻولين جي نظرين ۽ مختلف دورن ۾ اوسر جو تفصيلي جائزو ۽ تحقيق نظر اچي ٿي.سومرن ڪلهوڙن ۽ انگريزن جي دور کي سنڌي ٻوليءَ جي اوسر ۽ ترقي وارو دور سمجهي ٿو.ٻوليءَ جي جدوجهد جي حوالي سان ليکڪ ورهاڱي کان اڳ ۽ پوءِ وارن دورن ۾ ٻوليءَ کي پهتل نقصان، بچاءُ ۽ واڌ ويجهه لاءِ ڪيل جدوجهد تي ڪافي تفصيلي لکيو آهي ان سان گڏوگڏ ٻوليءَ کي اڄوڪي سرڪاري سرپرستي نه هجڻ ڪري پهتل نقصانن کي واضع نموني بيان ڪيو آهي.ٻوليءَ جي بچاءَ لاءِ ليکڪ پنهنجي ڪتاب ۾ ٻڌائي ٿو ته ٻوليءَ لاءِ عوام جي محبت ۽ جذبو هجڻ ضروري آهي پر ان سان گڏوگڏ ٻوليءَ کي منڊيءَ جي ٻولي بڻائڻ گهري ٿو ۽ سمجهي ٿو ته جيڪڏهن ٻولي مارڪيٽ واري بڻجندي ته سندس ان ۾ وڌيڪ بقا آهي،ڇو ته جيڪا ٻولي جديد دور جي سائنس ۽ ٽيڪنالوجي سان همڪنار ٿيندي سا ئي ٻولي مارڪيٽ ۾ جاءِ ٺاهيندي ۽ زندهه رهندي.
ثقافتي حوالي سان ليکڪ پورو مقالو لکي ان تي تفصيلي روشني وڌي آهي ته ثقافت عربي ٻوليءَ جي لفظ “ثقف” مان نڪتل آهي جنهن جي لغوي معنيٰ آهي ته تعليم يافته هجڻ يا ذهين هجڻ. ليکڪ ثقافت کي ٻولي کي بڻ بڻياد سڏي ٿو ۽ وڌيڪ لکي ٿو ته ٻوليءَ جي شاهوڪاري، شائستگي، لطافت فصاحت،بلاغت، سلامت توڙي ڪردارن جي تخليق ذريعي ئي ثقافت جي پرک ڪري سگهجي ٿي. ليکڪ هن ئي ڀاڱي ۾ سنڌي ڪهاڻي فن ۽ ارتقا تي ڪافي تفصيلي لکيو آهي، گڏوگڏ سمن جي دور ۾ شاعري جو اڀياس پڻ ڪيو اٿس. ليکڪ ڪهاڻي جي عمر کي انساني عمر سان جوڙي ٿو اتي ڪهاڻي جي وصف فني ۽ بنيادي جزا، پلاٽ، ڪردار، مقالمو، اسلوب، مقصد، بنيادي دور ۽ ترقي واري دور کي به ڪافي چٽي نموني بيان ڪيو آهي. ليکڪ جو تعلق ڏوڪري تعلقي سان هجڻ ڪري اتان جي مڙني ليکڪن، اديبن، شاعرن سان گڏوگڏ ڏوڪري شهر جو جامع تعارف لکيو اٿس، جيڪو سندس تحقيقي ڪم ليکيو ويندو. هن ئي ڀاڱي ۾ لاڙڪاڻي شهر جي قديم اسڪول ميونسپل اسڪول تي تفصيلي مقالو پڻ لکيو اٿس.
ڪتاب جي ٻئي ڀاڱي ۾ ستن مختلف موضوعن تي ڪافي بهتر انداز ۾ لکيو ويو آهي. انتهاپسندي واري مضمون ۾ ڪافي تفصيلي بيان ڪري انهن جي رجحانن ۽ ذميوارين تي روشني وڌي وئي آهي، سوويت يونين جي زوال کان سنڌ ۾ سياسي پارٽين جو نتيجا نه ڏيڻ سميت کدڙن ۽ اوڏن جي تاريخ تي پڻ بهترين لکيو ويو آهي. ڪتاب جي ٽئين ۽ آخري ڀاڱي ۾ 14 مختلف ماڻهن ۽ شخصيتن تي مضمون لکيل اٿس جن سان ليکڪ جو علمي، روحاني ۽ نظرياتي توڙي ذاتي تعلق رهيو آهي انهن سڀني تي شاندار نموني علمي تحقيقي ڪم ڪري تاريخ جو حصو بڻائي ڇڏيو اٿس.
هي ڪتاب ڏهين درجي کان وٺي يونيورسٽي جي شاگردن تائين رسمي توڙي غير رسمي تعليم لاءِ به مفيد ڪتاب آهي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *