تازا ترين
  • *ڊگهڙي ويجهو ڊاٽسن جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر: موٽرسائيڪل تي سوار نوجوان منگل پٽ پارو ڀيل، شريمتي هستو ڀيل، سندس ٻن سالن جي نياڻي منگلي ۽ نينگر دليپ فوت *
  • *ورڪشاپ کان حيدرآباد ويندي گم ٿي ويل نوجوان جي اغوا جي تصديق، عورتاڻي آواز تي هرجکي اغوا ٿيڻ جا چوٻول * ورڪشاپ: نوجوان مختيار شر جو پيءُ راجا خان شر کي فون، اغوا ٿيڻ جي تصديق * ورڪشاپ: پٽ فون ڪري ٻڌايو ته ڌاڙيل اغوا ڪري ويا آهن، بازيابي لاءِ مدد ڪئي وڃي: راجا خان *
  • *ڪريم بخش کوسو واسي بون ميرو جي مرض ۾ مبتلا 13 سالن جو نينگر امتياز بروهي پٽ جاني بروهي سبب فوت *
  • *قاضي احمد ويجهو ڪچي جي ٻن ڌرين وچ ۾ هلندڙ تڪرار جو سن ۾ جرڳو، 2 خون ثابت ٿيڻ بعد ڌرين تي 60 لک رپيا ڏنڊ * قاضي احمد: ايس يو پي اڳواڻ سيد زين شاهه جي سرپئنچي ۾ جرڳو ٿيو، جلال محمود شاهه به شريڪ * قاضي احمد: لاکا ڌر تي اڳرائي جو 10لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو، تڪراري زميني ڇڇر واري ڌر حوالي *
  • لکي غلام شاهه ويجهو هٿياربندن هٿان ڳوٺاڻو قربان ڪلوڙ اغوا، ڪجهه دير بعد بازياب
  • *شھدادڪوٽ: ٻن موٽرسائيڪل وچ ۾ ٽڪر: 2 نوجوان ڳوٺ غلام قادر کوسو جو رھواسي صدام حسين کوسو ۽ ڳوٺ ميران خان مگسي جو رھواسي پيربخش مگسي فوت ٿي ويا، نينگري بختاور زخمي*
  • *ڪراچي: قاضي عبدالڪبير سڀاڻي رٽائر ٿيندو، عثمان چاچڙ گهرو سيڪريٽري جي چارج سنڀاليندو*
  • *فريدآباد واسي 22 ورھين جو نوجوان پورهيت قاسم شاهه پٽ حسين شاهه موٽرسائيڪل هلائيندي دل جو دورو پوڻ ڪري فوت*
  • *غوثپور لڳ ٽريڪٽر کڏ ۾ ڪري پوڻ ڪري ڊرائيور ڄام سولنگي هيٺان اچي فوت ٿي ويو*
  • *غوثپور لڳ ٽريڪٽر ٽرالي 9 ورھين جي نينگري اوبيعه ڌيءُ محمد علي اوڳاهي کي چيڀاٽي ماري ڇڏيو*
  • *حيدرآباد: ميرپورخاص ۾ هاءِ ڪورٽ جي بينچ قائم ڪئي وڃي: درخواست تي چيف سيڪريٽري سنڌ سميت لاڳاپيل ڌرين کان 4 ڊسمبر تائين جواب * حيدرآباد: ڏورانهن وارن ضلعن جي ماڻهن کي ٻڌڻين لاءِ هڪ ڏينهن اڳ حيدرآباد اچڻو پوي ٿو: درخواستگذار * حيدرآباد: مان پاڻ صبح 5 وڳي ميرپورخاص مان نڪرندو آهيان، واپس ويندي شام ٿي ويندي آهي: وڪيل *
  • * تلهار ويجهو خوفناڪ حادثو: هڪ ئي ڪٽنب جا 6 ڀاتي فوت * تلهار: ڪار رڪشا کي بچائيندي کاهي ۾ ڪري پئي، فوتي ڀاتين ۾ 2 ٻاررڙيون، 3 عورتون ۽ هڪ نوجوان شامل * تلهار: فوتين مان هڪ عورت ۽ تازي ڄاول ٻارڙِي جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي، ٻين فوتين جي سڃاڻپ تازي ڄاول ٻارڙي جي ماءُ مسمات ميران چانڊيو، مسمات شهناز، سندس معصوم 10 سالن جي ڌيءُ مائزه، نوجوان عبدالستار چانڊيو جي نالن سان ٿي *
  • *بدين ويجهو لڱ ڪانڊاريندڙ واقعو: 3 معصوم ٻار سڙي فوت * بدين :ڳوٺ مامون نوحاڻي ۾ چلهه مان اٿيل چڻنگ تباهي مچائي ڇڏي، ڪکاوان گهر سڙي رک، 3 معصومڙا ۾ هڪ سال جو پوَن پٽ هرچند ڪولهي، ٻن سالن جي ريشما ڌيءُ نانجي ڪولهي ۽ ڌرمي ڌيءُ ڪاجو ڪولهي به اجل جو شڪار *
  • *جيڪب آباد ۾ اجتماعي لڄالٽ جو شڪار نينگري ۽ سندس ڌيءُ جي ڪيس پوليس کي مُنجهائي ڇڏيو: ٻارڙي جي ڊي اين اي رپورٽ اچڻ جو انتظار * جيڪب آباد :ڪيس ۾ 2 اڻڄاتل جوابدارن مان به ڪنهن هڪ سان ڊي اين اي ميچ ٿيو ته پوءِ ڇا ڪجي؟ پوليس لاءِ ڪيس جا قانوني پاسا به چئلينج بڻيل: ذريعا * جيڪب آباد :ڪيس کي گهرائي سان ڏسي رهيا آهيون، هفتي اندر ڊي اين اي رپورٽ اچي ويندي، اُن کانپوءِ ئي جاچ جو رُخ طئه ڪنداسين: ايس ايس پي جيڪب آباد *
  • اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ جو اختيارحڪومت کي آهي: نيب جو جواب*نيب طرفان وفاقي گهرو وزات ڏانهن جواب موڪليو ويو (ذريعا) اڳوڻي وزيراعظم لاءِ ايئر ايمبولينس جو انتظام ڪيو ويو*

زندگي جا گذرندڙ لمحا……نگاهه شاهه

زندگي به ايئن ئي آهي، پاڻي سان پاڻي جي مٿان پاڻي لکڻ! واقعي زندگي جي عجيب گوناگونيت ۽ پراسراريت اڄ تائين ڪنهن کي به سمجهه ۾ نه اچي سگهي آهي.
زندگي هميشه هڪجهڙي ناهي هوندي، ڪو هڪ واقعو، ڪو هڪ پل، ڪو هڪ درد، ڪا هڪ خوشي ۽ ڪا هڪ بي وسي انسان ۽ ان جي زندگي کي ڪڏهن معنيٰ خيز ته ڪڏهن بي معنيٰ بڻايو ڇڏي.
هي هڪ اهڙو حساب آهي، جنهن جو ڪوبه حل/جواب نه آهي. سيموئل بيڪٽ چواڻي ته هي هڪ Absurd دنيا آهي. سڀ ڪجهه هوندي به ڪجهه ناهي، ڪجهه به نه هوندي به سڀ ڪجهه آهي.
هڪ لمحي لاءِ سوچجي ٿو ته: زندگي بنهه مختصر آهي. نه هئڻ کان به بنهه مختصر. ڪالهه اڄ ڪونهي ۽ اڄ سڀاڻي ڪونه هوندو!! سڀاڻي ايندو ته وري اهو به ڪونه رهندو ۽ جيڪڏهن سڀاڻي نه ايندو ته پوءِ اڄ به ڪونه رهندو
واري وانگر زندگي وهي ويندي، رهجي ويندا پويان نه کٽندڙ يادگيرين جا سلسلا ۽ ڳالهيون جيڪي هميشه احساس ڏيارينديون رهنديون.
ايئن ڪالهه جيڪي هئا، سي اڄ ڪونهن ۽ جيڪي اڄ آهن، سي سڀاڻي ڪونه هوندا. وقت پنهنجون ڍاٽي ڏاچيءَ جهڙيون ٻرانگھون کڻندو، خبر ناهي ڪيترن زمانن کي ۽ سلسلن کي اورانگھيندو وڃي. ڪالهه جيڪي شيون، جيڪي تهذيبون شاهڪار هيون، سي اڄ کنڊر بڻيل آهن، يا وري آثار بڻيل آهن. دنيا جو ڦيرو ۽ وقت جو گھڙيال ساڳي ريت ڦري پيو، پر جڙڻ، ڊهڻ ۽ ڊهي جڙڻ، جڙي ڊهڻ وارو سلسلو هلندو اچي.
مختلف فلسفا ۽ نظريا ڪتابن ۽ حسابن ۾ پنهنجي جاءِ تي قائم آهن، ته فطرت جو فلسفو دورن ۽ بابن ۾ پڻ تڳي رهيو آهي، جيوت جيڪا حيات به آهي، زندگي به آهي، اها انت فنا به آهي. هڪ لمحي لاءِ جڏهن غور ڪجي ٿو، ٿورو ويچارجي ٿو ته پنهنجو پاڻ تي رحم به اچي ٿو، ته اسين ڪيترو وقت گذاري آيا آھيون ۽ باقي ڪيترو آھي، ڪا خبر ناهي.
لکڻ واريءَ انڌي، ٻوڙي ۽ گونگي هيلن ڪيلر ته دياهه جي ڪپ تي پسيل واري جي وجود تي زندگي جي باري ۾ اهو لکي ڇڏيو ته “life is wonderful”
جڏھن ته نيپولين وٽ دولت، شھرت ۽ ٻيو سڀ ڪجهه هجڻ جي باوجود به هن لکيو هو ته: “I have never know six happy days in my life”
هيلن ڪيلر انڌي، ٻوڙي ۽ گونگي هئڻ جي باوجود به زندگي کي خوبصورت چيو آھي پر نيپولين وٽ سڀ ڪجهه هئڻ جي باوجود به چيو ته مون ڪڏھن زندگي جا 6 ڏينهن به خوشي سان ناهن گذاريا.
زندگي جيڪا نه سمجهه ايندڙ سٽ آھي جيڪا سلجهائڻ جي ڪوشش ۾ ايتري الهجي ويندي ۽ پوءِ ڪڏهن سلجهي ناهي سگهندي.
زندگي ايتري مهلت ناهي ڏيندي جو پويان نظر وجهي ڏسجي ته ڪير ڪٿي رهجي ويو ۽ ڪير ڪيترو اڳتي نڪري ويو، بس پڄاڻي طرف سفر هوندو آھي ۽ عام انسان جي زندگي جو ڪو سٺو ڪانسيپٽ ناھي ٺھي سگھيو. تنهن ڪري سڀني انسانن کي پنهنجي زندگي لاءِ سنجيدگي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آھي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *