تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

زمين سج ۽ گليلو جا دليل … علي حيدر

اڳ واري زماني جي ماڻهن جو اهو يقين هوندو هو ته پوري ڪائنات ۾ زمين سڀني ستارن ۽ سيارن جي وچ تي آهي سج چنڊ ۽ زمين سان گڏ جيڪي به سيارا هن ڪائنات ۾ موجود آهن اهي سڀ زمين جي چوڌاري گردش ڪري رهيا آهن. زمين بلڪل سڪون واري حالت ۾ آهي اها پاڻ (زمين) گردش نه پئي ڪري بلڪه ٻيا ان جي چوڌاري ڦري رهيا آهن. ڏينهن مان رات ٿيڻ يا وري رات مان ڏينهن ٿيڻ انهن سڀني عملن ۾ زمين جو ڪوئي به عملدخل نه هو سج به پاڻ روزانو اڀري رهيو آهي ۽ خودبخود شام جو لهي رهيو آهي. ان زماني ۾ ارسطو (Aristotle) سان گڏ بطليموس (Ptolemy) نالي دنيا جا وڏا وڏا سائنسدان مفڪر ۽ عظيم فلاسافرن جو به اهو ئي تصور هوندو هو ته زمين سڀني جي وچ تي آهي ۽ سڀئي ان جي چوڌاري گردش ڪري رهيا آهن. ان خيال يا وري نظريي کي جيوسينٽرڪ (Geocenteric Theory) سڏيو وڃي ٿو. پندرهين صدي جي آخر ۾ ڪوپرنيڪس (Copernicus) نالي سائنسدان اهو نظريو پيش ڪيو ته سج ڪائنات جي سڀني سيارن جي وچ تي آهي ۽ سڀئي سيارا ۽ ستارا ان جي چوڌاري گردش ڪري رهيا آهن. ان ڳالھ مان اها ڳالھ واضع رهي ته روزانو سج جي اڀرڻ ۽ لهڻ ۾ سج جو ڪوئي ڪم نه آهي ڇو ته اهو سڀني جي وچ تي آهي ۽ زمين پنهنجي مهور تي فري ٿي جنهن جي ڪري رات ڏينهن ٿئي ٿو. ان نظريي کي هيلوسينٽرڪ (Heliocentric Theory) سڏيو وڃي ٿو. هن جي نئي نظريي کي سائنسدانن نه مڃيو ۽ هن جي ڳالهھ کي ترجيع نه ڏني وئي ۽ چيو ويو ته زمين سڀني جي وچ تي آهي.
جيئن انهن نظرين جو وجود آيو ته ان زماني جي مفڪرن، اديبن انهن نظرين تي تبصرا ڪرڻ شروع ڪيا، ان وقت اترا اوزار يا وري اهڙيون شيون ايجاد نه ٿيو هيون جنهن جي ذريعي ڪوئي به ماهر پنهنجا دليل پيش ڪري سگهي ۽ جيوسينٽرڪ جو بنياد هيلوسينٽرڪ کان اڳ جو هو ۽ گهڻا ماڻهو پڻ ان ڳالھ تي وڌيڪ يقين رکندا هئا ته زمين سڀني سيارن ۽ ستارن جي وچ تي آهي ۽ سڀئي ان جي چوڌاري گردش ڪري رهيا آهن. ان کان تقريبن هڪ صدي بعد گليلو “Galileo Galilei” نالي اٽلي جو سائنسدان ٽيلي اسڪوپ (Telescope) ۾ پنهنجون نيون شيون ايڊ ڪيون ۽ هو هرروز آسمان ڏانهن ڏهاري پنهنجي غور فڪر سان سوچڻ شروع شروع ڪندو هو. هن ڏٺو چنڊ لسو نه آهي اتي به ڌرتي جيان هزاري قسم جا وڏا وڏا داڳ نظر آيا جنهن مان گليلي اهو اندازو لڳايو ته چنڊ به زمين جيان ئي هڪ سيارو آهي جتي وڏا وڏا جبل، پهار، ٽڪريون ۽ وڏيون غار وانگر کڏون پڻ موجود آهن. جن کي ڏسي جنت جو منظر خيال ۾ اچي ٿو. ان کان بعد هن ملڪي وي (Milky Way) ڏانهن ڏٺو ۽ ٻڌايو ته اهو ملڪي نه آهي بلڪه جيڪا ڪروڙين ۽ مختلف قسمين ستارن جي ٺهيل آهي جيڪي ڏسڻ وچان ڌنڌلا نظر ايندا آهن جنهن کي عام انسان کلي اک سان هرگذ نٿو ڏسي سگهي. جيئن جيئن ڏينهن گذرندا رهيا تيئن تيئن هو هرروز ڪائي نه ڪائي نئين شيءِ ڏسندو رهيو. ڪجھ وقت کان پوءِ هن ڏٺو ته زمين سان گڏ هڪ ٻيو سيارو آهي (جنهن کي اڄ جي دور ۾ جوپيٽر Jupiter چئو ٿا) ان جي چوڌاري چار چنڊ گردش ڪري رهيا آهن ۽ اهو سيارو جوپيٽر پڻ زمين سان گڏ سج جي چوڌاري گردش ڪري ٿو. جڏهن ان خيال جو اظهار جو ڪيو ويو ته سائنس کي هڪ وڏو پروف ملي ويو ته ڪائي به ڪائنات جو سيارو يا وري ستارو زمين کان علاوا ٻئي ڪنهن سياري جي چوڌاري گردش ڪري سگهي ٿو. ان کان بعد جڏهن گليلي سج ڏانهن نهاريو ته هن کي سج ۾ سن اسپاٽ sunspots نظر آيا ۽ هن وينس venus مان مشاهدو ڪيو ته ان سياري جون ڪجھ خاصيتون چنڊ سان ملن پيون. انهن سڀني بيانن کي ڏسي اهو ثابت ڪيو ويو ته سج جي چوڌاري سڀ ڪائناتي سيارا ۽ ستارا سج جي چوڌاري گردش ڪري رهيا آهن ۽ سج انهن جي وچ تي آهي ۽ ان ڳالھ کي ثابت ڪيو هيلوسينٽرڪ بلڪل درست آهي جيئن ئي ان نظريي جي دنيا ۾ خبر پوڻ شروع ٿي ته عيسائين جا پادري ان ڳالھ کان انڪار ڪري رهيا هيا ۽ گليلو کي انهن چريو سڏڻ شروع ڪيو. پر جڏهن گليلو جي هن دنيا مان موڪلاڻي ٿي ته بعد ۾ به ڪيترن ئي سائنسدانن مشاهدا ڪيا ۽ آخرڪار ان ڳالھ کي ثابت ڪيو ته ڪائنات جي نظام جو صحيح تصور heliocentric ئي آهي ۽ گليلو جي دليلن کي مڃيو ويو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *