تازا ترين
  • *جيڪب آباد: 8 سال اڳ اغوا ڪيس ۾ 5 سال سزا ٻڌايل جوابدار زبير جکراڻي ضمانت لاءِ عدالت پهتو *عدالت ضمانت جي درخواست رد ڪندي جوابدار زبير جکراڻي کي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو *جوابدار زبير جکراڻي سميت ٽن جوابدارن خلاف جيڪب آباد ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو *عدالت 6 اپريل 2012 تي جوابدار زبير جکراڻي سميت ٻن کي پنج سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي*
  • *صدر جي ڀٽيون ويجهو شادي شده عورت کي مبينا اغوا ڪرڻ جي ڪوشش *ڳوٺ مور جهٻر واسڻ ناهيدان شيخ کي جوابدارن پاران مبينا اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي *مڙس جي غير موجودگي ۾ نثار، هدايت ۽ شمن شيخ اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي: ناهيدان شيخ*
  • *نيب شهباز شريف خلاف صاف پاڻي ڪمپني انڪوائري بند نه ڪئي آهي: نيب ترجمان *نيب شهباز شريف جي بدعنوانين خلاف ثبوتن جي بيناد تي ريفرنس داخل ڪيا: ترجمان *نيب ڪيسن ۾ رنڊڪون پيدا ڪندڙن کي مشورو آهي ته اهي عدالتي فيصلن جو انتظار ڪن: ترجمان*
  • *االعزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنس، نواز شريف جي لنڊن واري رهائشگاهه ٻاهران طلبي جا اشتهار لڳايا ويندا *رجسٽرار اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پرڏيهي وزارت جي سيڪريٽري کي خط لکي ڇڏيو *طلبي جا اشتهار نواز شريف جي رهائشگاهه ٻاهران چورنگي تي لڳايا وڃن: خط *اشتهار پاڪستاني هاءِ ڪميشن پاران رهائشگاهه ٻاهران لڳايا وڃن: خط*
  • *لاڙڪاڻي ۾ مبينا تشدد جو نشانو بڻيل اي ايس آءِ اصغر مغيري جو يوٽرن *اصغر مغيري رٽائرمينٽ واري درخواست واپس وٺڻ بعد ڊيوٽي شروع ڪري ڇڏي *رٽائرمينٽ واري درخواست منظور نه ٿيڻ سبب ڊيوٽي شروع ڪئي آهي: اصغر مغيري *اصغر مغيري پاران رٽائرمينٽ بابت ڪا به درخواست ناهي ملي: ايس ايس پي جو پي آر او*
  • *هالاڻي ۾ هاءِ اسڪول جي ٻن شاگردن کي ڪورونا جي تصديق *هاءِ اسڪول ھالاڻي جي110 شاگردن جي ٽيسٽ ڪئي وئي جن مان ٻن جي رپورٽ پازيٽو اچي وئي *ڳوٺ الهڏنو جوڳي واسي ٻن شاگردن کي ڪورونا جي تصديق بعد گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو*
  • *ٺل ويجهو مقتول احمد نوناري جي قتل خلاف هنيل ڌرڻي دوران چڪريون، 3 اهلڪار زخمي* ٺل: مظاهرين ۽ پوليس ۾ چڪرين دوران ايس ايڇ او سميت 3 اهلڪار زخمي ٿي پيا، اسپتال منتقل *ٺل: پوليس جي مقتول احمد نوناري ۽ سعيد ڀٽي جي ڪيس ۾ گهربل 2جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ *جوابدار عظمت گهڃو ۽ محمد بخش کي گرفتار ڪيو آهي: پوليس *
  • * لاهور: احتساب عدالت ۾ رمضان شگر ملز ريفرنس جي ٻڌڻي *حمزه شهباز اوهان کي ڪورونا وائرس آهي؟: عدالت جو سوال *جي ها مونکي ڪورونا وائرس هو، هاڻي طبيعت بهتر آهي: حمزه شهباز جو جواب *عدالت وڪيلن جي هڙتال سبب ٻڌڻي 31 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي*
  • * سپريم ڪورٽ ۾ 25 هين آئيني ترميم خلاف درخواست تي ٻڌڻي *وفاق ۽ ڪي پي حڪومت درخواست ٻڌڻي جوڳي هجڻ تي اعتراض واري ڇڏيا *درخواستگذار کي پهرين درخواست ٻڌڻي جوڳي هجڻ بابت دليل ڏيڻا پوندا: ايڊيشنل اٽارني جنرل *آرٽيڪل 17 تحت سياسي حق ۽ بينادي حقن ۾ شمار ٿين ٿا: سپريم ڪورٽ *قبائلي علائقا پنهنجي مرضي سان پاڪستان ۾ شامل ٿين، انهن جون قربانيون آهن: عدالت*
  • *بلدياتي چونڊن ۾ آزاد اميدوارن کي مخصوس سيٽون نه ڏيڻ وارو معاملو *سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ذوالفقار مرزا جي درخواست تي ٻڌڻي *بدين اتحاد، 2015ع ۾آزاد حيثيت سان 4يوسيز ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي: درخواستگذر جو وڪيل *مخصوس سيٽون نه ڏيڻ سان يوسيز چونڊيل نمائندن بدران بيوروڪريٽس هلائين پيا: وڪيل *ايندڙ بلدياتي چونڊن ۾ اهو مسئلو ٻيهر سامهون ايندو: وڪيل *عدالت فوري ٻڌڻي لاءِ درخواست تي سنڌ حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا *عدالت ڌرين کي 18نومبر تائين جواب ڏيڻ جي به هدايت ڪري ڇڏي *قانون موجب مخصوص سيٽون رڳو سياسي جماعت کي کي ڏئي سگهجن ٿيون: اليڪشن ڪميشن *
  • *مدئجي ۾ گذريل ڏينهن پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان جي وارثن پاران لاش رکي ڌرڻو *مقتول صديق جلباڻي جي وارثن جلباڻي لاڙي وٽ لاش رکي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، ٽائرن کي باهيون* پوليس صديق کي ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪيو، هڪ نوجوان کي به گم ڪيو ويو آهي: وارث*
  • *لاڙڪاڻو: ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج پاران چانڊڪا اسپتال جو دورو *لاڙڪاڻو: سيشن جج اقبال حسين ميتلو کي ايم ايس ڊاڪٽر ارشاد ڪاظمي پاران بريفنگ ڏني وئي *65بسترن واري ايڇ ڊي يو وارڊ ۾ پوسٽ ڪورونا مريضن لاءِ انتظام ڪيل آهن: ايم ايس چانڊڪا اسپتال *چانڊڪا اسپتال ۾ جديد سهولتون اطمينان بخش آهن، هڙتالون يا مظاهرا نه ٿيڻ گهرجن، سيشن جج *
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت نارووال اسپورٽس سٽي ڪيس جي ٻڌڻي *نيب احسن اقبال خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر مهلت گهري ورتي *نيب جي جاچ آفيسر اڳڀرائي رپورٽ احتساب عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي *پري ايگزيڪيوٽو بورڊ ۾ ريفرنس پيش ڪيو هو، اڃا منظوري رهيل آهي: جاچ آفيسر*
  • *حيدرآباد ۾ ڪورونا جي ڪيسن ۾ ٻيهر واڌ، 24ڪلاڪن دوران 29نوان ڪيس ظاهر *حيدرآباد جي شهري تعلقي ۾ 6،لطيف آباد ۾11۽ قاسم آباد ۾ 12 نوان ڪيس ظاهر *221 ڄڻا گهرن ۾ آئيسوليٽ،7 ڄڻا سول اسپتال ۽ 5 ڄڻا ڪراچي جي اسپتالن ۾ داخل*

زندگي : معصوم ٻار جي اداس مرڪ … عذير عابد

بارش جون بوندون,ھوا جو وڻن سان رومانس ,ڪڻ ڪڻ جي درياھ جي پاڻي سان راند ـ اداسي جي اس ۾ جلندڙ ڪنهن الھڙ ڇوڪري جو حسينا جي حوالي ڪيل خط کان پوءِ چريل وجود ۾ پوندڙ مرچ واري ڪيفيت کي اڌمن جي والي بال سان ھٿ جي تري کي تيز ڌڪ لڳڻ سبب دانھن ,درد ۽ ڪرڀ واري ڪيفيت ـ سياري جي اداسي وجود ۾ اندر جي گرمي سان گڏجي ذھن کي نشيدار ڪرڻ ‘زندگي ھڪڙي اھا ب ھوندي آھي ـ پر ڇا زندگي صرف اھا آھي ؟؟ احساس ,جذبا ۽ اڌما نوجونن جي رت ۾ ميندي جو ھڳاء ڇڏين ٿا ـ پر ڇا سڀ ڪجھ اھو آھي ؟؟ اسڪرين تي نظر ايندڙ ڊرامن ۽ فلمن کان علاوھ ڪو ب جھان ڪونھي ـ؟ شھرت ۽ ذاتيات کان علاوھ ٻيو ڪجھ ڪونھي ؟؟ زندگي رومانس آھي ؟؟ سڪون آھي ؟؟ مزو آھي ؟؟ يا درد آھي ؟؟؟ ڪرڀ آھي ؟؟ نفرت آھي ؟؟ وقت جي درن مان وھي ويل لمحا آھي زندگي ؟؟ ڪڏھن ماڻھو حيرت ۾ مبتلا ٿئي ويندو آھي جڏھن ھو پڙھندو آھي تڏھن وڏا ڊگھا ساھ کڻندو آھي ـ علم جي سمنڊ کي جھاڳيندو ,سفر ڪندو آھي ـ ھڪڙي طرف ڏاھپ جو علم آھي جيڪو فلسفي ۽ نفسيات مان جڙي ٿو ,تجربي ۽ رولاڪين مان جڙي ٿو , رلڻ گھمڻ سان ڏسڻ واري اک تبديل ٿئي ٿي ـ شيون ت ساڳيون آھن اسان تجزياتي ۽ علمي اک سان ڏسڻ لڳون ٿا ,اسان جذبن جي رومال کي گھڙي پل لاء سمجھ ۽ شعور جي ھٿ سان مروٽيون ٿا ,ڪائنات جون رنگينيون مٽجي وڃن ٿا ـ زندگي جو حسن اونھاري جي اس ۾ شديد اڃ ۽ ٿڪاوٽ کانپوء ٿڌي پاڻي جي وٽي ۾ ب آھي ,زندگي جو حسن ڪچي گھر ۾ ڪنهن وڻ ھيٺان ويھون خيالن جي تندن کي سورڻ ب آھي ـ پر ڇا حسن ,رنگ رومانس سڀ ڪجھ آھي ؟ اھو سڀ ت ڪنهن خواب سمان آھي ,خوبصورت آھي ,دلڪش آھي ـ ذھن جي خوراڪ آھي ـ
ڪم ته ٻيا به گھڻا آھن جڏھن فطري سائنس جا علم پڙھون ٿا ,پھرين جلھڪ ۾ دل جي رڻ ۾ گلاب پوکيندڙ حسين ڇوڪري وانگر انھن علمن سان عشق ٿي وڃي ٿوـ نفسيات ,انسان جون يادون ,وھم خوف ,شعور ,حالتن ۽ تجربن مان شخصي شعور جي جڙڻ بابت پڙھون ٿا ,عجب جي نشاني بڻجي ان سموري علم کي ھضم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا ,جنهن کي پڙھڻ ۽ سمجھڻ لاءِ يوٽيوب ايج ۾ رھڻ وارن کي عمريون گھرجن ـ سماج ,سماجي تبديلي ,رياست ,قانون ۽ اخلاقيات بابت پڙھون ٿا ان علم جو عشق ب ديوانو بڻائي ٿو ڇڏي ـ پر پاڻ ڪنهن به ھنر يا علم جي گھرائي تائين پھچي پاتالن ۾ پيل ذرڙن مٿان آگرين جي ڇھاءُ جي سعادت حاصل نٿا ڪري سگھون ڇو ته ھي دور ڄاڻ جو سمنڊ آھي
ڪوئي ڀي ھنر ھمي نھين آتا
دم ڪو بس دوام ڪر رھي ھين ( جون ايليا )
ھٿراڌو ٺاھيل ضرورتون جام آھن ,روزي ۽ اٽي لٽي ,صحتمند فضا جون گھرجون الڳ آھن ـ پاڻ آزاد ھوندي ب قيد آھيون ؟؟ عقيدن ۾ ,فرقن ۾ ,اخلاقي ڀرمن ۾ ,رواجن ۽ رسمن ۾ ـ انھن جي ن ھجڻ ۽ انھن ۾ قيد ن ٿيڻ سان وري ڪي ٻيا نوان گس جنم وٺندا جن تي ڪنڊيدار ۽ بي ربط گڙٻڙ ۽ کڙکڙ پنهنجي ذھن جي ڪچي ماس ۾ ڪرڪر ڪندي رھندي ـ ذھني ضرورت ۽ شراب جي ڍڪ واري عياشي ڪيترن ھنرن ۽ علمن کي جنميندي ,ڪنهن ناول جي منظرنگاري ۽ حسين تشبيھون پڙھي ائين لڳندو آھي ,جيئن آڪاش انصاري لکيو ھو :
زندگي جي ذليل گھڙين ۾
ضيا جي موت جي خبر آھين

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *