تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

سارنگ جويو کي آزاد ڪريو: سوشل ميڊيا تي مطالبو

ڪراچي مان سياسي ۽ سماجي ڪارڪن سارنگ جويو کنڀجي ويو، جنهن بعد سوشل ميڊيا تي سخت ردعمل ظاهر ڪندي سارنگ جويو جي آزادي جو مطالبو ڪيو ويو، سارنگ جويو کي آزاد ڪريو ٽرينڊ هلايو ويو جيڪو ٽوئيٽر تي ٽاپ ٽين ٽرينڊز ۾ شامل رهيو. ان سلسلي ۾ جامي چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سارنگ جويو سنڌي اديب تاج جويو جو فرزند ۽ هڪ باشعور نوجوان آهي، هن سنڌ ۾ زوري کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي آزادي لاءِ ڪراچي ۾ سٺو تحرڪ پيدا ڪيو، کيس کنڀي گم ڪرڻ جي مذمت ۽ ترت بازيابي جي گهر ڪريون ٿا. خليل ڀرڳڙي لکيو ته وڏو دردناڪ الميو آهي مسنگ پرسن جو، گلشن لغاري لکيو ته سارنگ جويو ڏوهاري ناهي، کيس فوري طور آزاد ڪيو وڃي. حافظ سڪندر تنيو لکيو ته تاج کي ۽ سنڌ کي سارنگ موٽائي ڏيو. شبنم گل لکيو ته سارنگ جي آزادي جو مطالبو ڪريون ٿا. رزاق مستوئي لکيو ته سارنگ جويو کي کنڀڻ ۽ سندس گهر ڀاتين سان بدتميزي جي مذمت ڪجي ٿي، منير مگسي لکيو ته ڪنهن کي به جبري طور کنڀڻ قانون جي خلاف آهي، سارنگ کي جلد آزاد ڪيو وڃي. نثار کوکر لکيو ته سينئر اديب ۽ دانشور تاج جويو جي فرزند ۽ کنڀي گم ڪيل ماڻهن لاءِ آواز اٿاريندڙ سارنگ جويو سميت سمورن کنڀي گم ڪيل ورڪرن کي آزاد ڪيو وڃي. سورٺ لغاري لکيو ته هي نوجوان جيڪي رات جي پيٽ ۾ ڏوهارين جيان کنڀي گم ڪيا ٿا وڃن اهو عمل قانون جي خلاف آهي. حبيب جمالي لکيو ته سارنگ جويو جي کنڀجڻ جي مذمت ڪريون ٿا. خليل چانڊيو لکيو ته سارنگ جويو پڙهيل لکيل سماجي ورڪر آهي کيس فوري طور آزاد ڪيو وڃي. آصف ٿيٻو سارنگ جويو جي ننڍڙي ڌيءُ جي روئڻ واري تصوير شيئر ڪندي لکيو ته هي معصوم ٻارڙي سنڌ راڻي جيڪا رانديڪن جي دنيا کي پنهنجي ڪل ڪائنات سمجهي ٿي جيڪا انسانيت جي پڪار بڻجي مظلوم قوم جو آواز بڻجي انسان دوست ڌرين عالمي ادارن طرف پنهنجي معصوم آواز سان پڪاري رهي آهي ته منهنجي بابا سارنگ کي آزاد ڪيو وڃي. شاهد ميراڻي لکيو ته سزا ۽ انصاف عدالت جو ڪم آهي، جبري گمشدگيون انصاف ۾ رنڊڪ آهن، سارنگ جويو سنڌ جو پرامن ورڪر آهي کيس آزاد ڪيو وڃي. محسن جويو لکيو ته ڌرتي جي سٻاجھڙي ۽ تاج جويو صاحب جي فرزند پياري دوست سارنگ جويو جي گھر تي اڌ رات جي اونداهي ۾ زبردستي داخل ٿي سندس معصوم نياڻي تي تشدد ڪرڻ چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي سارنگ جي تمام جلد آزادي جو مطالبو ڪريون ٿا. سارنگ لطيف سومرو، امداد سيلرو، انيلا رفيق، امر هڪڙو،عرفانه ملاح، خانزادي ڪپري، صنم چانڊيو، وقار شر، ذڪيه اعجاز، ذيشان جوڻيجو، مير مرتضيٰ چانڊيو، الاهي بخش بڪڪ، سنڌو نواز گهانگهرو، سسئي لوهار، عمران سومرو، عباس ڪوريجو، ماهين الطاف ۽ ٻين پوسٽون شيئر ڪندي سارنگ جويو جي آزادي جو مطالبو ڪيو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *