تازا ترين
  • *گمبٽ ۽ ڀرپاسي ۾ گيسٽرو تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ20 مريض اسپتال ڀيڙا *ٻارڙن ۽ عورتن سميت 20 ڄڻن کي گمس اسپتال جي ٽراما سينٽر ۾ داخل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل ويجهو چوپائي مال جي چوري دوران 2 چور سوگھا، مارڪٽ بعد پوليس حوالي *ڳوٺ عبدالرحمان جتوئي ۾ ڳوٺاڻن چوري دوران ٻن چورن کي ڊوڙائي ڊوڙائي پڪڙي ورتو، هڪ فرار *نرڇ واسين عبدالطيف ڀيو ۽ غلام مصطفيٰ جعفري کي پوليس حوالي ڪيو ويو*
  • *ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي*
  • *بلديه سانحي ڪيس جو 8 سالن کانپوءِ فيصلو اچي ويو، متحده اڳواڻ رئوف صديقي شاهديون نه هجڻ تي بري*
  • *ڊگهڙي ويجهو اڌڙوٽ شخص سرفراز واهه ۾ ٻڏي فوت *جيلاني پاڙي واسي40 ورهين جو عبدالحئي عرف پٺاڻ ولد عبدالقيوم قمبراڻي سرفراز واهه ۾ ٻڏي ويو *رهواسين شهري کي پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن سندس فوتگي جي تصديق ڪئي*
  • *سکر: خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ جي نيب جي اپيل رد *احتساب عدالت ۾ ريفرنس آهي، شاهدن جا بيان به اتي قلمبند ٿيندا: ڪنزيومر ڪورٽ *خورشيد شاهه جي ملڪيت جي حوالي سان نيب 5 شاهن جا بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي*
  • *لاهور: آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شهباز شريف جي گرفتاري جا امڪان *شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو*
  • *سبي: ڪمپڙي پل وٽ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، هڪ نينگري فوت، 3 ڄڻا زخمي *حادثي ۾ نينگري مائين خان فوت، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*

زندگي مختصر آهي، اها ڪيئن گذاريون؟ … پون ڪمار منڌاڻ

زندگي جو هي سوال ناهي ته اسان وٽ ڪيترو وقت آهي؟ سوال هي آهي ته اسان اهو وقت ڪهڙي نموني گذارينداسين؟ ائنا رابرٽسن برائون 19 هين صدي جي هڪ روشن خيال ليکڪا هئي جنهن پنهنجي ڪتاب what is worth while ۾ اهو سوال پڇيو هو، اهو ڪتاب 73 ڀيرا وري وري ڇپيو ۽ 67 سالن تائين شايع ٿيندو رهيو، هو چوي ٿي ته جيئڻ لاءِ رڳو هڪڙي حياتي ؟ اسان سڀ ان مان وڌ ۾ وڌ فائدو حاصل ڪرڻ چاهيون ٿا اسان کي جيڪا توانائي ۽ قوت مليل آهي ان ذريعي وڏو ڪو ڪارنامو ڪيئن ٿا ڏيکاري سگهون، اهم ترين شيءَ ڪهڙي آهي؟ حياتي جو سڄو سارو عرصو ته قبضي ۾ رکڻ ممڪن ڪونهي، اسان کي گهرجي ته ضروري شيءَ ڄاڻون ۽ اها به خبر هجڻ گهرجي ته ڪهڙي شي کي ڇڏي ڏيون، آمريڪا جي هڪ چيني ليکڪ لين يو تانگ جو چوڻ آهي ته دنيا ۾ هر پيدا ٿيندڙ ماڻهو جي سامهون هي سوال ڪونهي ته هن کي ڪهڙو مقصد حاصل ڪرڻو آهي پر هي سوال آهي ته زندگي ڪيئن گذارجي؟ ان جو عملي جواب هي ٿيڻ گهرجي ته هو پنهنجي زندگي ڪيئن ترتيب ڏئي جيئن وڌ ۾ وڌ خوشي حاصل ڪري سگهي، ائين ئي جيئن ڪو ماڻهو آچر جي موڪل جو مزو وٺڻ چاهي.
اسان جي زندگي مختصر آهي اها ڪيئن گذاريون جيئن بهترين گذري سگهي؟ پاڻ کان پڇو ته توهان هن ٿوري وٿي واري حياتي ۾ ڇا ٿا ڪرڻ چاهيو، اوهان جي زندگي ۽ ڪم جو طرف ڪهڙو ٿيندو؟ ۽ ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪهڙي منصوبه بندي ڪيو پيا؟ جيڪڏهن توهان جي عمر 20 جي ڏهاڪي ۾ (20 کان 29 سال) آهي ته پوءِ قدرتي طرح حياتي مان وڌ ۾ وڌ مزو وٺڻ جي اشتها (بک) هوندي توهان اڃا اهو فيصلو نه ڪري سگهيا هوندو ته حياتي کان ڇا ٿا گهرو؟ جيڪڏهن 30 جي ڏهاڪي ۾ آهيو ته پنهنجي روزگار جي وسيلن کي مڪمل پيا ڪيو يا ڌنڌي کي ڪامياب بڻائڻ جي ڪوشش پيا ڪيو ۽ اهڙي طرح پنهنجي مستقبل کي محفوظ پيا ڪيو. جيڪڏهن 40 ۽ 50 جي ڏهاڪن ۾ آهيو ته توهان جي ڪمائي پنهنجي چوٽي جي سطح کي پهتي هوندي پنهنجي گهرواري سان لاڳاپن ۾ مستحڪم هوندو توهان جا ٻار بهتر زندگي لاءِ تيار ٿي ويا هوندا.
اوهان جيڪڏهن 60 جي ڏهاڪي ۾ آهيو ته امڪان آهي ته توهان جا ٻار ٿانيڪا ٿي ويا هوندا ۽ توهان رٽائرڊ زندگي جي تيارين ۾ هوندو جڏهن به توهان سمجهندو ته صحيح فيصلو ڪيو اٿو ته نيون اوليتون اوهان کي طرف بدلائڻ لاءِ اڀارينديون رهنديون تنهنڪري هر وقت توهان ڪجهه نئون اڃا نئون ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳا پيا هوندو، توهان هميشه نون طرفن ڏانهن پيا نهاريو ڄڻ ته توهان کي حياتي جي نئين معنيٰ جي ڳولا آهي ڇا توهان ان بابت ڪڏهن سوچيو آهي ؟ هر ماڻهو کي حياتي تي نظر وجهڻ جي ۽ طرف بدلائڻ لاءِ کوڙ سارا موقعا ملندا رهندا آهن، توڙي هڪ کان وڌيڪ حياتي ڪنهن کي به ناهي ملندي پر ڪنهن به وقت توهان پنهنجو طرف بدلائي سگهو ٿا اچو ته خوشين ڀريل حياتي جي چمڪ دمڪ ڳولي لهو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *