تازا ترين
  • *ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهه شير شاهه ۾عمارت ڪرڻ واري واقعي جو نوٽيس ورتو *وڏي وزير پاران ڪمشنر ڪراچي کي فوري طور انتظاميه کي متحرڪ ڪرڻ جي هدايت *ڪوشش ڪئي وڃي ته سمورن مزدورن جون حياتيون بچايون وڃن: وڏو وزير مراد علي شاهه*
  • *ٽنڊو غلام حيدر جي مختلف علائقن مان برسات ۽ گهارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو، رهواسي عذاب ۾ مبتلا *مويا نظرپور، ڏندو، حاجي صوڀو خان چانڊيو سميت 8 يوسيز جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پاڻي بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب مليريا، گيسٽرو ۽ ٻين بيماريون منهن ڪڍيو، ڪيترائي ڳوٺاڻا اسپتال ڀيڙا*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ ذهني مريض قيدي جي موت واري سزا روڪڻ لاءِ اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار غلام عباس جي طبي چڪاس لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو *ميڊيڪل بورڊ کي طبي چڪاس ڪري ٽن هفتن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم*
  • *ٽنڊو غلام حيدر ۾ ڳوٺاڻن جو برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيئارڻ کان انڪار *ڳوٺ مير محمد لاشاري جي رهواسين برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو *ڳوٺ مان پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا نه پيئارينداسين: ڳوٺاڻا*
  • *ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي ۽ وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ ۾ وقتي وائيس چانسلرز جي مقرري *پروفيسر ڊاڪٽر ظهير الدين ميراڻي زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جو وقتي وائيس چانسلر مقرر *احمد سلطان جتوئي وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ جو وقتي وائيس چانسلر مقرر، نوٽيفڪيشن جاري*
  • *آصف زرداري ۽ نواز شريف هڪ ٻئي تي الزام لڳائيندا رهيا هاڻي گڏ ويٺا آھن: خرم شير زمان *بلاول جي تقرير مان لڳي پيو ته پاڪستان خلاف تحريڪ هلائڻ وڃن پيا: خرم شيرزمان *جيڪڏھن کين تحريڪ هلائڻي آھي ته ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي کان شروع ڇو نٿا ڪن: خرم شير زمان*
  • *ڪراچي: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ انسپيڪٽر ناصر الحسن جي ٽارگيٽ ڪلنگ بابت ڪيس تي ٻڌڻي *ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي عدالت 5 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو *اکين ڏٺن شاهدن جي تڪراري بيان جي ڪري ڏوهه ثابت نه ٿي سگهيو آهي: پوليس *
  • * ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ شاگردن جي امتحان جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا *ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ سائنس گروپ جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڪراچي: هڪ لک 68 هزار 880 شاگرد امتحان ۾ ڪامياب قرار*
  • *ڪشمور ويجهو سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل، واٽهڙو پيرسن زخمي *هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عيد گاهه واسي علي گل سولنگي ۽ واٽھڙو پيرسن شاھمور خالدي زخمي ٿي پيا *زخمي سول اسپتال منتقل، نوجوان کي رحيم يار خان نيو پئي ويو ته رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيائين *مورزادو جکراڻي ۽ ڏاڏو جکراڻي نوجوان کي قتل ڪيو، قاتل گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي: وارث *
  • *محرابپور ويجهو نوجوان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت *ڳوٺ ولي آباد ۾ علي ولد رمضان آرائين پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو *
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سرڪاري زمين تي پيٽرول پمپس ليز تي ڏيڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس تي ٻڌڻي *عدالت ڪمشنر فيصل آباد پاران پيش ڪيل رپورٽ رد ڪري ڇڏي *سپريم ڪورٽ پاران ايندڙ ٻڌڻي تي ڪمشنر فيصل آباد کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم *حڪم تي عمل نه ٿيو ته ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ٻئي جيل ويندا: سپريم ڪورٽ*
  • *سڪرنڊ ۾ آل پارٽيز الائينس جي سڏ تي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي *مظاهرين صحافي چوڪ کان ريلي ڪڍي حيسڪو آفيس جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو، ڇتي نعريبازي *سڪرنڊ ۽ ڀرپاسي ۾ 16کان18 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي: مظاهرين *
  • *ڪراچي: سهراب ڳوٺ وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو، 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار *موٽر سائيڪل تي سوار ٽن جوابدارن ڦر جي ڪوشش ڪئي ته پوليس پهتي: پوليس *مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڦورو فيروز اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو: پوليس *
  • *ڪراچي: شرافي ڳوٺ ۾ نجي ڪمپني جي لاڪرز مان چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار *جوابدار لاڪرز ٽوڙي نجي ڪمپني جا 6 لک رپيا چوري ڪيا هئا: پوليس *سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هڪ جوابدار ڪمپني اندر نظر آيو آهي: پوليس*
  • *رائونتي ۾ ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي آفيس اوٻاوڙو آڏو ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڳوٺن ۾ اسڪول، پڪن روڊن ۽ اسپتال جهڙي جهڙي ڪا به سهولت نه آهي: ڳوٺاڻا*

سائنس ۽ فلسفي جو باني طاليس … طفيل مگسي

شعوري پرورش سان گڏ پراَڻي انسان جي دهشت حيرت ۾ بدلجي وئي ته هن فلسفي ۽ سائنس ڏانهن وک رکي. ۽ ھن جي ذھن ودماغ تي صدين کان لڪايل تهمتن جون اونداهيون ختم ٿيڻ لڳيون.انسان جي ذھني وفڪري ارتقا جي لحاظ کان ڇهين صدي عيسوي ۾ قبل مسيح وڏو انقلاب آڻيندڙ آھي.هن صدي ۾ جتي چين.ايران .هند ۽ اسرائيل ۾ ڪنفيوشز.زرتشت .گوتم ٻڌ َ۽ يسيعاه ثاني جهڙا فرد پيدا ٿيا.اتي بحيره روم جي ايشيائي ڪناري جي هڪ رياست مليٽس ۾ فسلفي ۽ سائنس جو بنياد وڌو ويو.طاليس کي سائنس ۽ فلسفي ٻنهي جو باني سڏيو وڃي ٿو.مليٽس جي بقول طاليس فنيقي النسل ايشيائي هو.جنهن جو اهو مطلب ناهي ته طاليس کان اڳ فڪر ۽ سوچ کان خالي۽ مشاهدي ۽ تجربي کان لاعمل هئا. چين قديم. مصر. سمير. بابل ۽ فنيقا ۾ داتائن جي ڪاکوٽ نه هئي.انهن جا جيڪي قول اسان وٽ پهتا.اهي سندن ڳوڙھي ڏاھپ ۽ سوچ جي عڪاسي ڪن ٿا پر هڪ خاص علم جي حيثيت سان انهن وٽ منطق.جدليات ۽ مابعد الطبيات جو ڪو وجود نه هو.اهڙي ريت (زمين جي پيمائش) طب.علم الحيل وغيره اصول چٽا ڪيا ويا هئا.مختلف تجربا ڪيا ويا.راهب عوام جي ذھن ودماغ تي پنهنجي گرفت کي بحال رکڻ جي لاءِ اهڙيون. شيون ٺاهيندا هئا ته جن جي ڪري خاص خاص ڏڻن تي مجسما پنهنجا ڪنڌ ڌوڻيندا هئا. يا سج جي پهرين ڪرڻن جي پوڻ تي سج ديوتا جي مورتي کان مڌر آواز نڪرندا هئا.عملي ۽ تجربي سائنس جي شروعات معبودن کان ئي ٿي هئي.انهن طريقن سان عوام کي باور ڪرايو ويندو هو ته ديوتا ۽ ديويون زندهه ۽ شعور واريون هستيون آھن.جيڪي پنڊتن جو چوڻ مڃين ٿيون.بابل جا پنڊٽ پنهنجو پاڻ کي ديوتائن جي مامرن کان باخبر رکڻ لاءِ راتين جو پنهنجن مندرن جي مينارن تي چڙھي ڪري آسمان جو مشاهدو ڪندا هئا.انهن جي مشاهدن کي باقاعدگي سان مندرن ۾ محفوظ ڪيو ويندو هو.جيتوڻيڪ ڇهين صدي عيسوي کان ڪيترائي سو سال پهرين بابل جا پنڊت سج گرهن ۽ چنڊ گرهڻ جون درست اڳڪٿيون ڪندا هئا.جڏھن گرهڻن جو وقت ويجهو ايندو هو ته اعلان ڪيو ويندو هو ته انهن جي مهربان حيات بخش ديوتا جي جان خطري ۾ آھي ۽ اونداهي جي بلا ان تي قبضو ڪرڻ واري آھي.ماَڻھو خوفزده ٿي انهن وٽ ميڙون ڪري ويندا ۽ قيمتي نذرانا ڏئي منٿون ڪندا هئا ته ڪنهن ريت سج ديوتا کي بچايو وڃي.گرهن ختم ٿي ويندي هئي ته هر پاسي خوشي جا نغارا وڄندا هئا.ان قدر سائنس جي اهم انڪشافن تي صدين تائين تهمتن جا ٿلها پردا پيل رهيا.
طاليس مليثس جي پيدائش کان گهٽ وڌ ٻه ھزار سال اڳ عراق ۾ بابل .اشور ۽ مصر ۾ ممفس ۽ ٿيليس جا شھر تهذيب وتمدن جا نيار بڻجي ويا هئا.جتي جادو.فال.تعويذ.ٽوڻا ڦيڻا ۽ علم نجوم جهڙن تهمتن جي پردن ۾ رياضي ۽ طب جي تحقيق علم جا بنياد پئجي چڪا هئا.ڪافي علائقن جا شاگرد ڏورانهن علائقن کان سفر ڪري بابل ۽ مصر ايندا هئا.طاليس به بابل ۽ مصر کان ئي فيض ورتو ۽ تحقيقي علمن ۾ ان قدر مهارت پيدا ڪري ورتي ته هن جو شمار وڏن ڏاهن ۾ ٿيڻ لڳو.علم رياضت کانسواءِ ھن ٻيا به علم حاصل ڪيا.طاليس جي مرتب ڪيل اصولن تي جيڪي هن بابل ۽ مصر کان حاصل ڪيا هئا.بعد ۾ اقليدس پنهنجو ڪتاب لکيو هو.مصري ۽ بابل کان فيضيابي جو سلسلو بعد ۾ ٻن صدين تائين جاري رهيو فيثا غورس.افلاطون .زينو ۽ اپيڪورس جي باري ۾ حقيقت آھي. ته هنن مصر ۽ بابل جي دانشورن کان فائدو ورتو هو.مصر ۽ بابل کانسواءِ ڪنعان يا فنيقيا علم وفن جو مرڪز بڻجي ويو هو.اهو اعزاز به هڪ فيني (طاليس) کي ئي نصيب ٿيو ته مذھب ۽ ديومالا جون تهمتن کان ھٽي ڪري رياضتي برابرين جي سهاري تي هن سج گرهن جي اڳڪٿي ڪئي.جيڪا سچي ثابت ٿي.ان ريت طاليس علم هيئيت کي علم نجوم جي خرابين کان پاڪ ڪري ان کي پنهنجن پيرن تي بيهاريو.۽ ٿيوريٽڪل سائنس جو بنياد رکيو.ٻي طرف طاليس تاريخ عالم ۾ پهريون ڀيرو اهو سوال کنيو ته ڪائنات ڪيئن وجود ۾ آئي آھي. ۽ ان جو اصل اصول ڇا آھي.طاليس جي زماني تائين پنڊتن جي دعويٰ هئي ته ڪائنات هڪ تمام وڏي بيضوي شڪل آھي يا جادو جي هڪ ڪلمي سان ٺھي آھي.طاليس ان سوال جو جواب علمي جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ان نتيجي تي پهتو ته ڪائنات پاڻي مان ٺھي آھي ۽ اڄ طاليس جي ان نظريي کي ڪيئن سمجهيو ويندو؟ ڪا خبر ناهي پر فلسفو ۽ سائنس جي تاريخ ۾ اها ڳالهھ نهايٿ اهم آھي ته طاليس ڪائنات جي طبعي سببن معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.ان سبب کا هن کي نيوٽن.گيليلو ۽ آئن اسٽائن جو پيروڪار سمجهي سگهجي ٿو.جن جديد سائنس کي مذھب ۽ باطنيت جي غلامي کان ڇوٽڪارو ڏياريو.طاليس جي ذات کان طبعي سائنس جي شروعات ٿي.جنهن کان ڪائنات جي مامرن ۾ آزاداڻو غور وفڪر ڪري ان جي تحقيقي سبب دريافت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *