تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

زندگي گل ۽ سدا بهار ڪونهي..! زندگي کي ٻيو ڇا چئون…؟ … شمشاد خاصخيلي

وفا جي تصوير، هڪ ڪهاڻي، هڪ داستان، هلڪي روشني، هوا جو ڪو ٿڌو جهونڪو، هڪ معجزو ، هڪ نعمت، هڪ دونهون، هڪ راز ، ڪنهن ڪنواري جي مُرڪ ، ڪنهن معصوم يتيم ٻار جو ٽهڪ ڪنهن بيواه جي اکين جو لڙڪ، هڪ نشو، يا فقط هڪ تماشو….!انسان جي پيدائش کان وٺي سندس ابدي ننڊ تائين، زندگي جو نانءُ آهي، جنهن دوران هن جي زندگي ۾ مختلف واقعا سامهون ايندا رهندا آهن. جنهن ۾ هزارين خوشين سان گڏ لکين غم درد به ساڻ هوندا آهن.انهي زندگي ۾ انسان انيڪ ارادا ۽ فيصلا به ڪري ٿو،انهي تي عمل به ڪري، ٿو ۽ ڪٿي ڪٿي وري فيصلا ڪرڻ کان پوءِ به پوئتي هٽي وڃي ٿو،انسان ازل کان خطائن جو پتلو آهي ۽ ابد تائين رهندو، رحم دل به انسان ۽ درد دل به انسان، ها انسان تجريبيڪار به ٿيندو آهي، سامهون ايندڙ ماڻهون کي پل ۾ پرکي به وٺندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن وري پرک رکڻ سان گڏ اکين کي نابري وارڻ تي به مجبور ڪري به وجهندو آهي. ۽ ڪٿي وري هو دين ڌرم دنيا کان نا آشنا ٿي به پنهنجي زندگي جا ڏينهڙا ڪٽي ڇڏيندو آهي
آئون اڪثر ذاتي طور تي پاڻ آس پاس جي ماڻهن کي ڏسان ٿو ته احساس ٿئي ٿو ته جنهن زندگي کي اسان پٽندا آهيون بد دعا ڏيندا آهيون ۽ ڌڪاريندا آهيون .جنهن کي اڪثر گذري وڃڻ جي چاهه رکندا آهيون ، سا ته ڪيترين ئي زندگين کان بهتر آهي پر اڃان به ويتر بهترين آهي….!! زندگي ڪو تماشو ڪونهي، پر هڪ اصلاح آهي، هڪ سبق آهي هڪ ڪتاب آهي هڪ حسين سفر پڻ آهي، هي سوچ به ذهن جي اسڪرين تي ڇائنجي ايندي آهي ته جنهن زندگي جا اسان مالڪ آهيون سا ته گهڻن ماڻهن جي زندگي کان بهتر آهي ،مون سميت هر ماڻهون اهو ڇو سوچيندا آهن ته..؟! زندگي ۾ هي نه ڪيو، هوُ ڪم ڇو ڪيو. ڪاش ائين نه ٿيڻ کپي ها. هي سڀ غلط ٿيو وغيره وغيره…! جڏهن ته ٻي طرف اسان مان ڪجهه ماڻهون اهوبه سوچيندا آهن ته هي ته ٿيئڻو ئي هو، انهي ڪري ٿي ويو هاءِ نصيب..! هاڻي پڇتائڻ مان ڇا حاصل ٿيندو..
زندگي حسرتن کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونهي. هي ڪيو نه ، هو ٿيو نه، هي مليو نه، هو رهيو نه، ته محترم..! زندگي ۾ ڪجهه سٺو ٿئي ته اسان جي واهه واهه…! پر جيڪڏهن ڪجهه غلط ٿئي ته نصيب تي وجهي ڇڏيون اهو عمل جهڙو ڳالهه ڪجهه ٺهي نٿي، زندگي کي سڌارڻ ۽ بگاڙڻ ۾ دراصل اسان جو پنهنجو وڏو هٿ هوندو آهي ، زندگي اهو سبق آهي جنهن کي جيترو ٿي سگهي سمجهڻ گهرجي ته بهتر آهي.. نه ته ٻي صورت ۾ زندگي پاڻ گهڻو ڪجهه سيکاري ويندي آهي..!

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *