تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

سج (نثري ٽڪرا) … مبين سنڌي

مونکي راتين کان ڊپ لڳندو آهي ڇو جو راتين جي اوٽ ۾ لڪي هميشه ڪنهن نه ڪنهن ظالم منهنجي دنگن ۽ ننگن کي قابض بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
…………….
باک ڦٽڻ کان پوءِ جڏھن سج اُڀري مٿي نروار ٿيندو آهي ڀائيندو آهيان ته بس اهو ئي آهي جيڪو هر ڪاري رات کان پوءِ روشن ڏينهن ٿيڻ جو يقين ڏياريندو رهي ٿو.
……………
سج ڪنهن مهل جَهڪو ڪنهن گهڙيءَ تيز وري جَهڪو بڻجي دُنيا وارن کي وچٿرو ٿي رهڻ جو سبق ڏيندو رهي ٿو.
………….
شام ڌاري جڏهن سج اسانجي تلاءَ کي آئينو بڻائي پنهنجي صورت ڏسندو آ اُن وقت ائين لڳندو آھي شايد ڪا محبوبڙي سج جي جي به انتظار ۾ هوندي.
………..
مان سوچيندو آهيان سڄو ڏينهن ڌرتيءَ تي گذارڻ کان پوءِ شايد سج کي به ڌرتيءَ سان محبت ٿي وڃي ٿي تڏھن ته ويندي ويندي هو وڻن جي وٿين مان به ڌرتيءَ کي تڪيندو رهي ٿو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *