تازا ترين
  • ڪوٽڙي: نوري آباد سپر هاءِ وي تي مسافر وين کي باهه: 9 ڄڻا سڙي فوت: ترجمان موٽروي*
  • *عادلپور ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت *ڳوٺ رمضان ڪولاچي ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 35ورهين جو عبدالقدوس ڪولاچي فوت ٿي ويو*
  • *حيدرآباد: ڪسٽم انٽيلينجس جي سعيد آباد ۾ ڪارروائي، انڊيا کان اسمگل ٿيل آرٽيفيشل جيولري هٿ *اسمگلر آرٽيفيشل جيولري کي چين جي ظاهر ڪئي: ڪسٽم: ذريعا *آرٽيفيشل جيولري اصل انڊيا کان اسمگل ڪئي وئي آهي:ڪسٽم ذريعا *آرٽيفيشل جيولري جي ماليت تقريبن 29ملين رپيا آهي:ڪسٽم ذريعا *
  • *ملڪاڻي شريف: ايل بي اوڊي سم نالي سميت ننڊن ٻين نالن کي لڳل گھارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو *گهارن سبب سوين ڪچا گھر ڪري پيا، سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه *پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف سنڌ آبادگار ۽ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جي اڳواڻي ۾ احتجاج *پاڻي نيڪال جا لنگھه بند ٿيڻ ڪري ھر سال برساتن دوران نقصان ٿيندو آهي: احتجاج ڪندڙ*
  • *ميرپورخاص ۾ ٻوڏ متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج، راشن من پسند ماڻهن ۾ ورهائڻ جا الزام *فاقا ڪشي واري زندگي گهاري رهيا آهيون، واهر ڪئي وڃي: احتجاج ڪندڙ ٻوڏ متاثر*
  • *نوشهروفيروز: ڀرٽ ۽ سولنگي تڪرار کي ختم ڪرائڻ لاءِ وڪيلن جو منٿ ميڙ قافلو سولنگين وٽ پھتو *قافلو پهرين مرحلي ۾ سولنگي برادري وٽ مناهي پهتو، سولنگي برادري پاران مھلت طلب *سولنگي ۽ ڀرٽ ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ۾ هن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا 4 ڄڻا قتل ٿي چڪا*
  • *کپرو: نوجوان شھريار قائم خاني جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو احتجاجي مظاهرو *هڪ مهينو گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس قاتلن کي پروٽوڪول ڏئي رهي آهي: پيءُ علي قائمخاني*
  • *جوهي ۾ بدامني خلاف شهرين جو ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو *ٻوڏ جي ماريل ماڻهن جو ڏوهارين به جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس ۾ ساٿاري ۽ ڀوتارن جي پٺڀرائي هجڻ ڪري ڏوهاري سرعام گهمي رهيا آهن: احتجاج ڪندڙ *
  • *جاتي: برساتن کانپوءِ گندو پاڻي واپرائڻ سبب گيسٽرو جي مرش ۾ واڌ، اسپتال ۾ دوائن ۽ بيڊن جي کوٽ *اسپتال ۾ بيڊن جي کوٽ سبب مريض وارڊن ۾ فرش تي پيل، دوائون نه ملڻ جون به دانهون *
  • *ڄامشورو: بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف جدوجهد ڪميٽي پاران 24 ڪلاڪن واري علامتي بک هڙتالي ڪئمپ قائم *ڄامشورو اوور هيڊ برج هيٺيان لڳايل ڪئمپ ۾ وڏي انگ ۾ سياسي توڙي سماجي اڳواڻ ۽ شهري شريڪ *ڪامورن علمي درسگاهن جي شهرکي تباهه ڪري ڇڏيو آهي: اڳواڻ *شهر ۾ پاڻي جي کوٽ سميت رستن ۽ گهٽين ۾ گندگي جا ڍير لڳل آهن:احتجاج ڪندڙ *شهر مان اڃا تائين برساتي پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگهيو، ضلعي انتظاميا ڪو ترقياتي ڪم ناهي ڪرايو: اڳواڻ*
  • *سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران تيار ڪيل نائين ڪلاس جو بائلاجي ڪتاب ۾ ڇپيل سيليبس ۽ بورڊ طرفان ڏنل سيليبس ۾ فرق *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سيليبس ڪتاب ۾ موجود ئي نه آهن: استاد *سيليبس ۾ فرق هئڻ ڪري اسڪولن جا شاگرد ۽ استاد پريشان *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جي ڪتابن جي کوٽ*
  • *اسلام آباد: ام رباب جي ٽن گهرڀاتين جو قتل ڪيس، سپريم ڪورٽ پاران روپوش جوابدار گرفتار ڪرڻ جو حڪم *چيف جسٽس جي سربراهي ۾3 رڪني بينچ 24 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو حڪم نامو جاري ڪيو *عدالت پاران ڊي آءِ جي حيدرآباد پاران پيش ڪيل رپورٽ تي عدم اطمينان جو اظهار *ڊي آءِ جي ايندڙ ٻڌڻي تي روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪري عدالت کي آگاهه ڪري: حڪم نامو*
  • *اسلام آباد: بحريا ٽائون ڪراچي پاران قسطن جي ادائيگي لاءِ 2 سال مهلت گهرڻ بابت ڪيس جو حڪم نامو جاري *سپريم ڪورٽ 16 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو تحريري حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *بحريا ٽائون جي وڪيل پاران درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي ڪيس اڪلايو ويو آهي: حڪم نامو *بحريا ٽائون 460 ارب رپيا ادا ڪرڻ لاءِ قسطن ۾ٻن سالن تائين مهلت گهري هئي *
  • *عمرڪوٽ ويجهو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، 27 هاري بازياب *ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ جي حڪم تي پوليس ڪارروائي ڪئي *بازياب ڪرايل هاري فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج عمرڪوٽ جي عدالت ۾پيش *
  • *حيدرآباد تعليمي بورڊ ڏهين جماعت جي 2020 جي نتيجا جاري ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڏهين جماعت جي سائنس ۽ جنرل گروپ جا نتيجا اڄ شام 5وڳي جاري ڪيا ويندا*

سج گرهڻ جون حيران ڪندڙ حقيقتون ۽ موهيندڙ چهرا سج گرهڻ بابت روايتون ۽ وهم اجايا آهن، پر ڏسڻ وقت احتياطي اپاءِ لازمي وٺڻ گهرجن ……ترجمو: زوهيب سومرو

سج گرهڻ تڏهن ٿيندو آهي، جڏهن چنڊ مدار ۾ ڦيرو ڏيندي سج ۽ ڌرتي جي وچ ۾ اچي وڃي ۽ پوءِ سج جي روشنيءَ کي روڪي چنڊ پنهنجو پاڇو ڌرتيءَ جي گولي تي ڇڏيندو آهي. ايئن چنڊ جي پاڇي سان ڌرتيءَ تي ڏينهن جو به رات ٿي ويندي آهي. ٽنهي جي سڌي قطار ۾ اچڻ سان پورو سج گرهڻ (Total Solar eclipse) ٿيندو آهي، پر جزوي سج گرهڻ (Partial solar eclipse) ۽ گولائين گرهڻ (Annular solar eclipse) پويان ٻيا کوڙ سارا ڪارڻ آهن. حقيقت ۾ اهو آسماني ميڪانيات (Celestial mechanics) ۽ وقت جو حسين اتفاق آهي، جنهن ڪري گرهڻ برپا ٿيندو آهي. ساڍا 4 ارب سال کن اڳ جڏهن چنڊ ٺهيو، تڏهن کان اهو ڌرتي (سياري) کان وٿيرڪو ٿيندو پيو وڃي، سائنسدانن جي اندازي موجب هر سال اٽڪل 1.6 انچ يا 4 سينٽي مينٽر جيتري وڇوٽي ٿيندي آهي. آگسٽ 2019ع ۾ پورو سج گرهڻ ٿيو هو، تنهن وقت ڌرتيءَ کان پري چنڊ آسمان ۾ ان جاءِ تي اچي بيٺو، جتي چنڊ جي سائيز سج جيتري ٿي وئي، ايئن چنڊ پويان سج سڄو سارو لڪي ويو ۽ پورو گرهڻ ٿيو، پر سدائين ايئن نه ٿيندو آهي. اڄوڪو، يعني 26 ڊسمبر 2019ع وارو سج گرهڻ اصل ۾ گولائون گرهڻ يا باهه واري چوڙي(Ring of fire eclipse) آهي. ايشيا جي ڪجهه ملڪن ۾ جزوي ۽ ٻين ملڪن ۾ وري گولائين گرهڻ جو منظر برپا ٿيو، پر ايئن ڇو ٿيندو آهي؟ سج گرهڻ 4 قسم آهن. پورو، گولائون، جزوي ۽ هائبرڊ (ٻهروپيو) گرهڻ.
پورو سج گرهڻ: 86 لک 4 هزار ميلن تائين پکڙيل پيٽ وارو سج پتڪڙي چنڊ جي ڀيٽ ۾ 4 سئو ڀيرا وڏو آهي، وري چنڊ جي ڀيٽ ۾ ڌرتيءَ کان 4 سئو ڀيرا وڌيڪ پري به آهي. بيضوي نموني چوڌاري چڪر ڏيڻ جي ڪري انهي فاصلي ۾ گهٽ وڌائي ٿيندي آهي، يعني ڌرتيءَ کي چنڊ ڪڏهن گهڻو ويجهو ته ڪڏهن پري ٿيندو آهي. فلڪياتي جسمن جي ڦيري ۽ فاصلي واري لڪير ان وقت ٽٽندي آهي، جڏهن سج، چنڊ ۽ ڌرتيءَ جي هڪ سڌي قطار ٺهي وڃي. هونئن ته نئين چنڊ جو نظر اچڻ تمام گهڻو ڏکيو هوندو آهي، ان لاءِ عيد وارو چنڊ واضح مثال آهي. پر گرهڻ جي موقعي تي سج جي ڊسڪ کي پوري طرح سان پسمنظر ۾ لڪائڻ کانپوءِ اهو نئون چنڊ نروار ٿيندو آهي. سائنسدانن پوري سج گرهڻ جي ايوريج 18سال ٻڌائي آهي، مطلب انهي عرصي ۾ ڪنهن نه ڪنهن خطي ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو پورو سج گرهڻ ٿيندو آهي. پوري سج گرهڻ جا 2 پاڇا ٿيندا آهن، امبرا چنڊ جي پوري ۽ مرڪزي پاڇي کي سڏيو وڃي ٿو، ان جاءِ تي سج جي روشني پوري طرح ختم يا کڻي ايئن چئجي ته رڪجي ويندي آهي. پوري گرهڻ وقت سج جي روشني چنڊ تي مخروطي شڪل ۾ پوندي آهي، انهي چڪر ۾ چنڊ جو پاڇو به ڌرتيءَ تي مخروطي شڪل ۾ ڪرندو آهي. چنڊ جي انهي پاڇي جي پاڙ کي امبرا يا پورو پاڇو سڏيو ويندو آهي. امبرا کي وري جزوي پاڇي (Penumbra) جو ويڪرو گهيرو هوندو آهي. شيشي ۾ گاسيلٽ وجهڻ وقت دڪاندار جيڪا ڪرنڊي استعمال ڪندو آهي، اها پاڙ ۾ سنهي ۽ مهڙ تائين ٿوري ٿوري ويڪري ٿيندي ويندي آهي، پوري سج گرهڻ وقت به سج جي چنڊ تي روشني ۽ ڌرتيءَ تي چنڊ جو پاڇو ان ڪرنڊي جهڙو هوندو آهي. پنمبرا جي پاڇي جو منهن تمام ويڪرو هوندو آهي. پوري سج گرهڻ دوران بنيادي طور تي چنڊ جو امبرا يا پورو پاڇو ڌرتيءَ جي فضا سان ميلاپ ڪندو آهي. انهي ٿورڙي گهڙي ۾ به هڪ خوبصورت منظر ڏسڻ لاءِ ملندو آهي، اهو آهي سج جو ڪورونا. اهو سج جو ٻاهريون يا ڇيڙي جو حصوآهي. پوري سج گرهڻ جي عمر تمام ٿوري هوندي آهي، ساڍا 7 منٽن تائين به ان جو جٽاءُ ٿيڻ وڏي ڳالهه آهي.
جزوي سج گرهڻ: جزوي سج گرهڻ تڏهن ٿيندو آهي، جڏهن چنڊ جي اڳيان اچڻ کانپوءِ ڌرتيءَ تي پنمبرا يا جزوي پاڇو پوندو آهي، اهڙي حالت ۾ سج جو ٿورو يا گهڻو حصو ضرور ظاهر هوندو آهي. البته سج جو ڪيترو حصو بچي ٿو، اهو ان وقت جي گرهڻ جي حالتن تي ٿو. عام طور تي پنمبرا ڌرتيءَ جي قطبي خطي تي پنهنجي جهلڪ ڏيندو آهي، جيڪڏهن ڪو علائقو قطبي خطن کان ٻاهر آهي ۽ پوءِ به پنمبرا جي زون ۾ آهي، تڏهن به ان علائقي ۾ به سج جي ننڍڙي ڪٻ کان وڌيڪ گرهڻ نظر نه ايندو، جزوي گرهڻ وقت چنڊ ۽ سج وچ ۾ هزارين ميلن جيتري وٿي اچي ويندي آهي، اهڙي حالت ۾ سج جي کي مختلف خطن ۾ گهٽ وڌ گرهڻ لڳندو آهي. جيڪڏهن توهان اهڙي علائقي ۾ آهيو، جيڪو چنڊ جي لنگهه ڀرسان هجي، اُتي جُزوي گرهڻ جو اهڙو ته خوبصورت منظر ڏسڻ لاءِ ملندو آهي، جيئن پهريون چنڊ بنهه هوندو آهي، اتي وري سج بلڪل ايئن سنهو احمري نظر ايندو آهي.
انيولر يا گولائون سج گرهڻ/باهه جي رنگ: انيولر گرهڻ جيتوڻيڪ ورلي ٿيندو آهي، پر منظر ايڏو ته ڪمال جو هوندو اٿس، جو جيڪڏهن گرهڻ لاءِ ٺاهيل عينڪون پائي ڏسون ته اکيون ٺري پونديون. هن گرهڻ جي موقعي تي آسمان ڪنهن حد تائين ڪارو ٿي ويندو آهي، پوءِ جيترو وڏيڪ سج نظر ايندو، اوتري وڌيڪ دلفريب قسم جي ڪائونٽرفيٽ ٽوائلائيٽ يا شفق جي لالاڻ ترورا ڏيندي آهي. جيتوڻيڪ گولائون گرهڻ، پوري گرهڻ جهڙو ئي آهي، هتي به چنڊ سج جي مرڪز مان گذرندي نظر ايندو آهي. فرق رڳو ايترو آهي ته چنڊ ننڍڙو هجڻ ڪري سج جي ڊسڪ پوري ناهي ڍڪجي سگهندي، ڇاڪاڻ جو چنڊ بيضوي شڪل ۾ ڌرتي جي چوڌاري ڦيرو ڏيندو آهي ۽ ان جي فاصلي ۾ 2 لک21 هزار 457 ميلن کان 2 لک 52 هزار 712 ميلن تائين فرق اچي سگي ٿو. پر چنڊ جي امبرا جو تاريڪ پاڇو (ڪرنڊي يا ڪون جهڙي) وڌ ۾ وڌ 2 لک 35 هزار 700 ميلن تائين وڌي سگهي ٿو. اها ايوريج ڌرتي کان چنڊ تائين واري فاصلي کان گهٽ آهي.
سو، جيڪڏهن چنڊ گهڻي فاصلي تي آهي ته امبرا جو ٻاهريون ڇيڙو به ڌرتيءَ تائين نٿو پهچي، اهڙي صورتحال ۾ وري جيڪڏهن گرهڻ ٿئي ٿو ته اينٽمبرا (Antumbra) زمين سان ميلاپ ڪري ٿو، ان کي امبرا جو نظرياتي تسلسل ليکيو ويندو آهي. اينٽمبرا بنيادي طور تي چنڊ جي امبرا جو ڇڊو پاڇو آهي، جيڪو به مخروطي شڪل ۾ ڌرتي تي ڪرندو آهي. هاڻي جيڪو علائقو اينٽمبرا جي زون ۾ اچي ٿو، اتي مٿي ڏسڻ سان امبرا جي ٻئي پاسي جي جهلڪ ايندي ۽ سج جو پورو نه ڍڪجي وڃڻ جي نتيجي ۾ چنڊ جي چوڌاري هڪ باهه جي رنگ ٺهي ويندي آهي. هڪ جاءِ تي وري سج ايترو نظر ايندو آهي جو ڄڻ ته ڪنهن منڊي کي لڳل هيرو چمڪاٽ ڪندو هجي، اهو ڪيڏو نه خوبصورت نظارو هوندو.
هائبرڊ سج گرهڻ: ان کي انيولر-ٽوٽل گرهڻ به سڏيو ويندو آهي. هي خاص قسم جو سج گرهڻ تڏهن ٿيندو آهي، جڏهن ڌرتي کي چنڊ تمام گهڻو ويجهو هوندو آهي ۽ امبرا جي ڌرتي تي ڪرڻ واري حد جي بنهه ويجهو هوندو آهي. گهڻو ڪري اهڙين حالتن ۾ هائبرڊ گرهڻ انيولر جيان شروع ٿيندو آهي، ڇاڪاڻ جو امبرا جي ڇيڙي يا مهڙ کي ڌرتي تائين پهچڻ ۾ تمام ٿورو وقت لڳندو آهي. ان کانپوءِ وري اهو پوري سج گرهڻ ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو، ڇاڪاڻ جو ڌرتي جي گولائيءَ مٿي وڃي چنڊ جي پاڇي ڇيڙي سان ميلاپ ڪندي آهي ۽ سج پورو ڍڪجي ويندو آهي، آخر ۾ گرهڻ باهه جي چوڙيءَ جو مهانڊو ٺاهي ختم ٿي ويندو آهي. هن گرهڻ کي ٻهروپيو به تڏهن سڏيو ويندو آهي، جو گهڙي گهڙي پنهنجو روپ تبديل ڪري ٿو.
سج گرهڻ ڏسڻ وقت احتياطي اپاءَ: ماهرن جو چوڻ آهي ته سج گرهڻ جو منظر عام اک سان نه ڏسڻ گهرجي، ڇاڪاڻ جو ان سان ماڻهو انڌو به ٿي سگهي ٿو. باقي سج گرهڻ جي خطرناڪ نقصانن وارا وهم اجايا آهن، سج ته هونئن به سدائين خطرناڪ رهيو آهي، سج مستقل طور اهڙا شعاع اوڳاڇيندو آهي، جيڪي توهان جي اکين کي نقصان پهچائي سگهن ٿا. پر ڇا ڪجي، عام حالتن ۾ به ته ماڻهو سج کي کن پل لاءِ ڏسڻ جي همت نٿو ساري سگهي، گرهڻ وقت ئي ڪجهه ڏسڻ لاءِ ملي ٿو، سو ڪيئن اکين کان وڃائجي. تنهن ڪري ماهرن صلاح ڏني آهي ته سج گرهڻ وقت پن هول ڪئميرا جو استعمال ڪريو، اها ته اهڙي سولي آهي جو ماڻهو گهر ويٺي سج گرهڻ جو نظارو ڪري سگهي ٿو، ٻيو وري اڇي پني تي ٽيلي اسڪوپ ۽ دوربيني جو به استعمال ڪري سگهجي ٿو. اهو ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته گرهڻ وقت سج جي ان حصي کي سڌو بلڪل نه ڏسڻو آهي، جيڪو روشن هجي يا وري ان جو روشن ڇيڙو ظاهر هجي. پن هول آئينو به استعمال ڪري سگهجي ٿو، سولر فلٽر عينڪون ملنديون آهن، اهي ڪٿان خريد ڪري چنڊ گرهڻ جو نظارو ڏسي سگهجي ٿو. سج گرهڻ جو منظر ڏسڻ وقت احتياط ڪرڻ لازمي آهي.
(جيو رائو/اسپيس مئگزين)

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *