تازا ترين
  • *نواب شاهه: صحافي عزيز ميمڻ جو قتل ڪيس ڪئميرامين اويس قريشي سوڌو 5 جوابدارن خلاف داخل*
  • *جيڪب آباد: مهڪ ڪماري جي ننڍي ۾ عمر ۾ شادي ڪرائڻ جو ڪيس داخل*
  • *قبضا مافيا کي ڪير ڪجهه نٿو چوي، پر عوامي مفادن لاءِ ڪم ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ٿيندا آهن: سنڌ هاءِ ڪورٽ*
  • *پ پ اڳواڻ سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو خلاف انڪوائري مڪمل: جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ واڌ*
  • رستم ڀرسان ڪارنهن تهمت هيٺ عورت قتل، لاش گم،2 گرفتار*ڳوٺ سردار خادم جتوئي ڀرسان 15 ڏينهن اڳ ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ سبحان خاتون کي قتل ڪري لاش گم ڪري ڇڏيو*
  • ڪورونا وائرس:چين ۾فوتين جو انگ 2 هزار کان وڌي ويو*هن وقت تائين 2004 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، متاثرن جو انگ 74 هزار کان وڌيڪ آهي: چين*

سائين جي ايم سيد جي سياست، قيد بند ۽ نظربندي ….پاويل جوڻيجو

ننڍي کنڊ جي سياست، سماج ۾ جن ماڻهن فڪري تبديلي آندي، انهن ٿورن نالن جي فهرست ۾ سائين جي ايم سيد جو نالو شامل آ هي. سندس فڪر مڃندڙ رهبر سنڌ سڏين ٿا. هتي پاڻ سائين جي ايم سيد جي سياست ۽ ان سياست جي ڪري قيد و بند ۽ نظربندي جو جائزو وٺون ٿا.
سائين جي ايم سيد جي سياست:
سائين جي ايم سيد سياست جي شروعات ته پاڪستان ٺھڻ کان اڳ ڪري چڪو هو پر تحريڪ پاڪستان ۾ قائداعظم محمد علي جناح سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي سرگرمي ڪئي، ملڪ ٺهڻ کانپوءِ قومپرست سياست جي شروعات ڪيائين. اهو قصو هيئن آھي ته پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ 1948ع ۾ ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪري مرڪز حوالي ڪرڻ جي سازش ٿي، ان وقت ايوب کهڙو سنڌ جو وزيراعليٰ ۽ مسلم ليگ جو صدر هو، جنهن ڪراچي کي مرڪز جي حوالي ڪرڻ کان انڪار ڪيو، ان تي سر غلام حسين مرڪزي سرڪار جي حڪم تي ايوب کهڙي کي هٽائي پير الاهي بخش کي وزيراعليٰ مقرر ڪيو. سائين جي ايم سيد ڪراچي کي مرڪز حوالي ڪرڻ خلاف سخت آواز اٿاريو تـه کيس سن ۾ ٽن مهينن لاءِ نظربـند ڪيو ويو. 1948ع ڌاري سائين جي ايم سيد ترقي پسند سياستدانن سان گڏجي “پاڪستان نيشنل پارٽي” ٺاهي، جنهن جو صدر خان عبدالغفار خان کي چونڊيو ويو. ان دوران 1952ع ۾ ويانا ڪانفرنس ۾ جـي ايم سيد پاڪستان ۽ خطي جي امڪاني حالتن جو درست اندازو لڳائيندي مذهبي ڪٽرپڻي جي زور وٺڻ جو خدشو ڏيکاريو هو، اڄ 21 هين صدي ۾ اهو سچ ثابت ٿي چڪو آهي. 1953ع ۾ سنڌ اسيمبلي جون نيون چونڊون ٿيون، جن ۾ سائين جي ايم سيد ستن ميمبرن سان چونڊ کٽي آيو ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ جي حيثيت ۾ ڪراچي سنڌ کي واپس ڪرائڻ ۽ سنڌ جي حقن جي گهر لاءِ يڪراءِ ٺهراءُ پاس ڪرايائين. ان کان ڊڄي، گورنر جنرل چوڌري غلام محمد ون يونٽ ٺاهڻ جي سازش رٿي، پر وزيراعليٰ سنڌ
عبدالستارپيرزادي ۽ ٻين ميمبرن ون يونٽ جي حمايت کان انڪار ڪيو، جنهن تي هن آئين ساز اسيمبلي ختم ڪري، ايوب کهڙو کي سنڌ جو وزيراعليٰ مقرر ڪرايو، جنهن پوليس جي مدد سان، ناجائز طريقن سان ميمبرن کي ڊيڄاري، سنڌ اسيمبليءَ مان ون يونٽ جي حق ۾ ٺهراءُ پاس ڪرايو. 4 ميمبرن پير الاهي بخش، شيخ خورشيد، عبدالحميد جتوئي ۽ غلام مصطفيٰ جتوئي مخالفت ڪئي. جي ايم سيد، قاضي فيض محمد ۽ حيدربخش جتوئي ۽ ٻيا قومي اڳواڻ جيل موڪليا ويا. هن ڀيري جي ايم سيد 6 مهينا جيل ۾ رهيو.
آگسٽ 1955ع ۾ سائين جي ايم سيد خان عبدالغفار خان جي صدارت ۾ هڪ گڏجاڻي ڪوٺائي “اينٽي ون يونٽ فرنٽ” ٺهرايو، بعد ۾ پاڪستان جي قومپرست پارٽين سان گڏجي لاهور ۾ “نيشنل پاڪستان پارٽي“ ٺهرائي. سائين جي ايم سيد اولهه پاڪستان اسيمبلي ۾ ستن ميمبرن هوندي حڪمت عمليءَ سان ريپبلڪن پارٽي ۽ مسلم ليگ سان ٺاهه ڪري اڪثريت سان ون يونٽ مخالف ٺهراءُ پاس ڪرايو، جنهن جي صرف 4 ميمبرن مخالفت ڪئي. ان کان پوءِ مولانا ڀاشانيءَ سان اتحاد ڪري سائين نيشنل عوامي پارٽي ٺهرائي، اڳتي هلي حڪمران ريپبلڪن پارٽي، ون يونٽ کي آئيني طرح ٽوڙائڻ ۽ اولهه پاڪستان جي قومن/ صوبن کي خودمختياري ڏيڻ واري واعدي تان ڦري وئي. جنهن کانپوءِ سائين جي ايم سيد سنڌ ۾ سڀني سياسي گروهن (ون يونٽ ٺهرائيندڙ ايوب کهڙي ۽ پير علي محمد راشدي سميت) متحد ڪري اينٽي ون يونٽ ٺهرايو. ون يونٽ خلاف سرگرميون ڏسي، حڪمرانن 8 آڪٽوبر 1958ع تي ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪري اسيمبليون ختم ڪري ڇڏيون. جي ايم سيد ۽ نيشنل عوامي پارٽي جي ليڊرن کي جيل ۾ اماڻيو ويو. سائين جي ايم سيد 1960ع تائين جيل ۾ رهيو. ان کان پوءِ صحت جي خرابي جي ڪري کيس مارچ 1966ع تائين سن ۾ نظربند رکيو ويو. ان نظربنديءَ جو فائدو وٺندي، سائين جي ايم سيد مطالعو جاري رکيو ۽ ڪيترائي ڪتاب لکيا. آزاد ٿيڻ بعد سائين جي ايم سيد جون 1966ع ۾ صحت جي خرابي ۽ ٻين سببن ڪري سياست کان ڪناره ڪشيءَ جو اعلان ڪندي “بزم صوفياءِ سنڌ” جو بنياد وجهي، قومپرست ۽ ترقي پسند اديبن ۽ سياسي ڪارڪنن کي ساڻ کڻي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪانفرنسون ڪوٺايون، قومي سجاڳي ۽ جديد قوم جي تصور ۽ مذهب کي سياست کان ڌار ڪرڻ بابت صوفي بزرگن جي درگاهن تي خطبا ڏنائين، جنهن فڪري نقطه نگاهه اهو هو ته “سنڌي هڪ قوم آهي ۽ سرزمين سنڌ وٽ اتحاد انساني، امن عالم ۽ ترقي بني آدم لاءِ خاص پيغام آهي.“
4 مارچ 1967ع جي قومي واقعي کانپوءِ سنڌ ۾ سائين جي ايم سيد جي تحريڪ کي خطرناڪ سمجهي، ايوبي آمريت، کيس جولاءِ 1967ع کان 1968ع جي آخر تائين نظربند ڪيو. ان نظربندي کي جي ايم سيد ڪورٽ ۾ چئلينج ڪندي بيان ڏنو ته هو عملي سياست کان الڳ آهي، پر کيس ون يونٽ جي مخالفت سبب نظربند ڪيو ويو آهي. پهرين مارچ 1969ع تي سائين جي ايم سيد کي آزاد ڪيو ويو. 9 مارچ 1969ع تي هڪ نئين سياسي جماعت “سنڌ متحده محاذ” قائم ڪيائين. 10 آگسٽ 1969ع تي بنگال جي قومي اڳواڻ شيخ مجيب الرحمان کي ڪراچي گهرائي آجياڻو ڏنائين. ٻئي طرف ذوالفقار علي ڀٽي جي عوامي تحريڪ ۽ جي ايم سيد جي قومي تحريڪ آڏو فيلڊ مارشل ايوب خان گوڏا کوڙيا ۽ ملڪ جون واڳون جنرل يحيٰ خان
حوالي ڪري اقتدار کان ڌار ٿي ويو ۽ يحيٰ خان پهرين جولاءِ 1970ع تي ون جو خاتمو آڻي ملڪ ۾ چونڊن جون اعلان ڪيو. شيخ مجيب
الرحمان 6 نقاطي پروگرام هيٺ اوڀر پاڪستان ۾ چونڊن ۾ حصو ورتو، سنڌ ۾ صرف سائين جي ايم سيد، قاضي فيض محمد ۽ شيخ اياز سندس پروگرام جي حمايت ڪئي. شيخ مجيب الرحمان کي اڪثريت جي باوجود اقتدار نه مليو. 16 ڊسمبر 1971ع تي اوڀر پاڪستان، وڏي خون خرابي کان پوءِ بنگلاديش بڻجي ويو. ان دوران 18 مئي 1971ع کان 31 ڊسمبر 1971ع تائين جي ايم سيد کي پنهنجي گهر ۾ نظربند رکيو ويو. اهڙين حالتن کانپوءِ سائين جي ايم سيد جي سياست ۾ تبديلي آئي ۽ هن سنڌ جي آجپي جو نعرو هڻندي “جيئي سنڌ محاذ” جو بنياد وڌو .

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *