تازا ترين
  • پ پ تاريخي اي پي سي ڪوٺرائي، نواز شريف واضع۽ تفصيلي تقرير ڪئي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري*گلگت بلتستان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، ملڪ ۾ جمهوري آزادي چاهيون ٿا:بلاول *
  • *اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي جاچ وارو معاملو *نيب راولپنڊي فرنٽ مين اياز صديقي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو: ذريعا *اياز صديقي جعلي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا: نيب ذريعا*
  • *ڄام نواز علي: ڇتو ڪتو مارڻ جي ڪوشش دوران نوجوان مارجي ويو *ڳوٺ ديوان گلاب راءِ ۾ ڳوٺاڻي ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ فائر ڪيو ته گولي نوجوان مادو ڪولهي کي لڳي: پوليس *پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *گهارو شهر ۾ واپاريءَ کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال *2ڏينھن اڳ واپاري گڊو کان 9لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو *واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي *مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پهچي ويا *عدالت نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي به ٻڌڻي ڪندي *ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام *
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

ساوڻ جون موجون۔جمنا جوڀن۔ڪرشن جو جنم … ڊاڪٽر هوتچند

هونئن ته عشق جاداستان هر هنڌ هر صدي ۾ نروار هوندا آھن پر ڪي پيارجا داستان عشق جي علامت بڻجي صدين جا پنڌ ڪري به روشن رهن ٿا جن کي روشن ڪرڻ لاءِ ڪنهن مصنوعي تيل fuel جي ضرورت ن پوندي آھي ۔لارڊ ڪرشنا جنهن کي مختلف نالن سان ياد ڪيو ويندو آھي۔اهو 1600 صدي جو هڪ لازوال حصو آھي ۔جنهن جي ڄمڻ کان مرڻ تائين ڏسجي ته هڪ بهترين ڪردار سامهون ايندو ۽ اهو ان دور جو ديومالائي ڪردار چئجي ته وڏائو نه ٿيندو۔لڳي ته ايئن ٿو ڪرشن جي ڪشش ڄمڻ کان ئي شروع ڪري سگهجي ٿي ۔اقتدار جي حوس جو نشانو بڻيل سندس ماءُ پيءُ جي جيل ۾ هوندي سندس جنم ٿيو ۔راجا ڪنس مٿرا جو راجا جيڪو سندس مامون هو ان کي ڪنهن ڀوپي ٻڌايو ته ديوڪي جيڪا سندس ڀيڻ ھئي ان مان ٿيندڙ اولاد کيس ماري تخت تي ويهندو. ان ڪري کيس ڄمندي ئي جلاوطن ٿيڻو پيو ۽ گوڪل شھر جيڪو جمنا ندي جي ٻئي ڪناري تي هو اتي سندس ماسي جي گهر وڃڻو پيو ۔ظالم راجا خلاف بغاوت ڪرشن جي ڄمڻ کان شروع ٿي ۽ سندس پيءُ هن کي گوڪل شھرماسي جي گهر پهچائي واپس ان جي ڌي کڻي واپس جيل آھيو ۽ راجا اها ڇوڪري ماري ڇڏي ۽ بي اونو ٿي ويو.جڏهن سندس پي جمنا ندي پار ڪري رهيو هو ته ميگهه ملهار ملائي پئي ۽ جمنا نندي به پنهنجي جوڀن جو مڌ پيئڻ لاءِ ڪرشن جي مقناطيسي جسم جا پير چمڻ کان نه روڪي سگهي ۽ پنهنجا جوهر ڏيکاريا پر هو گوڪل ۾ پهچي ويو۔هن۾ ڪا خاص ڪشش هئي هو ننڍپڻ کان ئي گوپين جو مرڪز هو۔اڃان ٻئي ڳالهھ جيڪا سڀني کي يگانو بڻائيندي هئي سندس بانسري هئي
(ڪنيا تنهنجي بانسري ڪويل روپ آھي
سنسار جو ساري روپ ان ۾ الوپ آھي)
(ڪنيو) ڪرشن جڏهن بانسري وڄائيندو هو ته ان جي سر ۾ ايتري ته ڪشش ھوندي هئي جو عورتون پنهنجا سڀ ڪم ڇڏي ڪي ٻنين ۾ ڪم ڇڏي ته وري دلا تڪڙ ۾ ٽوڙي اچي نچڻ لڳنديون هيون۔پر هو اٺن سالن جي عمر ۾ جنن عشق ۾ اڙھيو جو کيس خبر ئي نه پيئي ته هو ڇا پيو ڪري۔هن کي راڌا سان عشق ٿيو۔راڌا جا نقش ۽راڌا جو سندس مرلي تي نچڻ هن جي روح جي غذا هئي جيتوڻيڪ راڌا هن کان عمر ۾ وڏي هئي پر هو راڌا کانسواءِ اڌورو هو۔هن کي بيچيني سمجهھ ۾ ئي نه هئي بس راڌا پيو ڪندو هو۔هو به هن جي پيار ۾ گم هوندي هئي. پر ٻنهي کي سندن عشق جي انجام جي خبر نه هئي ۽ ن ئي عشق جي ته عشق آھي ڇا؟ بس گڏ گهمڻ نچڻ ٽپڻ ھڪ کي ٻئي ڏسڻ نه ڏسڻ تي پريشان ٿيڻ سڄو ڏينهن تصور ۾ گم رهڻ هڪ ڏيننهن سندس ماءُ يسوڌا کان پڇيو ته راڌا گوري سهڻي ۽ آئون ڇو ڪارو۔ ان تي ماڻس کلي ڳالهھ ٽاري ڇڏيندي هئي۔۽ چوندي هئي آئون توکي ان کان حسين ڪنوار وٺي ڏيندس۔ان تي هو بي چين ٿي ويندو هو ۔کيس هن روحاني عشق جي ته پروڙ ئي نه هئي هو ديوڪي جو پٽ مٿورا جو شھزادو ۽گوڪل جي گوپين جو هيرو جنهن جي هڪ سر تي سڀ اچي گڏ ٿينديون هيون پرهو جڏهن راڌا کي ڏسندو هو ته سندس سر ۾ سرهاڻ اچي ويندي هئي ۽ ٻئي مدهوش ٿي ويندا هئا ۔ان جي آلاپن رنگ تڏهن ڪڍيو جڏهن ڪرشن جي شادي رڪمڻي سان ٿي ۔رڪمڻي به سونهن جو دريا هئي سندس جا تجلا جهلڻ ڪنهن جي وس نه هئا۔سندس ماءُ يسوڌا کيس صحيح چيو هو ته آئون توکي سهڻي ڪنوار وٺي ڏيندس ۔پر ماءُ کي ڪهڙي خبر ته ڪرشن جي من جو مندر ڪنهن ٻئي هنڌ ٺھيل آھي هو ته اڃان ڪنهن ٻئي جي پوڄا ٿو ڪري هن جا پيچ ڪنهن ٻئي هنڌ اٽڪيل آھن پر ان جو ذڪر اڄ تائين نه ڪيو آھي۔هوڏانهن جڏهن راڌا کي خبر پيئي ته سندس روح جي راڻي جي شادي رڪمڻي سان پئي ٿئي ته هو تڙپي ٿي پيو ۽ ڪرشن جي محل ۾ اچي ٿي چويس ٿي ته تون هاڻ ڪنهن ٻئي جو آھين مونکي بس پنهنجي محل۾ داسي ڪري رک ۽ هو انڪار نٿو ڪري۔پر راڌا ڪجھه ڏينهن کان پو۽ محل ڇڏي هلي ٿي وڃي ڪرشن سندس ڳولا ۾ نڪري ٿو۔راڌا هن کي جهنگ۾ ملي ٿي جيڪا آخري ساهه کڻندي کيس چوي ٿي ته تون مرلي وڄائي۽ هو مرلي وڄائي ٿو ۽ راڌا سندس ٻانهن ۾ دم ڏئي ٿي ۽ اها ڪرشن جي آخر هوندي آھي مرلي وڄائڻ ۔ان وقت هو مرلي کي اڇلي ٿو ڇڏي ۽ وري هن ڪڏهن به مرلي نه وڄائي پر سندس منهن مان جڏهن به سندس ساهه نڪتو ته پهرين راڌا پو۽ ڪرشن.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *