تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

زرد صحافت جي دور ۾ زرار جي صحافت جو رنگ لال آھي … ڪتاب: نوٽ ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون … زيد پيرزادو

ھر دور پاڻ سان گڏ نيون تقاضائون، ضرورتون ۽ نوان لاڙا کڻي ايندو آهي. اڄ ڪلھه جو دور تمام تيز آھي. ماڻھن وٽ وقت گھٽ آھي. زندگي تيز ٿي وئي آهي. اڳئين زماني ۾ ڊيگهھ گھڻو ھوندو ھو. مضمون شروع ٿيندو ھو ته پھريون تمھيد ٻڌي ويندي ھئي. پر اڄ ڪلھه مختصر لکڻيون وڌيڪ پسند ڪيون ٿيون وڃن. پھريون ٽن ڪلاڪن جي فلم ٺھندي ھئي ھاڻي 10-20 منٽن وارا ڊراما وڌيڪ مقبول ٿي رھيا آھن. 100لفظن جي ڪھاڻين جا ڪتاب ڇپجي رھيا آھن. لکڻ وقت غير ضروري طوالت کان پاسو ڪرڻ جي ڪوشش اڄ جي دور جي ضرورت بڻجي وئي آھي.زرار پيرزادي جو ڪتابي صورت ۾ ڇپجي آيل ڪالم نوٽ ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون به مختصر پر ھڪ جامح ڪالم آھي، جنھن اندر بنا تمھيد موضوع جا اھم ترين نقطا پوائنٽس جي شڪل ۾ بيان ڪيل ھوندا آھن ۽ آخر ۾ سڄي ڪالم جو اھم ترين پاسو نوٽ ڪرايو ويندو آهي.
زرار پنھنجين لکڻين ۾ صحيح معني ۾ عوام جو آواز رھيو آھي. عوام جي دردن، تڪليفن، دانھن کي اعلي ايوانن تائين پھچائڻ وارو ترجمان. صحافت جو مقصد ھوندو ئي عوام جي اھڙي نمائندگي ڪرڻ آھي. هو پنھنجي سوچ ۾ ترقي پسند ۽ روشن خيال صحافي رھيو آھي. سنڌ تي ٿيندڙ ھر زيادتي تي ھن جو ڪالم روايتي احتجاجن کان وڌيڪ زوردار ۽ پر اثر طريقي سان گوڙ ڪندو آھي. زرار جو قلم سماج ۾ ٿيندڙ ظلم، جبر، نا انصافين، ذيادتين، استعصال، حق تلفين کي نه رڳو نوٽ ڪرائيندو رھيو آھي پر ڪالم جي صورت ۾ انھن تي نشانو وٺي سڌو وار به ڪندو رھيو آھي. جيئن ته هو ڪرنٽ اشوز تي لکندو رھيو آھي تنھنڪري ھن جي ڪالم جا موضوع سياسي به آھن ته سماجي به انھن ۾ ماحولياتي، آرڪيالاجي، ميڊيائي، ادبي، قومي، تاريخي، عالمي ھر قسم جي موضوعن تي ڪالم ملن ٿا. نوٽ ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون سنڌ جي نبض تي ھٿ رکي لکيل ڪالم آھي. هو پنھنجن ڪالمن ۾ وقت جي حاڪم کان سڌو سوال ڪري ٿو ته “قائم علي صاحب! ڪامريڊ سوڀي جي سماڌي اڃا ڪڏهن ٺھندي؟” “سنڌ اندر علامتي حڪومت ٺاھڻ جي گھرج” ھڪ انتھائي انوکي ۽ ڇرڪائيندڙ آئيڊيا آھي. جنھن ۾ چوي ٿو سنڌ جي سياسي جماعتن کي ھاڻي نئين انداز ۽ طريقي سان ڪم ڪرڻ گھرجي. پنھنجي علامتي حڪومت ٺاھي پنھنجي جماعت کي حڪومت جي شڪل ڏئي، وزيرن تي ٻڌل ڪابينا ٺاھي اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ ئي رول ماڊل ٿي ڪم ڪري ڏيکارڻ گھرجي.
زرار جو نوٽ ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون ڪتاب ڪيترين ئي نين آئيڊياز سان ڀريل آهي. “سنڌ اندر علامتي حڪومت ٺاھڻ جي گھرج” کانسواءِ جنم ڏينھن تي وڻ پوکڻ واري وڌندڙ روايت، سنڌي ۾ نالا لکڻ جي مھم ۾ ھٿ وجھو، نئين سال جي آجيان ڪيئن ڪجي، ٻارن جو عالمي ڏينھن ۽ وڏن جا جاھلاڻا رويا، ھاڻي ميڊيا به عوام جي ناھي رھي هن وٽ سنڌ جي ليجينڊس جو وڏو قدر ۽ احترام آھي. ھو پنھنجي ڪالمن ۾ ڪيترين ئي شخصيتن کي وڏي مان سان ڀيٽا ڏيندو رھيو آھي جن مان ڪي چونڊ ڪالم ھن ڪتاب جو حصو پڻ آھن مثال طور زندھ شھيد جو جنم ڏينھن، امداد حسيني لاءِ جيڪو ڪجھه ڪرڻو آ سو اڄ ئي ڪريو، قمر شھباز جو جنم ڏينهن ۽ سندس ادبي فڪري ورثي کي سنڀالڻ جو سوال وغيره. زرار جھڙا ليکڪ سماج جي سوچ کي اڳتي وڌائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪندا آھن. زرار جون ھي نوٽ ڪرڻ جھڙيون ڳالھيون سنڌ جي گورنمينٽ، سياستدانن، اديبن، نوجوانن ۽ سنڌ جي ماھرن کي واقعي نوٽ ڪرڻ گھرجن.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *