تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

سخڻي ڪني…مير محمد مغل

حيدر هر روز جيان اڄ به صبح سوير مزدوري لاءِ گهران نڪتو پر منجهند ٿيڻ کان اڳ واپس موٽي آيو ۽ اڌ ڇڳل کٽ تي ڪنڌ جهڪائي ويهي رهيو ۽ مزدوري نه ملڻ جي ڪري ڪجهه سوچي رهيو هو حيدر کي پريشاني واري حالت ۾ ڏسي سندس گهرواري بانو ڀر ۾ ويهندي چوڻ لڳي ته اڪبر جا پيءُ ڇا ٿيو ڇا ٿو سوچين بانو سواليا نظرن سان ڳالهائيندي چيو حيدر ڪنڌ مٿي ڪري جوڻهنس کي ٻڌائڻ لڳو ته ملڪ ڪرونا وائرس جي ڪري لاڪ ڊائون ٿي ويو آهي ۽ انڪري سڄو شهر بند پيل هو ۽ سڀ مزدوريون به بند ٿي ويون آهن سڄي شهر ۾ ڪٿي به مزدوري نه لڳي.
جوڻهنس بانو ڪجهه سوچيندي چيو! اڪبر جا پي ڳوٺ واري سيٺ ڌنو ڏي وڃ متان ڪجهه رحم پئيس ۽ اسان غريبن کي اڄ جي گذر صفر لاءِ ڪجهه ڏئي حيدر بانو جي صلاح تي سيٺ طرف راونو ٿيو حيدر سيٺ جي اوطاق تي پهچي سيٺ کي ٻانهون ٻڌي مدد لاءِ چيو پر سيٺ ڌنو حيدر کي کالي هٿين موٽايو ۽ اڪبر جو پي مايوس ٿي هارايل جوارئ وانگر پنهنجا قدم آهستي آهستي کڻي گهر موٽي آيو.
جوڻهس بانو پنهنجي مڙس کي خالي هٿين ڏسي پريشان ۽ مايوس ٿي مڙس کي چوڻ لڳي اڪبر جا پيءُ مون ٻڌو آ ته سنڌ سرڪار لاڪ ڊائون جي اعلان ڪرڻ کان پوءِ سنڌ ۾ راشن ورهائڻ جو فيصلو ڪيو هو حيدر پنهنجي زال بانو ڏي نهاريندي چيو ته اڪبر جي ماءُ سنڌ سرڪار نه صرف فيصلو ڪيو پر اعلانيل راشن به متاثر جڳهن تي پهچائي چڪي آهي پر مار ڪا پوي اسان جي وڏيرن ۽ ڪامورن کي جن غريبن جو راشن غريبن تائين پهچائڻ بدران پنهنجا گودام ڀري ڇڏيا بانو کان رڙ نڪري وئي ۽ خدا کي سڏ ڪندي چيو يا خدا اسان غريبن مسڪينن جو ڇا ٿيندو منهنجا معصوم ٻچا بک تي ستا آهن مون پنهنجن معصومن کي اهو چئي سمهاري ڇڏيو ته اوهان جو پي شهر مان اوهان جي کائڻ لاء گهران نڪتو آهي يا خدا هي ڏس مون پنهنجن معصومن کي آٿت ڏيڻ لاءِ هي سخڻي ڪني چلهه تي رکي هئي جيڪا اڄ سخڻي ئي رهجي وئي
 آ غريبن کي ڳڀي جي ڳولا 
ڍئو بنا ڍولا ناهي ساڃهه سونهن جي 
خدارا هن لاڪ ڊائون ۾ غريبن جو حق کائڻ بدران غريبن جي مدد ڪريو جيئن نه صرف حيدر ۽ بانو  پر هر غريب ۽ مسڪين جا معصوم ٻچا نند مان اٿن ته هر بانو جي چلهه تي پيل سخڻي ڪني سخڻي نه رهجي وڃي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *