تازا ترين
  • *حيات پتافي: هڪ هفتو اڳ بجلي جون تارون گهر مٿان ڪرڻ سبب فوت ٿيل ناري ثمينا وارو معاملو*مسمات ثمينا جي وارثن جو احتجاج،ناري جو قتل ڪيس واپڊا عملدارن تيداخل ڪيو وڃي: مطالبو*
  • *چوھڙجمالي:درگاهه شاهه يقيق وٽان پيرسن عورت جو لاش ھٿ *چوهڙ جمالي: پيرسن عورت جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو *چوھڙجمالي: فوتي عورت پنهنجي ذهني معذور نياڻيءَ جي علاج لاءِ ترسيل هئي: شهري*
  • *ڪراچي: اين آءِ سي ايڇ ۾ ھڪ ڊاڪٽر کي ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق: اسپتال انتظاميه *نيفورو وارڊ ۾ داخل ٽن ٻارن کي پڻ ڪورونا جو خدشو، کين ڪورونا لاءِ قائم ڪيل وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو*ڪراچي: ٽنهي ٻارن جي انڊس اسپتال مان ٽيسٽ ڪرائي وئي، هڪ ليڊي ڊاڪٽر کي به ڪورونا جو خدشو *نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ ھيلٿ ۾ به ٽي ڏينهن اڳ ٻن ملازمن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي هئي*
  • *ڏهرڪي ويجهو ڳلو ڪپي قتل ڪيل سيد عنايت شاهه جو ڪيس هڪ نامعلوم جوابدار تي داخل *پوليس مقتول جي ڀاءُ منظور شاهه جي فرياد تي نامعلوم جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *حيدرآباد ۽ سجاول ۾ بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ شهرين جون متيون منجهائي ڇڏيون *حيدرآباد جي ماڻڪ ڀٽي ڳوٺ ۾ 5 ڏينهن کان بجلي بند، ٻوسٽ سبب پيرسن عورت دم ڏئي ڇڏيو، رهواسي سراپا احتجاج *سجاول جي مختلف علائقن ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ، شهري پريشان، اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جي گهر*
  • *مدئجي ۾ ڳوٺاڻن پاران ڳاهيجا ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڦرلٽ جي وڌندڙ وارداتن خلاف احتجاجي ريلي *پوليس جي نااهلي سبب چوريون، ڦرون ۽ ڌاڙا وڌي ويا، رهواسي غير محفوظ آهن: مظاهرين*
  • *هالا ڀرسان ڇلگري وٽ ٽرالر جو ڪار کي ٽڪر، گمبٽ واسي 5 گهر ڀاتي زخمي *پوليس زخمين کي اسپتال منتقل نه ڪيو، خانگي گاڏي ذريعي زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *ملير: نئين سبزي منڊي ويجهو گاڏي جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، 2 زخمي *فوتي جي سڃاڻپ 27 ورهين جي شامدار طور ٿي، زخمي اسپتال منتقل*
  • *سنڌڙي: سامارو شاخ کي ڳوٺ علي بخش مري وٽان گھارو *ڳوٺ علي بخش مري ۽ پانڌي مري جي رھواسين جو سامارو موري تي احتجاج *مٿان پرونمل کان برساتي پاڻي سامارو شاخ ۾ ڇوڙ ڪيو پيو وڃي: احتجاج ڪندڙ*
  • *پليجاڻي ريلوي اسٽيشن ويجهو ٽرين جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت *پٽڙي ڪراس ڪندڙ 26ورهين جي غلام نبي ڏيٿو کي ملت ايڪسپريس جو ٽڪر لڳو *
  • *خانپومھر : شاھپورمھر ويجھو بمبلي مائينر مان 6 ورھين جي نينگر جو لاش ھٿ *بمبلي مائينر ۾ لاش لڙھندو ڏسي ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڏنو *نينگر جي سڃاڻپ ميرپورماٿيلو واسي اياز علي ڌوھو جي نالي سان ٿي *

سانوڻ فقير جو رسالو … ترتيب:عبدالرحمان عظيمي جائزو:سيد جڙيل شاھه بخاري

ڏيڍ صدي اڳ لاڙ پٽ ۾ جنم وٺندڙ سانوڻ خاصخيلي ڦوھ جواني ۾ پھتو ته عشق مجازي سندس چيچ پڪڙي پوءِ سانوڻ فقير بڻجي ويو. سانوڻ فقير پنھنجي جواني جي پيچ وتاب جون حسناڪيون ۽ پيار جاپنڌ پروڙيندي اڃان صوفيت جي مسلڪي نعري انڪار جي منزل تي ئي ھو اڃان پنھنجي بيتن کي ڀنڀٽ بنائڻ لاءِ ڪنھن ڪھني درد جي اوسيئڙي ۾ ھو ته درد به اچي سندس ڀر ورتي ۽ ان سال 1915۾ لوس جي وبا لاشن جي ستماڙن ۾ اچي وارد ٿي جنھن سانوڻ فقير جو گھر به اجاڙي ڇڏيو ڀائر ۽ سندس وني بي رحم وبا ڳڙڪائي ويئي جنھن ڏک سانوڻ جو ڏيل ڏاري ڇڏيو انھن سورن کيس سڙي جو سانوڻ بنايو بيت اوھيرا ڪري سـندس واتان نڪرڻ لڳا سنڌ جي واھڻن وستين ۾ سانوڻ جي بيتن جي ھائوڪار مچي ويئي پاڻ کي سڙيو ۽ جليو جا لقب ڏئي حساس دلين ۾ درد ناڪين جا طوفان جاڳائڻ لڳو سندس اھڙي شاعري تي عوام طرفان محبتن جو مينھن اوڙڪون ڏئي برسڻ لڳو.
سانوڻ فقير جي چار ڏھاڪن سندس 1938 جي وفات تائين ته ڇا اڄ به زندھه وجاويد آھي جنھن تي ڪجھه قدر ڪم ٿيو پر تازو عبدالرحمان عظيمي ذميوار محقق طور “سانوڻ فقير جو رسالو”ترتيب ڏيئي شاندار تحقيقي ڪارنامو سرانجام ڏنو آھي انتھائي غور وخوص سان سانوڻ فقير جا بيت پرين جي اڪيلائي ۾ ڏنل چمين جھڙا دلڪش ۽ مسحور ڪن لڳن ٿا. ترتيب ڪار خود پنھنجي سانوڻ فقير بابت بيتن جي کوجنا جو ڪٺن ڪم تحرير ڪيو آھي واقعي بيت ڳولي رسالو بـڻائڻ ۾ عبدالرحمن خاصخيلي ڪھنا مشق ڪم ڪيوآھي سندس پورھيو قابل داد آھي. سانوڻ فقير جي شاعري جيڪا عبدالرحمن عظيمي سر مومل راڻو، سر رپ، سر ڪارايل، سر سارنگ، سر مارئي، سر ليلان مجنون، سر ليلان چنيسر، سر رامڪلي، سر سھڻي ميھار جو بيتن ۾ ذڪر انھي ۾ ترتيبڪار کي سرن جي عنوان جي مناسبت سان انھن جي ٿوري وضاحت لکڻ کپي ھا پر مجموعي طرح رسالو ھاڪاري نموني ترتيب ڏنل آھي. ھاڻ اچجي سانوڻ فقير جي بيتن تي جيڪي رسالي ۾ ترتيب ڏنا ويا آھن سانوڻ فقير صوفي منش شاعر ھو چوي ٿو.
شريعت طريقت معرفت کان مٽي ويس
مھنديرو لنگھي مون لاھوت ۾ ٿيس
حقيقت ھٿيرو اتي نڪي عاشق نڪي عابد
نڪي عارف جن جو پڳ ڏسان پيرو
مون صوفي تان سانوڻ چئي ڀڃج ڪيـنم ڀيرو
آھو نينھن نبيرو ميثاق کان مھند ھو (سلوڪ)
سانوڻ فقيرکان وٺي ٿر جي حاصل فقير جي بيتن تائين سنڌ ۾ بيتن جي ھڪ انداز اسلوب موھيندڙ رھيو آھي جنھن ۾ رومانس کي اھڙي پيڙا سان سموھيو ويو آھي جو سانوڻ جا نڙ بيت پڙھندي ڪوئل جي درديلي ڪوڪ جھڙي ڪيفيت من ۾ لھي وڃي چوي ٿو
ڪانگل ڪھڙي ڪنڊ ٿا منھنجا سيڻ سڄن
آئون مران ته موچاري ٿيان ھو شل حياتي ھجن
آھون عاشقن جون ٿيون آڌي رات اٿن (سر مارئي)
مطلب ته سانوڻ جا بيت درمند دلين جا عڪاس به آھن ته حب الوطني جي ترجماني به ڪن ٿا جئين چوي ٿو
ويڙھه وڃڻ جي سومرا مونکي تڙن جي تڪ
مارو رھن ملير ۾ جن جو ٽاڻو نڪو ٽڪ
ساھ تي سانوڻ چئي مونکي پوري نه آھي پڪ
حميراڻا حق پارڻ کان پري ٿيا
عبدالرحمان عظيمي بلاشڪ سانوڻ فقير چي شاعري جو سچيت ڳولائو آھي سندس ترتيب ڏنل سانوڻ جو رسالو سنڌ جي نئين نسل لاءِ بي بھا سوکڙي آھي سڀ بيت دل آويز ۽ ٻن صدين جي سماجي لاھن چاڙھن وصال ۽ وچوڙن جو تايخي دستاويز آھن مونکي يقين آھي ته سـڌ ادبي ۽ شاعري جي کيتر ۾ ھي رسالو جوڳي مڃتا ماڻيندو سنڌ جي ھر علمي ادبي ذوق رکندڙ نوجوان کي ھن رسالي جو مطالعو ڪرڻ گھرجي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *