تازا ترين
  • *ڪوئيٽا: ملڪ ۾ ڪورونا متاثرن جا ڪيس وڌي رهيا آهن: وزيراعظم *ڪورونا کان بچڻ لاءِ بلوچستان حڪومت اثرائتا قدم کڻي رهي آهي: عمران خان * مختلف ملڪن ۾ هن وقت لاڪ ڊائون ختم ٿي رهيو آهي: عمران خان *
  • *اسلام ڪوٽ ويجهو نوجوان ناري جو مبينا ڦاهو کاڌل لاش هٿ *ڳوٺ چوٿيو ڪولهي واسڻ ناري آنٻو زال موهن ڪولهي جو جهنگ مان مبينا ڦاهو کاڌل لاش مليو *لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسلام ڪوٽ منتقل، ناري اولاد نه ٿيڻ سبب پريشان هئي، پن لاهڻ جو بهانو ڪري جهنگ ۾ آپگهات ڪري ڇڏيو: وارث *
  • *پنوعاقل لڳ ڪچي ۾ ڪارنهن تهمت هيٺ عورت قتل، پوليس ڪارروائي ڪندي سندس ڀاءُ کي گرفتار ڪري ورتو *ڳوٺ بکو مهر ۾ ميلائو مهر پنهنجي ڌيءَ واجده کي اياز عرف اجو مهر سان ڪاري قرار ڏيئي قتل ڪري ڇڏيو *مقتولا جي ڀاءُ ادريس مهر کي گرفتار ڪري لاش اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي: ايس ايڇ او رضا ڳوٺ *
  • *ميرواهه گورچاڻي ۾ هاري گهرواري ۽ ماءُ تي زميندار جي تشدد خلاف ٿاڻي تي پهچي ويو *ڳوٺ کنڀڙي واسي هاري موهن ڪولهي زميندار اڪبر خاصخيلي جي پٽ حبدار خاصخيلي خلاف پوليس وٽ دانهيو *زميندار اڪبر خاصخيلي جي پٽ حبدار خاصخيلي قرض نه ڏيڻ تان منهنجي گهرواري ۽ ماءُ تي تشدد ڪيو: موهن ڪولهي *پوليس هاري کي تشدد جي تصديق لاءِ رورل هيلٿ سينٽر ميرواهه گورچاڻي جو ليٽر جاري ڪري ڇڏيو *
  • *پاڪستان کي ڪورونا وائرس جو علاج ڳولڻ وارن ملڪن ۾ شامل ڪيو ويو * آمريڪي صحت کاتي جي دوائن واري لائبريري ايوب ميڊيڪل ڪمپليڪس ايبٽ آباد جي ٽيم کي اهل قرار ڏنو *25 مريضن جا 3 گروپ ٺاهي انهن تي ايٿرو مائيسين، ڪلورو ڪوئين ۽ روايتي طريقي سان علاج ڪيو ويندو:ڊاڪٽر عمر فاروق *
  • *ڪورونا وائرس بابت ٽوئيٽر تي 60 سيڪڙو ڄاڻ غلط شيئر ٿي رهي آهي:رپورٽ*
  • *ميرپورماٿيلو ڀرسان گهر ٻاهران راند ڪندي معصوم ٻارڙي واٽر ڪورس ۾ ٻڏي فوت*
  • *لاڙڪاڻي ماڻ ٻيهر کنڀي گم ڪيل پروفيسر غلام شبير ڪلهوڙو 9 مهينن بعد آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *سکر جي قرنطينه ۾ وڌيڪ 56 مريض صحتياب ٿيا آهن، ٻيهر ٽيسٽ ڪليئر اچڻ بعد کين گهر موڪليو ويو آهي: صوبائي وزير*
  • *لاڪ ڊائون سبب سنڌ جي مختلف شهرن ۾ راشن نه ملڻ خلاف پورهيتن طرفان احتجاجي مظاهرا*
  • *افغان حڪومت 100 طالبان قيدين کي آزاد ڪري ڇڏيو *گهٽ خطري وارن سئو قيدين کي آزاد ڪيو پيو وڃي:افغان حڪومت *
  • *سڄي سنڌ ۾ لاڪ ڊائون جي اڄ 18 ڏينهن به جاري، شاپنگ مالز، ننڍيون وڏيون مارڪيٽون توڙي پبلڪ ٽرانسورٽ مڪمل طور بند*
  • *پاڪستاني فوج فوري جوابي ڪارروائي ڪندي ڀارتي ڊرون کي نشانو بڻائي هيٺ ڪرايو:آءِ ايس پي آر*
  • *ڀارت سرحدي ڀڃڪڙي کان نه مڙيو، پاڪ فوج لائن آف ڪنٽرول تي ڀارتي ڊرون کي تباهه ڪري ڇڏيو*
  • *خانپور جي ڪچي ۾ جوابدار ڪارنهن تهمت هيٺ پنهنجي زال ۽ پاڙيسري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو*

زهر بڻجي ويل شڪارپور جو آبِ زم زم …مختيار سومرو

الله تعالي ڌرتيءَ کي جڏهن تخليق پئي ڪيو ته، ان جي جسم کي بيشتر نعمتن جي زيورن جهڙوڪ تيل، ڪوئلو، گئس ۽ پاڻي وغيره سان سينگاري ڪري اهڙو ته ڀرپور تخليق ڪيو، جو ڌرتيءَ تي زندگي گذاريندڙ ماڻهو انهن نعمتن مان پورو پورو فائدو وٺي، آسائش ۽ آنند واري زندگي گذاري سگهن ۽ ڌرتيءَ جي سونهن ۽ سوڀيا تي مجنون بڻجي کيس هميشه پيار۽ محبت ڪندا رهن. جن جن نعمتي خزانن سان ڌرتيءَ کي نوازيو ويو آهي، انهن نعمتن مان پاڻي الله تعالي جي طرفان پيدا ڪيل هڪ اهڙي نعمت آهي، جيڪا انسانن، جانورن، ڍورن ڍڳن ، پکين، گلن ٻوٽن ۽ وڻن مطلب ته هر ساهه واري شيءِ جي جياپي جو ذريعو بڻيل آهي. هر ساهه واري شيءِ جي زندگي رڳو پاڻيءَ تي ئي منحصر آهي ۽ اهو ممڪن ئي ناهي ته ڪا به ساهه واري شيءِ پاڻي پيئڻ کان سواءِ گهڻي وقت تائين ڌرتيءَ تي زندهه رهي سگهي .
شڪارپور، سڀاڳي سنڌ جو اهو شهر آهي، جيڪو شروع کان وٺي اڄ تائين ڪيترين ئي ڳالهين ۽ شين جي ڪري نه صرف سنڌ ۾ پر سرحد پار به مشهور ۽ معروف رهيو آهي. شڪارپور جي پاڻيءَ جو ماکيءَ جهڙو مٺو مٺاس پڻ هن شهر جي سڃاڻپ رهيو آهي، جنهن جي مٺاس جو مزو وٺڻ جي لاءِ هن شهر جو آبِ زم زم پيئڻ جي لاءِ ٻين شهرن ڏانهن پڻ گهرايو ويندو هو پر بدقسمتيءَ سان جيڪو هن وقت انتظاميا جي بي ڌيانيءَ ۽ لاپرواهيءَ جي ڪري زهر بڻجي چڪو آهي. انتظاميا جي طرفان شڪارپور جي زهر بڻجي ويل مٺي پاڻيءَ جي معاملي ۾ شڪارپور جي ڌرتيءَ ۽ شڪارپور جي عوام سان جيڪو ناروا ۽ ماٽيجي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو آهي، ان جي جيتري به مذمت ڪجي اوتري ئي گهٽ آهي ڇاڪاڻ ته پاڻي ماڻهوءَ جي زندگي ۽ جياپو آهي، مٺي پاڻيءَ کي هٿ سان زهر بڻائي شڪارپور جي غريب عوام کان جيئڻ جو حق کسي ورتو آهي. مٺي پاڻيءَ کي زهر بڻائڻ ۾ جن به ماڻهن جو ذري جيترو به ڪوڪردار شامل آهي ته ، تاريخ انهن ماڻهن کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي ۽ پنهنجي تارازيءَ ۾ انھن کي ضرور توريندي، جن جو تاريخ ۾ وزن ماسي جيترو مس ٿيندو.
سم نالن جي پورجي وڃڻ ۽ انتظاميا جي بي ڌياني سبب ماکيءَ جهڙو مٺو مٺاس رکندڙ شهر جو پاڻي 50 کان 60 سيڪڙو خراب ٿي زهر بڻجي چڪو آهي، جنهن کي وڌيڪ خراب ٿيڻ کان روڪڻ ۽ خراب بڻجي ويل پاڻيءَ کي صاف ڪرڻ جي لاءِ ڪنھن جي به طرفان نه ئي اپاءَ ۽ نه ئي ڪو تحرڪ ورتو ويو آهي . جيڪڏهن پاڻيءَ کي جلد کان جلد صاف نه ڪيو ويو ۽ ائين ئي ساڳي روش رکي لاپرواهيءَ ۽ عدم دلچسپيءَ جو مظاهرو ڪيو ويو ته وقت گذرڻ سان گڏوگڏ اڳتي هلي ڪري سموري شهر جو پاڻي خراب ٿي زهر بڻجڻ جو اڻٽر انديشو آهي ۽ ائين نه ٿئي ته اڳتي هلي ڪري شڪارپور جا ماڻهو به جيڪب آباد ۽ ڪراچيءَ جي ماڻهن وانگر پيئڻ جو پاڻي پيسن تي وٺڻ تي مجبور ٿين. ان ڪري شهر جي سڀني ننڍن وڏن سياستدانن کي گهرجي ته پاڻيءَ کي وڌيڪ خراب ٿيڻ کان بچائڻ ۽ خراب ٿي ويل پاڻيءَ کي صاف ڪرڻ ۾ هرڪو پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪري شهر ۽ شھر جي ماڻهن کي موت مار مصيبت مان ڇوٽڪارو ڏياري هڪ ذميوار سياستدان هجڻ جو ثبوت ڏين، ڪٿي ائين نه ٿئي جو تاريخ جي تورازيءَ ۾ توريا وڃن.
شڪارپور هونئن ته هڪ ننڍو شهر آهي پر سياسي، سماجي ۽ فلاحي تنظيمون ايتريون آهن جيترا مٿي ۾ وار! ان جي باوجود به شهر ۽ شھر جي ماڻهن جي حالت رحم ۽ ڪرم جوڳي آهي. هڪ طرف انتظاميا جي بي ڌياني ۽ لاپرواهي آهي ته ٻئي طرف عوام جي بي حسي! خودغرضيءَ جو اثر ھنن تي ايترو ته حاوي ٿي ويو آهي جو انهيءَ جي غلبي هيٺ اچي، اجتماعيت جي عنصر کي ماري مات ڏئي، انفراديت جي انڊلٺ جي رنگن ۾ رنگجي هرڪو پنهنجي پنهنجي رنگ ۾ زندگي گذاري رهيو آهي. مٿن ٿيندڙ ظلم جي خلاف، هٿن هجڻ جي باوجود به ڪو هٿ اڀا نه ٿو ڪري، کين زبان ته آهي پر ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ جي خلاف ڪو به آواز نه ٿو اٿاري ۽ وٽن ٽنگون ته آهن پر ظلم ۽ جبر جي خلاف ڪوئي وک نه ٿو وڌائي.
دنيا جون مهذب قومون پنهنجي مٿان ٿيندڙ ظلمن جي خلاف سراپا احتجاج بڻجي، پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ روڊن تي نڪري اينديون آهن. ساڳي ئي روش کي روا رکندي، ماضي قريب ۾ بيلجيم جي گاديءَ واري شهر برسلز ۾ ماحول جي گدلاڻ جي خلاف عوام جي طرفان پرامن احتجاج ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ماڻهن هٿن ۾ پلي ڪارڊز کڻي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ماحول کي گندي ٿيڻ کان بچايو وڃي ته جيئن عوام پاڪ ۽ صاف ماحول ۾ رهي هڪ صحتمند زندگي بسر ڪري سگهي. هڪ طرف دانش رکندڙ قومون آهن، جيڪي اجتماعيت جي لڙيءَ ۾ پوئجي هڪ آواز ٿي ڪري پنهنجا حق وٺڻ ڄاڻڻ ٿيون. ٻئي طرف اسان جا ماڻھو آھن، جن کان جياپو ۽ زندگي کسجي رهي آهي پوءِ به پنڊ پهڻ بڻيل آهن. تاريخ ۾ ان کان وڏو الميو ۽ بي حسي ٻئي ڪهڙي ٿيندي جو اسان جا ماڻهو پنهنجي هٿن سان پنهنجي ٻچن کي زهر بڻجي ويل پاڻي پياري مارڻ لاءِ ته تيار آهن پر ٿيندڙ ظلم جي خلاف آواز بلند ڪرڻ کان ائين قاصر آهن، جيئن هڪ گونگو ڳالهائڻ کان قاصر هوندو آهي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *