تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

سارَنگَ کَي سارِينِ، ماڙهُو مِرِگَ، مَيهِيُون! .. ليکراج ميگهواڙ

ڀٽائي دنيا جو عظيم مفڪر دانشور تايخ نويس جاگرافيء جو ڄاڻو ۽ ٻولين جو ماهر آهي. ڀٽائيء پنهنجي شاعريء ۾ سنڌ جي تهذيب، تمدن، تاريخ، ثقافت ۽ روايتن کي امر ڪري ڇڏيو آهي.شاھه لطيف جي عالمگير تمنا جنهن ۾ لطيف سائين دنيا جي مختلف ملڪن ۾ مينهن ۽ وڄون وسڻ جو ذڪر ڪيو آهي جنهن ۾ استنبول، يورپ، چين، ڪابل، قنڌار، دهلي، دکن، گرنار، جيسلمير، ڀڄ، ڍٽ، ۽ عمرڪوٽ شامل آهن. لطيف سائينء جو سر سارنگ جنهن ۾ لطيف سائين لکيو آهي ته هو پرين سانوڻي جي ڪڪرن جيان ڀرجي ٿا اچن ۽ سالن جي سڪايل عاشقن مٿان رحمت ٿي وسن ٿا ۽ انهن کي سيراب ٿا ڪن. برسات جا چار مهينا جن کي چوماسو يعني چئن مهينن جو عرصو چئبو آهي، ٿر ۾ نڪو واهه  نه ڪا درياهه آهي  تنهن ڪري ٿري ماڻهن جا گهر ۽ هنن جو الهه ٿلهه ڪڪرن تي آهن ۽ اهي چوماسي ۾ آسمان ۾ اکيون اٽڪائي، پل پل ائين ٿا پڪارين، ٿر ۾ ڪيتري به برسات ٿئي پر مالدار  ڪڪ ڪيئن ٿين!؟ سنڌ ۾ گهڻي برسات پوندي آهي ته زميندارن جا منهن لهي ويندا آهن ڇاڪاڻ ته برسات هنن جون ٻنيون ٻوڙي فصل تباھه ڪري ڇڏيندي آهي، فصل سڙي ويندا اٿن، ٿر جا مالدار چون ڀلي برسات پوي ڀلي ٻنيون ٻڏن البته ٿر ۾ ڪي جوئر ۽ ٻاجهري پوکين ٿا، انهن کي پنهنجي فصل جو ججهو ئي خيال ٿئي ٿو پر سنڌ جي ٻين علائقن جي مالدارن جهڙي ڳڻتي ڪونه ٿئي ان جو اهو ئي سبب آهي ته ٿر آهي ٿڻ تي نڪي ڪڻ تي يعني ٿر جي ماروئڙن لوڪ جوگذر سفر ان تي نه پر ڏٿ  تي آهي، وسڪاري ۾ فقط مارو لوڪ نه پر چرند پرند به خوش ٿيڻ ٿا، جيئن لطيف چيو
سارنگ کي سارين ماڻهو،مرگ مينهون 
آڙون ابڙ آسري، تاڙا تنوارين
چيٽ ڏٺو آڙ جي تکي تنوار پئي پوندي آڙ هڪڙو ڪرانجهڙو پکي آهي جيئن تڏ ننڍڙو جيت آهي پر آواز تکو اٿس تيئن آڙ جي تنوار به تکي آهي ٿر لوڪ چون ته اهي آڙون مينهن لاء پڪارين ٿيون پر مينهن پوڻ جي پڪ تڏهن ٿيندي جڏهن تاڙو تنواريندو تاڙي تنواريو ته مارو لوڪ کي برسات جي واڌائي ملي وئي پوء ته پلر جي پالوٽ ٿيندي آهي تڏهن هنڌين ماڳئين پٽ پاهه جهليندا آهن گسن تي گاهه ٿيندا آهن وسڪاري ۾ ڏهريون ،مڙها، ۽ مندر ته گاهن سان گلزار ٿيندا آهن وسڪاري کانپوء سنڌ جو ڪوبه علائقو ٿر جي سونهن سان نٿو ڀيٽي سگهجي! ٿر ۾ برساتن کانپوء مارو لوڪ پير به ٻاهر ڪيئن ڪڍن.
من مارو سنرا ساڻيهه منجه سڌير (مارئي)
ٿر جي جنهن علائقي ۾ برسات پوندي آهي اتي ئي لڏي ويهندا آهن
جهڙ ڦڙ جت ٿيا ات اڏيائون پکڙا
۽ جڏهن سانگ ڪري ايندا آهن ته هنن ريت گذاريندا آهن
هن مند مارو  سنرا ڍنگر  ڍار رهن 
پاڻي پوڄ پٽن ۾ ، پکي پاند پين ( مارئي )
ٿر رڳو بک، بدحالي ۽ ٻارن جي موت جو نالو ناهي، سنڌ جو هي ڇيڙو فطري رنگن سان ڀرپور آھي، ٿر جو ريگستان دنيا جي سڀني ريگستانن ۾ ھڪ منفرد حيثيت رکي ٿو بي پناھه قدرتي حسن سان مالامال هي علائقو سانوڻي ۾ ڪنهن جنت کان گهٽ نٿو هجي جتي هر طرف ساوڪ جو پوش پاتل وارياسي زمين، ڪارونجهر جبل جي ڳاڙھي پٿر تي ساون ٻوٽن جي ڪري رنگن جو بهترين امتزاج، مستي ۾ نچندڙ مورن جا ٽھوڪا، ٻڪرين، اٺن، ڍڳين ۽ مختلف جانورن جا گئوچرن ۾ چرندڙ ولر، برسات جي ڪري ٻھڪندڙ ٿرين جا چھرا هن سنڌ جي سرزمين تي هي جنت نظير علائقو گهمڻ ايندڙ سياحن کي هڪ نئون ۽ توانو احساس ڏيارين ٿا. سونهاري سنڌ کي ڪائنات تخليق ڪندڙ مالڪ دنيا لاء نمونو ڪري ٺاهيو آهي هتي سمنڊ، دريا، نديون، ڍنڍون، سرسبز ٻنيون، برپٽ، ننڍا وڏا جبل، ادنيٰ کان اعليٰ قسم جا پٿر، ڪاڇو، لاڙ، ڪوهستان، چيڪي، ڪلراٺي، وارياسي ۽ ريتيلي مٽي، ڀٽون، هر قسم جي معدنيات، تيل، گيس، ڪوئلو،  کاڌ خوراڪ کان علاوه تيلي ٻجن، پهرڻ ۽ صنعت ۾ ڪم اچڻ وارا مطلب ته هر قسم جا فصل، وڻ، ٻوٽا، ميوا، جانور، پکي، جيت ۽ ٻيون انيڪ شيون شامل آهن. 
صحرا ٿر هڪ اهڙو خطو آھي، جنهن جي تشريح سواء فطرت جي حسنڪائين کان اڻپوري اڌوري آھي! ٿر جي ماڻھن جو ويساه فطرت ۾ ماتا برابر آھي، ٿر جي آبادي ۾ به مختلف جاتيون قومون بسر آھن جنهن ۾ خاص ڪري درواڙي قبيلا آھن جيڪي اڄ به ٿر جي سرزمين کي سنواريندا اچن ٿا!  ٿر جي ماڻھن ،ٿر جي حسن ، ٿر جي سانگين، ٿر جي ماڻھن جي دردن ، ٿر جي سماجي پسمنظر ، ٿر جي پکين ، ٿر جي رڻ ، ٿر جي ريگستان ، ۽ ٿر جي فطرتي خوبصورتي کي گهڻن شاعرن پنهنجي شاعري جو محور بنايو آھي ، شيخ اياز به ٿر سان هر حوالي سان متاثر ٿي ڪافي بيت لکيا آھن ، جيڪي ٻاٻئي جي درديلي آواز مثل آھي، انهن سمورن کان گهڻو ڪم لطيف جو آھي ، جنهن ٿر جي پسمنظر ۾ سر سارنگ هڪ عظيم صدا آھي
سارنگ کي سارين، ماڙهو مرگ، ميهيون
آڙيون ابر آسري، تاڙا تنوارين
سپون جي سمونڊ جون، نئي سج نهارين
پلر پيارين، ته سنگهارن سک ٿئي.
مٿين بيت ۾ لطيف فرمائي ٿو ته ٿر جي صحرا، ڪاڇي، ڪچي، ڪوهستان ۽ ڊيلٽائي علائقن ۾ ڏڪار جهڙيون حالتون آهن. ڌرتي سڪي ٺوٺ ٿي وئي آهي. ماڻهن لاء پاڻي، ان، ڀاڄيون ۽ مال لاء گاھ اڻ لڀ ٿي ويو آهي. سو نہ رڳو ماڻهو پر جهنگ جا شينهن، چيتا، هرڻ ۽ ٻيا جانور بہ مينهن جي انتظار ۾ آهن. آڙيون ۽ ٻيا سڀ ڍنڍ جا پکي اوسيئڙي ۾ آهن. هوڏانهن تاڙا به پنهنجي مڌر آلاپن ذريعي مينهن لاء پیا لاتيون لنون. سمنڊ ۾ پيدا ٿيندڙ سپون پڻ برسات جي پاڻيء لاء پيون سڪن.
او مولا پاڪ ! مينهن وساء ته هي سڀ ماڻهو، جانور ۽ پکي پنهنجي اڃ اجهائين ۽ خوشحاليون، آسودگيون وري موٽي ملن.
لطيف سائين جي هر بيت مان هر سر مان هر لفظ مان انيڪ معنائون نڪري سگهن ٿيون! جڏھن بادل نه ٿا وسن ان حالتن کي لطيف سمجهايو آھي هاڻي جڏھن بادل وسندا آھن، تڏھن لطيف ڇا ته فرمايو آھي، چئي ٿو ته:
اڱڻ تازي، ٻھر ڪنڍيون، پکا پٽ سنھن؛
سرھي سيج، پاسي پرين، مر پيا مينھن وسن؛
اسان ۽ پرين، شال ھون برابر ڏينھڙا.
لطيف برسات کان پوء واري دلڪش ۽ من موهيندڙ منظرن جي ڪمال لفظن سان منظرڪشي ڪندي فرمائي ٿو ته منهنجي سنڌ ائين ئي سرسبز شاد ۽ آباد رهي ۽ ڌڻي تعالي خير برڪت ۽ خوشحالي جا مينهن وسائيندو رهي ۽ ائين ئي مارن جي منهن تي مرڪون وکرنديون رهن ۽ اڱڻ مال متاع سان آباد ۽ ڀريل هجي ۽ ماروئڙن جو ديس سدائين فصلن ۽ گلن جي خوشبو سان واسيل هجي.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *