تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

زندگي جي مقصد وارو سوال …عذير عابد

انساني زندگي تي ڪافي ڪجهھ لکيو ويو آهي، انسان، انساني عادتون، رويا، انسان جي فطرت اھڙن موضوعن تي ڪافي بحث ٿين ٿا. انساني زندگي جو مقصد ڇا آھي؟ انسان ڪٿان آيو آھي؟ ھن کي ڇو پيدا ڪيو ويو آھي ـ ؟ انسان مقرر وقت تي جنم وٺي ٿو ۽ مقرر وقت تي ھي دنيا ڇڏي وڃي ٿو. ھن سموري عرصي ۾ ھن کي ڇا ڪرڻ گھرجي ۽ ڪھڙين شين کان پري رھڻ گھرجي ـ ٻيا اھڙا ڪافي سوال آھن جن جو ڪو ھڪڙو مطمئن ڪندڙ جواب مقرر ناھي ٿيل ـ انسان جڏھن homo sapien واري حالت ۾ پھتو مختلف ڏاڪا طئي ڪرڻ کانپوءِ تڏھن ھن پنھنجي وجود بابت سوچڻ شروع ڪيو ـ اڄ جي انسان جي وڏي ۾ وڏي ڪاميابي اھا آھي ته ھن پنهنجي ارتقا( Evolution )ڳولي لڌي آھي ـ زندگي جي شروعات ڪٿان ٿئي ٿي ڄمڻ کان اڳ انسان ڪٿي موجود ھجي ٿو يعني ھو ڪٿان کان اچي ٿو ۽ مرڻ کان پوءِ ڪاڏي ويندو جھڙن سوالن جو اڄ به ڪو مطمئن ڪندڙ جواب ناھي ـ ڇا زندگي صرف طبعي ۽ حياتياتي آھي، انجو ڪو مقصد، مفھوم يا فلسفو ڪونھي ڪو ؟ يا نه ھئڻ گھرجي ؟؟ ڪي ماڻھو چون ٿا :زندگي کي في الحال توھان ھيئن سمجھو ته ھڪڙو ماڻھو ھو ان اکيون کوليون ته پاڻ کي ھڪ جھنگ ۾ ڏٺائين ھاڻي بجاءِ ان جي ته ھي ماڻھو ان ڳالهھ تي کوجنا ڪري ته ھي ڪٿان آيو ـ ھي جھنگ ڪٿان کان شروع ٿئي ٿو ۽ ڪٿي ختم ٿئي ٿو ـ ھي پاڻ ڪير آھي ؟ جھڙي سوالن کي ڇڏي في الحال ھي ڪا اھڙي جاءِ يا پنھنجي لاءِ ڪو رستو ڳولي جتي ھو رھي سگھي ۽ جھنگ جي جانورن کان بچي سگھي ـ البرٽ ڪاميو چوي ٿو :
U will never live if u search for the meaning of life توھان ڪڏھن به نه جيئندو جيڪڏهن توھان زندگي جي معني ڳوليندو يعني زندگي ۾ ڪا به معنيٰ ڪانھي ,اوھان پنهنجي زندگي کي ڪا معنيٰ پاڻ ڏيو ـ الائي ڪيترن ڏاھن پنھنجون زندگيون زندگي جي مقصد معنيٰ ۽ مفھوم ڳولڻ ۾ وڃائي ڇڏيو پوءِ به سڀني پنھنجا الڳ الڳ نتيجا ڪڍيا ڪن چيو ته بابا ھي زندگي چئن ڏينھن جي آهي تنھن ڪري ھن زندگي تي ايترو ڌيان نه ڏيو جيڪو ماني ٽڪر ملي اھو کائي پوءِ اڳي جھان جو سوچو ـ پر وري ٻيا چون ٿا ته اڳين حياتي به ھن حياتي ۾ ڪيل عملن تي دارومدار رکي ٿي ـ تـنھن ڪري پنهنجي ھن زندگي کي بھتر بڻايو ـ سٺا عمل ڪيو ـ ڪٿي به ڪنھن ماڻهوَ سان ناجائزي ٿي ته ان خلاف آواز اٿاريو
اردو شاعر گلزار چوي ٿو :
سانس لينا بھي کيسي عادت ہے
جيي جانا ڀي ڪيا روايت هي
ساھ کڻڻ، جيرو رھڻ، ھلندو رھڻ، خواھشن جي ڦندي ۾ ڦاسڻ، اھو آخر ڪھڙو سلسلو آھي ؟ پاڻ زندگي کي صرف ساھه کڻڻ نه سمجھون، زندگي ۾ ڪو اھڙو ڪم ڪري وڃو جنھن مان ايندڙ نسلن کي فائدو ٿئي، ساھه کڻڻ، روايتي طور قدم کي اڳتي ڌڪڻ کي معنيٰ بخشيون ـ زندگي کي صرف ڏينھن گذارڻ جو نالو نه سمجھڻ کپي ـ پنھنجي قيمتي وقت ڪنھن مقصد کي ارپڻ کپي جيئن چوندا آھن To begin with end in mind (ڪنھن عمل ڪرڻ وقت اسانجي ذھن ۾ اھو ھئڻ گھرجي اسان اھو عمل ڇو ٿا ڪريون ۽ انجا نتيجا ڪھڙا نڪرندا؟) ـ قدرت جي عطا ڪيل ھن قيمتي زندگي کي صرف ذاتي ۽ خسيس ڪمن ۾ نه ارپڻ کپي پر اسان کي پنھنجي زندگي انھن ڏاھن وانگر گذارڻ کپي جن انسان ذات جي مجموعي ڀلائي لاءِ ڪم ڪيو اھو ڪم ڀلي علمي ھجي يا عملي، انھن ماڻھن جھڙا بڻجون جن پنھنجي ذاتي معاملن کي اوليت نه ڏني پر انسان ذات جي مستقبل کي نظر ۾ رکندي ان لاءِ ڪم ڪيوـ ان لاءِ اسان کي گھرجي ته اسان اھڙو ماحول جوڙيون جنھن ۾ ذاتي خواھشن ۽ اوليتن کي ڇڏي ڪري اسان مطالعو ڪريون ته انسان ذات جو ماضي ڪھڙو رھيو آھي ـ ؟ھن وقت ھي homo sapien ڪھڙا ڏاڪا طئي ڪرڻ کانپوءِ ھتي پھتو آھي ۽ ھاڻي ھو ڪيڏانهن وڃي ٿو ؟ـ ھن ٻن پيرن تي بيھندڙ انسان جيڪي مختلف علم ڳولھي لڌا آھن ھن جيڪي مختلف کوجنائون ڪيون آھن ھن ڪائنات کي سمجھڻ لاءِ جيڪي قانون ٺاھيا آھن انھن جو به ضرور مطالعو ڪرڻ کپي ـ فطرت ڪھڙن اصولن تحت ڪم ڪري ٿي ـ نيچر ۾ ڪھڙي قسم جا اتفاق ٿين ٿا پوءِ اھي ڪھڙن شين کي جنم ڏين ٿا ـ؟ نيچر ۾ ڪھڙي قسم جي ترتيب آھي! ـ ذاتي ملڪيت جو بنياد ڪڏھن ۽ ڇو پيو ؟ سماج ڪيئن ٺھيو ؟ ڇا ماضي جي انسان وٽ ب اھڙو ماحول ,سماج ۽ سھولتون ھيون جيڪي اڄ اسان وٽ آھن ؟ جيڪڏھن ڌرتي جي گردش ۾ ھڪ سيڪنڊ جو ب فرق اچي وڃي ٿو ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ جيڪڏھن ڌرتي تي ھوا ۾ موجود آڪسيجن جو مقدار %21 مان وڌي %40 ٿي وڃي ته پوءِ ڇا ٿي پوندو؟ سج جي چوڌاري مختلف سيارا گردش ڪن ٿا ھنئڻ ته ايئن گھرجي ته اھو سيارو جيڪو سج جي ويجهو آھي اھو وڌيڪ گرم ھئڻ گھرجي پر Venius, mercury جي ڀيٽ ۾ سج کان وڌيڪ پري آھي ان جي باوجود وڌيڪ گرم آھي ائين ڇو آھي؟ ھر مرندڙ ستارو بليڪ ھول ۾ تبديل ڇو نٿو ٿي ـ؟
ٻين اھڙن ھزارين سوالن ۽ رازن جا جواب انسان ڳولھي لڌا آھن ـ پاڻ کي ان سموري علم جو مطالعو ڪرڻ گھرجي ـ زندگي جو مقصد کوجنا ڪرڻ ,سکڻ پڙھڻ ,سمجھڻ ,سمجھائڻ ۽ سماج جي تبديلي ۾ پنھنجي حصي جو ڪم ڪرڻ آھي ـ ھن بحث کي پائلو ڪوئلو جي ھنن لفظن تي ختم ٿو ڪجي جيڪي ھن پنهنجي ڪتاب الڪيمسٽ ۾ لکيا آھن : زندگي جي حقيقت ته چند سٽن ۾ سمجهي سگهجي ٿي پوء ھي ايترا ڪتاب ڇو لکيا ويا آھن ؟ اھي ان لاء ت جيئن اسان انھن چند سٽن کي سمجهڻ جي قابل ٿي سگھون ـ

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *