تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

ستين لنگهڻين، ڪتو حلال! … مظھر ابڙو

ٻه اڍائي ڏھاڪا اڳ ھڪ اديب دوست ملندي ئي شڪايتي انداز ۾ چيو ھو، “يار! ڦلاڻي رسالي جي ايڊيٽر ته اڄ منھنجو اندر ئي ڪوئلو ڪري ڇڏيو.”
پڇيو ھئم، “اھو وري ڪيئن؟”
وراڻيو ھئائين، “چوي پيو ته رسالي لاءِ پنھنجي شھر جي ڦلاڻي جڳاڙي اديب جو انٽرويو ڪري اماڻ.” ھن لھجي ۾ اضافي تلخي ۽ چھري تي بُڇان جو تاثر پيدا ڪندي وڌيڪ چيو ھو، “ڪٿي منھنجي ليول ۽ ڪٿي ھن جُڳاڙي اديب جي حيثيت، جنھن کي لفظ به لکڻ ڪونه ايندو آھي ۽ جنھن جي ڪو ڀر ۾ ويھڻ به پسند نه ڪندو آھي.”
اڄ ان قصي کي گھڻا سال گذري چڪا آهن. وقت ڪافي تبديل ٿي چڪو آھي ۽ انھيءَ تبديليءَ وچ ۾ منھنجو اھو اديب دوست جيڪو ھاڻ جونيئر مان سينئر ٿي چڪو آھي نه رڳو پنھنجي شھر جي جُڳاڙي اديب جا ٽي وي، ريڊيو ۽ رسالن لاءِ اڻ ڳڻيا انٽرويو ڪري چڪو آھي پر پنھنجو قلمي پورهيو قربان ڪندي سندس نانءَ تي ڪيترائي ڪتاب پڻ لکي چڪو آھي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *