تازا ترين
  • *نواب شاهه: صحافي عزيز ميمڻ جو قتل ڪيس ڪئميرامين اويس قريشي سوڌو 5 جوابدارن خلاف داخل*
  • *جيڪب آباد: مهڪ ڪماري جي ننڍي ۾ عمر ۾ شادي ڪرائڻ جو ڪيس داخل*
  • *قبضا مافيا کي ڪير ڪجهه نٿو چوي، پر عوامي مفادن لاءِ ڪم ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ٿيندا آهن: سنڌ هاءِ ڪورٽ*
  • *پ پ اڳواڻ سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو خلاف انڪوائري مڪمل: جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ واڌ*
  • رستم ڀرسان ڪارنهن تهمت هيٺ عورت قتل، لاش گم،2 گرفتار*ڳوٺ سردار خادم جتوئي ڀرسان 15 ڏينهن اڳ ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ سبحان خاتون کي قتل ڪري لاش گم ڪري ڇڏيو*
  • ڪورونا وائرس:چين ۾فوتين جو انگ 2 هزار کان وڌي ويو*هن وقت تائين 2004 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، متاثرن جو انگ 74 هزار کان وڌيڪ آهي: چين*

سانا مارين دنيا جي ننڍي عمر واري پهرين وزير اعظم

يورپ جي ملڪ ناروي ۽ سوئيڊن جي پاڙيسري ملڪ فن لينڊ جي 34 ورهين جي سياستدان سانا مارين دنيا جي سڀ کان ننڍي عمر واري وزير اعظم بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪري ورتو آهي. سانا مارين جتي دنيا جي سڀ کان ننڍي عمر واري وزير اعظم بڻي آهي، اتي هوءَ فن لينڊ ۾ هيستائين بڻجندڙ ٽين عورت وزير اعظم به آهي. وڏي ڳالهه اها آهي ته سانا مارين پهريون ڀيرو فن لينڊ جي 5 سياسي پارٽين جي اتحاد جي نتيجي ۾ بڻجندڙ حڪومت جي تحت وزير اعظم چونڊي وئي آهي، انهن پنجن ئي سياسي پارٽين جون سربراهه عورتون آهن. ساڳئي وقت سندس ڪابينا ۾ مک وزارتون به عورتن حوالي آهن، جن ۾ تعليم جي وزير لي اينڊرسن آهي، ناڻي وزير به ڪارتي ڪلموني ۽ گهرو وزير ماريا اوهيسالو آهن. 34 سالن جي سانا مارين جو تعلق فن لينڊ جي هڪ مشهور سياسي پارٽي سوشل ڊيموڪريٽڪ پارٽي (ايس ڊي پي) سان آهي ۽ هوءَ ڪجهه وقت اڳ استعيفا ڏيندڙ وزير اعظم اينتي ريني پاران عهدو ڇڏڻ کانپوءِ وزير اعظم بڻي آهي.
هڪ خابرو اداري مطابق سوشل ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي اعليٰ ڪائونسل ۾ شامل 32 ميمبرن مان 29 ميمبرن 34 ورهين جي هن ننڍي عمر واري اميدوار جي حق ۾ ووٽ ڏنو. سانا مارين کان اڳ به ان ساڳي سياسي پارٽي جو اينتي ريني وزير اعظم هو. سندس پارٽي کي هلندڙ سال اپريل ۾ ٿيندڙ چونڊن ۾ سڀ کان وڌيڪ اڪثريت حاصل ٿي هئي. ايس ڊي پي ٻين 4 سياسي پارٽين سان گڏجي حڪومت ٺاهي، پر ڪجهه وقت اڳ به فن لينڊ ۾ ڪيترن ئي هفتن کان پوسٽل کاتي جي ملازمن جي شديد احتجاجن جي نتيجي ۾ وزير اعظم انتي ريني کي استعيفا ڏيڻي پئي هئي.
اينتي ريني جي استعيفا کانپوءِ سوشل ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي طرفان ٻيا سياستدان به وزارت اعظميٰ جا اميدوار هئا، پر ڪائونسل ميمبرن جي اڪثريت سانا مارين تي اعتماد جو اظهار ڪندي وڏي انگ ۾ ووٽ ڏيئي کيس پنهنجو نئون وزير اعظم چونڊي ورتو. سانا ميرين 34 ورهين جي عمر ۾ وزارت عظميٰ جهڙو عهدو سنڀاليندڙ پهرين عورت بڻجي وئي آهي. هن کانپوءِ ٻئي نمبر تي ننڍي عمر وارو يوڪرين جو وزير اعظم اولڪسي هونچارڪ آهي، جنهن جي عمر 35 سال آهي، جڏهن ته ٽئين نمبر تي نيوزي لينڊ جو وزير اعظم جسينڊا آرڊرن اچي ٿو، جنهن جي عمر 39 سال آهي. سانا مارين وزير اعظم بڻجن کان اڳ ٽرانسپورٽ ۽ ڪميونيڪيشن جي وزير طور خدمتون سرانجام ڏيئي رهي هئي، هوءَ 2015ع ۾ پهريون ڀيرو 30 سالن جي عمر ۾ اسيمبلي جي ميمبر چونڊي وئي.
پنهنجي خطاب ۾ سانا مارين چيو ته “آئون هڪ فلاحي رياست ۾ ڄائي آهيان ۽ مون کي فخر آهي ته منهنجي زندگيءَ جي ڏکين گهڙين ۾ هڪ قوم منهنجي مدد ڪئي”. واضح رهي ته ڪجهه وقت پهرين پنهنجي اليڪشن کان اڳ هن چيو هو ته هوءَ هڪ اهڙي گهراڻي سان تعلق رکي ٿي، جيڪو انتهائي غريب آهي ۽ هوءَ پنهنجي ڪٽنب جي پهرين عورت آهي، جنهن وٽ يونيورسٽيءَ جي ڊگري آهي. يقينن مارين جهڙي اميدوار جي چونڊ هڪ جوکو آهي، پر جيڪڏهن دنيا جي ڪابه پارٽي حقيقي تبديلي آڻڻ چاهي ٿي ۽ جدت طرف وڌڻ جي خواهشمند ته سانا مارين هڪ بهترين چونڊ آهي. مارين وزير اعظم چونڊجڻ کانپوءِ حڪومتي پروگرامن يعني ترقيءَ کي پنهنجي ترجيح بڻايو آهي.
واضح رهي ته مارين جي پارٽي ۾ سڀئي ميمبر نوجوان ئي آهي، جيڪي 80ع کان پوءِ ڄاوا آهن، انهن جي سوچ ۽ سمجهه پراڻن اڳواڻن کان مختلف آهي. فن لينڊ جي ٽيمپيئر يونيورسٽي جي پروفيسر جوهنا ڪونتولا جو چوڻ هو ته “هوءَ ايئن اوچتو ئي اوچتو ناهي آئي. وزير اعظم بڻجڻ کان اڳ ئي هوءَ ڪافي حد تائين مقبول ٿي چڪي هئي”.
مس ڪونتولا جو چوڻ هو ته “هوءَ پنهنجي سموري ڪيريئر ۾ توازن برقرار رکندي پئي آئي آهي، ان ڪري ئي کيس ساراهيو پيو وڃي، کيس سياسي معاملن ۾ تمام گهڻي دلچسپي آهي، هوءَ پاليسين تي ڳالهائڻ پسند ڪري ٿي”. وڏي ڳالهه ته مارين پنهنجي پارٽي جي اندر به کاٻي ڌر ڏانهن لاڙو رکندڙ شخصيت طور سڃاتي وڃي ٿي. سندس ايجنڊا ۾ ماحولياتي تبديلي، برابري، سماجي ڀلائي سرفهرست آهن. تازو وزير اعظم بڻجڻ کانپوءِ هن ٽوئيٽر تي فن لينڊ جي سماج کي بهتري ڏانهن وٺي وڃڻ جو اظهار ڪيو آهي.
فن لينڊ جي يونيورسٽي جي پارليامينٽري تعليم جي سينيئر محقق جيني ڪريماڪي جي راءِ آهي ته سانا مارين جي چونڊ سندس پارٽي کي فائدو ڏيندي، جيڪا اقتدار جي مڪمل طور حاصلات لاءِ هٿ پير هڻي رهي آهي. “هي اها ئي نئين شروعات آهي، جنهن جو سوشل ڊيموڪريٽڪ پارٽي کي انتظار هو” مس جيني ٻڌايو، هن ڳالهه ٻولهه ۾ اهو به اظهار ڪيو ته “امڪان آهي ته سانا مارين جلد ئي ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي سربراهه چونڊي ويندي”. ٻئي پاسي، مس ڪانتولا جو چوڻ هو ته “2015ع کان 2019ع تائين رهندڙ سرڪار ۽ هن سرڪار ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي، ان ۾ ساڄي ڌر جي مردن جي اڪثريت هئي”.
“اها صورتحال ٿورڙو اسان کي 80ع واري وقت ڏانهن وٺي وڃي ٿي. هي رڳو سياسي نمائندگي وارو پاسو ناهي، اهي پوڙها ۽ ڳورا مرد هئا، اهو دور جنسي اڻبرابري وارو بدترين دور هو”. ڪونتولا آخر ۾ اهو به چيو ته “هن ڀيري ووٽرن جو ٽرن آئوٽ تمام گهڻو رهيو، جيڪو 73 سيڪڙو هو. ٻين لفظن ۾ ايئن چئجي ته ووٽرن، لبرل، نوجوان ۽ اهم ڳالهه ته عورت قيادت تي اعتماد جو اظهار ڪندي پراڻي سياسي ليڊرشپ مان بيزارگي جو اظهار ڪيو آهي. پر اڃان تائين اهو نٿو چئي سگهجي ته ڪو فن لينڊ عورتن کان ناپسندگي واري رجحان مان مڪمل آجو ٿي چڪو آهي. اڄ به اهڙا ماڻهو موجود آهن جيڪي عورتن کي اهڙن وڏن حڪومتي عهدن تي ڏسڻ نٿا چاهين. سماج اندر اهو هڪ وڏو تضاد موجود آهي.
سانا مارين جو پروفائل:
کاٻي ڌر ڏانهن لاڙو رکندڙ سانا مارين جي پيدائش 16 نومبر 1985ع تي هڪ هم جنس پرست جوڙي جي گهر ۾ ٿي. حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته هوءَ پنهنجي خاندان جي پهرين ڇوڪري هئي، جنهن اعليٰ تعليم حاصل ڪئي. بدقسمتي سان سندس والدين ۾ ان وقت علحدگي ٿي وئي جڏهن هوءَ اڃان ننڍڙي هئي. ان کانپوءِ ماءُ سندس پالنا ۽ سار سنڀال ڪئي. هڪ مئگزين کي ڏنل انٽرويو ۾ هن چيو هو ته ڇاڪاڻ ته هوءَ هڪ “رينبو فيملي” سان تعلق رکي ٿي، ان ڪري کيس ان موضوع تي ڳالهائڻ تمام ڏکيو لڳندو آهي.
2014ع ۾ کيس ڊيموڪريٽڪ سوشل پارٽي ۾ نائب صدر جو عهدو ڏنو ويو ۽ 2015ع ۾ 30 ورهين جي ڄمار ۾ هوءَ اسيمبلي ميمبر چونڊجي آئي، 4 سالن کانپوءِ کيس ٻيهر چونڊيو ويو ۽ هن ڀيري کيس ٽرانسپورٽ ۽ ڪميونيڪيشن جي وزارت به ڏني وئي. مارين پاڻ کي “ريمبو فيملي” جو ميمبر سمجهي ٿي، ڇاڪاڻ ته هوءَ ساڳي جنس رکندڙ (2 عورتن) جو اولاد آهي، سانا مارين هڪ ٻار جي ماءُ آهي ۽ پنهنجي هڪ پراڻي دوست سان گڏ رهي ٿي. هوءَ پنهنجي سياست ۾ مڙس جي همٿائيندڙ ڪردار کي تمام گهڻو ساراهي ٿي.

This entry was posted in Soormi. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *