تازا ترين
  • *گمبٽ ۽ ڀرپاسي ۾ گيسٽرو تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ20 مريض اسپتال ڀيڙا *ٻارڙن ۽ عورتن سميت 20 ڄڻن کي گمس اسپتال جي ٽراما سينٽر ۾ داخل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل ويجهو چوپائي مال جي چوري دوران 2 چور سوگھا، مارڪٽ بعد پوليس حوالي *ڳوٺ عبدالرحمان جتوئي ۾ ڳوٺاڻن چوري دوران ٻن چورن کي ڊوڙائي ڊوڙائي پڪڙي ورتو، هڪ فرار *نرڇ واسين عبدالطيف ڀيو ۽ غلام مصطفيٰ جعفري کي پوليس حوالي ڪيو ويو*
  • *ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي*
  • *بلديه سانحي ڪيس جو 8 سالن کانپوءِ فيصلو اچي ويو، متحده اڳواڻ رئوف صديقي شاهديون نه هجڻ تي بري*
  • *ڊگهڙي ويجهو اڌڙوٽ شخص سرفراز واهه ۾ ٻڏي فوت *جيلاني پاڙي واسي40 ورهين جو عبدالحئي عرف پٺاڻ ولد عبدالقيوم قمبراڻي سرفراز واهه ۾ ٻڏي ويو *رهواسين شهري کي پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن سندس فوتگي جي تصديق ڪئي*
  • *سکر: خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ جي نيب جي اپيل رد *احتساب عدالت ۾ ريفرنس آهي، شاهدن جا بيان به اتي قلمبند ٿيندا: ڪنزيومر ڪورٽ *خورشيد شاهه جي ملڪيت جي حوالي سان نيب 5 شاهن جا بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي*
  • *لاهور: آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شهباز شريف جي گرفتاري جا امڪان *شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو*
  • *سبي: ڪمپڙي پل وٽ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، هڪ نينگري فوت، 3 ڄڻا زخمي *حادثي ۾ نينگري مائين خان فوت، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*

رڪاوٽن جي وچ ۾ … ساميعا اتوت (فلسطين) ترجمو: همير گاد

وقت رُڪجي ويو هو، مون پنهنجي شرٽ جي کيسي مان هڪ سگريٽ ڪڍي دکايو.مان مسڪرائي مسلسل هُن جي چهري ڏانهن ڏسي رهيو هُيس.“ مهرباني ڪري سگريٽ کي وسائي ڇڏيو، هِتي موجود آڪسيجن اسان جي لاءِ ڪافي نه آھي. هُن چيو-“ ڇا اوهان ايتري خوفزدهه آھيو.؟“ مون کي پنهنجي زندگي تمام عزيز آھي ۽ اهو ڄاڻيندي مان تمام ڏکايل آھيان ته ڪجهھ دير ۾ موت مون کي وڪوڙي ويندو اهو به هڪ خوبصورت حسينه جي ايترو نزديڪ- مون چيو.“ تون ڪيترو بدتميز آھين!.“هُن ائين چئي منهن ٻئي طرف ڪري ڇڏيو.هُن کي پريشان ڏسي مون دل ئي دل ۾ مُسڪرايو. هُن جي بي وسي ڏسي مون کي مزو اچي رهيو هو، جيڪو ڪجهه به ٿي رهيو هو مان ان مان خوش هُيم. هن جي ڪُلهن تي خوبصورت زلفن کي ڏسي مون پنهنجو سگريٽ وِسائي ڇڏيو. “ هاڻي ته تون خوش آھين نہ.؟“ هُن ڪو جواب نه ڏنو ۽ ڪجهھ دير تائين خاموش ئي رهي، پنهنجي پرس مان ٽشو پيپر ڪڍي پيشانيءَ تان پگهر صاف ڪيائين.“ هو ڪڏھن ايندو؟ منهنجو ته ساھه ٿو ٻوساٽجي.“ هڪ دفعو گهنٽيءَ جو بٽڻ هڻو، مهرباني ڪري هڪ دفعو وري ڪوشش ڪريو.““ ٺيڪ آ مان ڪوشش ڪريان ٿو، پر جڏھن کان هيءَ لفٽ خراب ٿي آھي مان ڪيترا ڀيرا ڪوشش ڪري چڪو آھيان، مون زور سان پنهنجو هٿ دروازي کي هنيو، مگر ڪوئي فائدو نه ٿيو.“
“ ڇا هاڻي مان مري ويندم.؟ اڄ صبح ئي مان سوچي رهي هُيس ته اڄ جو ڏينهن منهنجي لاءِ سٺو ناهي، مگر مان سوچيان پئي ته منهنجو موت شايد ڪنهن مختلف انداز ۾ ٿئي- ڪنهن زلزلي ۾ يا ڪنهن ڪار حادثي ۾…مون ڪڏھن سوچيو به نه هو ته منهنجو موت دم ٻوساٽجڻ کان ٿيندو ۽ مان پنهنجي هوش ۽ حواس ۾ موت کي ڳلي لڳائيندم.“ “ ڇا تون غمزدہ آھين.؟““ ڇا مون کي خوش ٿيڻ کپي.؟ هُن آھستي ڏکوئيندڙ لهجي ۾ طنز ڪندي چيو. “ منهنجي خيال ۾ توکي پنهنجيون نيڪيون ڳڻڻ گهرجن.“ “پر ڇو.؟“ ته ڇاڪاڻ تہ تون جوان آھين، خوبصورت آھين ۽ ڏسڻ ۾ به خوشحال لڳين ٿي.“ “ڇا تون پنهنجي زندگيءَ مان خوش آھين.؟“ پنهنجي پيدائش کان وٺي اڄ تائين منهنجي زندگيءَ ۾ ان کان وڌيڪ پرلطف ڏينهن ناهي آيو.“ ”تون ته وڏو بي ڍنگو انسان آھين، ڳالهين مان ته پاڳل ئي لڳين ٿو.“ “ نه مان ته حقيقت پسند آھيان، مون ته ڪڏھن سوچيو به نه هو ته ڪنهن خوبصورت ڇوڪريءَ سان ڳالهيون ڪندم، ڏسو هاڻي منهنجو خواب ته سچ ٿي ويو.“ “ تنهنجي انهن ڳالهين مان مون کي خوف ٿو اچي.تون ته چوين پيو ته اسين مرڻ وڃي رهيا آھيون. “ مان ته مرڻ نٿي چاهيان.!“ ڪجهھ دير خاموش رهي ٿي. “ توکي زال ۽ ٻار آھن.؟ تون هِتي ڪم ڪندو آھين.؟“ ھُن پڇيو. “ مان هن عمارت جو لفٽ آپريٽر آھيان، ڇا تو منهنجا ڪپڙا نه ڏٺا.؟ مگر تون ڇا ڪندي آھين؟ هتي ڇو آئي آھين.؟“ “ مان ڪم مان ٿڪجي پئي آھيان ۽ موڪلن ۾ يورپ وڃڻ واري قافلي ۾ شريڪ ٿيڻ ٿي چاهيان.“ “-اوھ- افسوس-“ “ ڇا تون مذاق اُڏائي رهيو آھين. “ نه- مگر هيءَ صورت حال ضرور…مون کي ساھ کڻڻ ۾ مشڪل ٿي رهي آھي.“ مون آھستي ڳالهايو. “ ۽ منهنجو ته دم ٻوساٽجي ويو آھي.“ هُن پنهنجي پرس زمين تي اُڇلائي ۽ ڀِت کي ٽيڪ ڏئي بيٺي. مون شيشي مان هن جي زرد چهري جو عڪس ڏٺو، هن جي پيشانيءَ تان پگهر ٽِمي رهيو هو.هوءَ روئي رهي هئي. مون هن کي حوصلو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. پنهنجو هٿ وڌائي هن جي ڪلهن تي رکيو ۽ ھُن جي چهري ڏانهن تڪيندو رهيس. اسان جي وچ ۾ مڪمل خاموشي هُئي. مون هن کان سندس نالو پڇيو“ تنهنجو نالو ڇا آھي.؟“
“هنان“ ائين ٿو لڳي ڄڻ سموري دنيا جو درد تنهنجي اکين ۾ گڏ ٿي ويو آھي.“ “ ۽ سڄي دنيا جو فريب تنهنجي اکين مان ظاهر آ.“هُن بس ايترو ئي چيو ته لفٽ چُرڻ شروع ٿي. هُن خوشيءَ مان رڙ ڪئي.ٻارن وانگي ٽپو ڏنائين. هوءَ تمام خوش ھُئي.ان وچ ۾ مان سوچي رهيو هيس ته ان کي ڪيئن چوان ته هوءَ ٻيهر ڪڏھن ملندي. هُن جڏھن ڏٺو ته مان خاموش ۽ غمزدہ ٿي ويو آھيان ته هوءَ پرسڪون ٿي وئي.هن پنهنجو پاڻ کي شيشي ۾ ڏسي پنهنجا وار سنواريا، ڪپڙن کي ڏٺائين پوءِ پنهنجو پرس کڻي چيائين: “ براءِ مهرباني- پنجين منزل- جلدي ڪريو.!“ هن شائستگيءَ سان چيو- ليڪن لهجو رعب وارو هو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *