تازا ترين
  • *هالا جي بس اسٽاپ جي علائقي واسين جو حيسڪو زيادتين خلاف احتجاج *هالا: اٺن ڏينهن کان علائقي ۾ بجلي جي نه هجڻ تي علائقي واسي ۽ دڪاندار روڊن تي نڪري آيا *حيسڪو خلاف احتجاج ڪندڙن پاران مين روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏيندي روڊ بلاڪ*
  • *ڄامشورو: شورا ڳوٺ ۾ سنڌ يونيورسٽي جي زمين تي مبينا قبضي جي ڪوشش *سنڌ يونيورسٽي جو عملو ڪم بند ڪرائڻ لاءِ پهتو ته بااثرن حملو ڪيو: مئنيجر اسٽيٽ رفيق بروهي *بااثرن جي حملي ۾ يونيورسٽي جا2 ملازم پيارو ڏاهاڻي ۽ گل محمد ڏاهاڻي تي زخمي ٿي پيا: مئنيجر اسٽيٽ *منهنجو ننڍڙو پٽ گهر ٻاهران بيٺو هو ته رفيق بروهي ۽ سندس گارڊ تشدد ڪيو: رستم جوڻيجو *يونيورسٽي جي زمين تي قبضي خلاف سوٽا ۽ سيوا تنظيمن طرفان احتجاج *
  • *سڪرنڊ: مختلف شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ، آبادگارن جو ايريگيشن آفيس اڳيان احتجاج *احتجاج دوران گرمي سبب هڪ آبادگار بيهوش ٿي ويو، اسپتال منتقل *آبادگارن ايريگيشن آفيسر جي ڪرسي تي پوتي ۽ ٽيبل تي چوڙيون رکي نعريبازي ڪئي *شهباز شاخ، راهب شاهه شاخ ۽ سڪرنڊ شاخ ۾ پاڻي کوٽ ختم ڪئي وڃي: آبادگار *
  • *شاھپورچاڪر: رورل هيلٿ سينٽر ۾ جو هڪ ٻيو ملازم ڪورونا جو شڪار *رورل هيلٿ سينٽر جي ليب اسسٽنٽ جي ڪورونا ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي، گهر ۾ آئيسوليٽ *شاهپورچاڪر ۾ ڪرونا متاثرن جو انگ وڌي 11 ٿي ويو *
  • *دولتپور صفن ۾ رولو ڪتن جو آزار، 8 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *ڳوٺ مٺا خان جوکيو ۾ ھڪ ئي 8 ڄڻن کي ڪتي ڏاڙھي زخمي ڪيو، اسپتال منتقل*
  • *ملير: قائد آباد پل تي ڪوچ ۽ موٽر سائيڪل وچ ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، هڪ زخمي *فوتي جي سڃاڻپ 28 ورهين جي وسيم پٽ ناصر طور ٿي *
  • *جھول ۾ بدامني خلاف ٿاڻي آڏو سول سوسائٽي جو احتجاج *چوريون ۽ ڦرون روز جو معمول بڻيل آهن: احتجاج ڪندڙ *
  • *دوڙ تعلقي ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 9 ڪيس ظاهر، متاثرن جو انگ 150 ٿي ويو: فوڪل پرسن *متاثرن کي پنهنجي گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو پيو وڃي: فوڪل پرسن *
  • *نصيرآباد: ڪورونا جا ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد صحت کاتي پاران ماڻهن جا سيمپلز وٺڻ وارو عمل جاري *شهر ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ صحت کاتي جي ٽيم 200کان وڌيڪ ماڻهن جا سيمپلز ورتا *رپورٽس ڪجهه ڏينهن اندر اينديون: صحت کاتو *
  • *سانگهڙ: اينٽي ڪرپشن ٽيم جو يونين ڪائونسل هٿونگو جي آفيس تي ڇاپو *اينٽي ڪرپشن ٽيم يوسي هٿونگو جي چيئرمين ۽ سيڪريٽري جي گرفتاري لاءِ ڇاپو هنيو *
  • *ڄام صاحب: ڪورونا جا 4ڪيس ظاهر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *متاثرن ۾ 2 پوليس اھلڪار به شامل *
  • *ننگرپارڪر ويجهو نوجوان جو لاش هٿ *ڳوٺ خانپور ۾21 ورهين جي ھريش پٽ ڪٽيو ڪولھي جو لاش ھٿ *نوجوان کي پيٽ ۾ چاقو لڳل آهي: پوليس *پٽ رات ماني کائي 3 دوستن سان گڏ نڪتو ھو، صبح جو لاش مليو آھي: پيءُ *پٽ کي قتل ڪيو ويو آھي، انصاف ڪيو وڃي: ڪٽيو ڪولھي *
  • *ٺٽو واٽر سپلاءِ اسڪيم ريفرنس: آصف زرداري طرفان فرد جرم لاڳو ٿيڻ لاءِ عدالت ۾ پيش ٿيڻ کان معذرت *آصف زرداري ڪورونا ۽ ٻين بيمارين سبب پيش نٿو ٿي سگهي: وڪيل جي احتساب عدالت کي آگاهي* احتساب عدالت طرفان آصف زرداري مٿان وڊيو لنڪ ذريعي فردم جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو * آصف زرداري سوڌو 14 جوابدار 4 آگسٽ تي طلب، نيب کي انتظام مڪمل ڪرڻ جي هدايت *
  • *ميرپورخاص: رحيم نگر مان مڙس جي تشدد کان تنگ ٿي گھران نڪتل ناري ٿاڻي تي پهچي وئي *19ورھين جي ناري راڻي لاگھاڻي سٽلائيٽ ٽائون ٿاڻي پھچي وئي *مڙس سان ھاڻي گڏي رھڻ نٿي چاھيان: ناري راڻي لاگهاڻي *ناري جي مڙس جي چاچي نبي بخش لاگھاڻي ناري جي گم ٿيڻ بابت ٿاڻي تي درخواست ڏني ھئي *
  • *قبوسعيدخان وجهو تيز رفتار ڪار ڪلٽي، 2 ڄڻا زخمي *ٻنهي زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ شهداڪوٽ اسپتال منتقل*

زراعت عورت جي ايجاد آھي! …انيل ميگهاڻي

توهان کي هن حقيقت جي خبر هئڻ گهرجي ته زراعت مرد نه عورتن جي ايجاد آھي، عورت گهرن تائين محدود هئي شڪار جي اهل نه هئي، هو گهڻو وقت گهر ۾ ئي گذاريندي هئي. ۽ گهڻو وقت حمل سان هئڻ جي ڪري ڪمزور ٿي پوندي هئي، هن جي ڀيٽ ۾ هڪ ٻيو به روح هوندو هو… هن رهائش جي جاءِ کي خوبصورت بنائڻ شروع ڪيو، گهر، وستي، شھر ۽ سموري جي سموري تهذيب عورت جي وجود جي ڪري آھي. ڇاڪاڻ ته هو شڪار ڪرڻ کان آجي هئي، هو دل ۽ مزاج جي ڪيفيتن سان مالامال هوندي هئي، هو وڌيڪ پياري هوندي هئي، هو ڪنهن به جنت يا جهنم، ڪنهن به ديوتا يا شيطان ۾ دلچسپي نه رکندي هئي.
عورت جو شعور هميشه ڀرپاسي ۾ دلچسپي رکندو هو. هو هڪ خوبصورت گهر پسند ڪندي آھي. هو هڪ پنهنجي الڳ ۽ خوبصورت دنيا تخليق ڪرڻ چاهيندي آهي، ڀلي گرم هجي پر آسائش واري هجي، عورت ۾ هڪ خاص مهارت هوندي آھي هو ڪنهن به مردا جاءِ کي زندهه ڪرڻ ۾ دير نه لڳائيندي هئي… انسان شڪار ڪرڻ ۾ مصروف هوندا هئا پر عورتون گهرن ۾ محدود هونديون هيون. مرد ماڻهن شڪار کي جاري رکيو ۽ عورت ذات هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ شروع ڪيو. مرد وٽ وقت ئي ڪونه هو. هو سواءِ ڪنهن ڪم جي هر وقت مصروف رهندو هو پر عورت وٽ وقت تمام گهڻو هو شڪار جو ڪم مردن جاري رکيو ۽ عورت آسپاس ڏسڻ شروع ڪيو. ائين ئي هنن گهر جي ڀرسان کاڌ خوراڪ جي لاءِ زراعت ڳولي ورتو.
عورتن جهنگلي ميون ۽ اناج جي واڌ ويجھه جو مشاهدو ڪري ورتو هو. هن ڏٺو ٻج ڦٽي ٿو، اًن ٿئي ٿو، گل ڦٽن ٿا، گل مان ميوا ٿين ٿا ۽ وري ٻج ٿئي ٿو. .هن چيڪ ڪرڻ شروع ڪيو ته ڪهڙي شيءِ کائڻ جهڙي آھي ۽ ڪهڙي ناهي. آھستي آھستي شڪار به گهٽجڻ لڳو ۽ پوءِ مرد به عورتن سان متفق ٿي ٿيو ته اسان کي پنهنجي سموري معاشي روش تبديل ڪرڻي پوندي. اسان کي زراعت ڪرڻي پوندي، زراعت سبب آھستي آھستي لاڏائو قبيلا ڳوٺن ۽ شهرن ۾ تبديل ٿيڻ لڳا.ائين شڪار جو دؤر آھستي آھستي ختم ٿيڻ لڳو ۽ زراعت انسان جي بقاءَ جو وسيلو بڻجي وئي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *