تازا ترين
  • *گمبٽ ۽ ڀرپاسي ۾ گيسٽرو تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ20 مريض اسپتال ڀيڙا *ٻارڙن ۽ عورتن سميت 20 ڄڻن کي گمس اسپتال جي ٽراما سينٽر ۾ داخل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل ويجهو چوپائي مال جي چوري دوران 2 چور سوگھا، مارڪٽ بعد پوليس حوالي *ڳوٺ عبدالرحمان جتوئي ۾ ڳوٺاڻن چوري دوران ٻن چورن کي ڊوڙائي ڊوڙائي پڪڙي ورتو، هڪ فرار *نرڇ واسين عبدالطيف ڀيو ۽ غلام مصطفيٰ جعفري کي پوليس حوالي ڪيو ويو*
  • *ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي*
  • *بلديه سانحي ڪيس جو 8 سالن کانپوءِ فيصلو اچي ويو، متحده اڳواڻ رئوف صديقي شاهديون نه هجڻ تي بري*
  • *ڊگهڙي ويجهو اڌڙوٽ شخص سرفراز واهه ۾ ٻڏي فوت *جيلاني پاڙي واسي40 ورهين جو عبدالحئي عرف پٺاڻ ولد عبدالقيوم قمبراڻي سرفراز واهه ۾ ٻڏي ويو *رهواسين شهري کي پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن سندس فوتگي جي تصديق ڪئي*
  • *سکر: خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ جي نيب جي اپيل رد *احتساب عدالت ۾ ريفرنس آهي، شاهدن جا بيان به اتي قلمبند ٿيندا: ڪنزيومر ڪورٽ *خورشيد شاهه جي ملڪيت جي حوالي سان نيب 5 شاهن جا بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي*
  • *لاهور: آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شهباز شريف جي گرفتاري جا امڪان *شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو*
  • *سبي: ڪمپڙي پل وٽ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، هڪ نينگري فوت، 3 ڄڻا زخمي *حادثي ۾ نينگري مائين خان فوت، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*

زندگي جي معنيٰ ڇا آهي؟ … پون ڪمار منڌاڻ

هڪ نوجوان ڇوڪرو سچ جي ڳولا ۾ گهر کان نڪتو گهڻن ئي ماڻهن سان مليو، پنهنجي اڻڄاڻائي جي ڪافي خبر پيس، جيئن ته مراقبو ڪرڻ لاءِ ماڻحو ٻيلن ۾ ويندا هئا، هو به هڪ گهاٽي ٻيلي ۾ گهڙي ويو، هن کي مراقبي جي طريقي جي ڄاڻ نه هئي تنهنڪري هن وٺي رڙ ڪئي ته جيئن ٻيلو هن کي ڄاڻ ڏئي، ڪجهه سال ته هن جو منتر اهوئي هو ته ٻيلو هن کي ڄاڻ بخشي هن کي پڪ هئي ته جيڪڏهن توهان جو ارادو مضبوط آهي ته توهان جو وجود ضرور توهان جي مدد ڪندو.
هڪ ڏينهن هڪ ڏاهو هن ڏانهن آيو ۽ پڇيائينس منهنجا پٽ توکي ڇاگهرجي؟ “ مان زندگي جي معنيٰ سمجهڻ چاهيان ٿو” هن جواب ڏنو، ڏاهي چيس “ شهر ڏانهن وڃ. توکي پهريان ٽي شخص جيڪي ملندا اهي زندگي جي معنيٰ سمجهائيندا” ڇوڪرو شهر ڏانهن هليو ، جيڪو پهريون ماڻهو مليس اهو ڊکاڻڪي ڪري رهيو هو ، ٻيو ملندڙ ماڻهو ڌاتو جي چادرن جو ڪم ڪري رهيو هو. ٽيون ماڻهو تارون وٽي رهيو هو ، هو نااميد ٿي هڪ دريا جي ڪناري ويهي رهيو اوچتو هن کي وايولن جا مٺڙا سر ٻڌڻ ۾ آيا هڪ عجيب پراسرار شيءَ هن جي دل کي ڇهڻ لڳي، هن کي جلد ئي انهن ڳالهين جا جواب ملي ويا جن جي تالش ۾ هو نڪتو هو، هو خوشي ۾ نچڻ لڳو.
ڊکڻ وايولن (هڪ قسم جو ولائتي باجو) لاءِ ڪاٺ تيار ڪري رهيو هو، ڌاٽو جو ڪاريگر ڌاتو کي تارن لاءِ تيار ڪري رهيو هو، ۽ تارون وايولن لاءِ ٺهي رهيون هيون، زندگي وٽ هر شي موجود آهي، توهان کي رڳو ٽٻڪا ملائڻا آهن، توهان کي رڳو نيون ملاوتون بنائڻيون آهن ۽ ان لاءِ توهان کي تخليقي محسوسات جي ضرورت آهي، توهان کي بدلائڻو پوندو ته ڏکيو ڪم ايذا ڏيندڙ آهي، ورزش ڪرڻ ڏکي آهي، پر خوشي ڏيندڙ آهي، پنهنجي لاڳاپن ۾ ڪا ڏکيائي پيش اچيو ته ان کي خوشي سمجهيو صرف پنهنجو ذهن بدلائڻ جي ضرورت آهي. جڏهن ڪنهن گوتم ٻڌ کان پڇيو ته کيس روشن خيالي مان ڇا حاصل ٿيو چيائين ته مون کي حاصل ته نه ٿيو پر مون پنهنجي جهالت وڃائي منهنجا خواب اصول پسند، ناپسند ۽ خواهشون ختم ٿي ويون،
توهان ٻن طريقن سان زندگي گذاري سگهو ٿا، مشيني انداز سان يا مرقبي واري سان مراقبي واري طريقي ۾ اوهان زيادهه باخبر رهو ٿا، باخبر هجڻ چپ چاپ ۾ يا خاموشي ۾ چست هوندا ته توهان محسوس ڪندا ته توهان آزاد ڄاول آهيو، توهان چونڊ ڪرڻ ۾ آزاد آهيو ۽ اهائي توهان جي آزادي آهي جتي آزادي ڪونهي اتي چونڊ به ڪونهي، مراقبو گهڻو ڪندا ڪريو توهان صحيح چونڊ ڪندو جنهن ڪري وڌندا ويندو بجاءِ ان جي جو پاڻ کي ڦاٿل محسوس ڪريو، جيڪڏهن توهان عقلمندي سان چونڊ ڪندو ته توهان جنت ۾ آهيو جڏهن توهان کاڌو کائو ته مراقبي سان کائو، اهو کاڌو به توهان لاءِ جنت آهي، کائڻ مهل مڪمل طرح کاڌي ڏانهن خيال هجي، تڙ ڪيو ته سڄو ڌيان تڙ ۾ هجي اهڙي طرح هڪ مختلف قسم جو بهشت توهان لاءِ کلي پوندو، ان کانپوءِ خاموشي جي پيار واري توانائي پيدا ڪريو ۽ ان ۾ مڪمل طرح ٻڏي وڃو، توهان محسوس ڪندو ته توهان چرندڙ ڦرندڙ جنت آهيو نه ڪي چرندڙ دوزخ.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *