تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

رپورٽرن جي دنيا جتي روز جهيڙا ٿين ٿا! …شاهد ميراڻي

اڃا پنهنجي اخبار جو نالو ئي فائنل نه ٿيو هو پر اسان کي فيلڊ ۾ پابندي سان ائين وڃڻو پوندو هو، ڄڻ اخبار مارڪيٽ ۾ موجود هجي، معمول موجب آفيس وڃي خبرون فائل ڪندا هئاسين، ٻئي ڏينهن تي مِس ٿيل خبرن جو پڇاڻو به تڏهن کان ئي شروع ٿيو هو، سوچيندا هئاسين ته جڏهن اڃا اخبار مارڪيٽ ۾ ئي ناهي آئي ته پوءِ مِس ٿيل خبرن تي ايترو پڇاڻو ڇو پيو ٿئي؟ نيٺ هڪ ڏينهن اهو ئي سوال ڊيسڪ جي هڪ دوست کان پڇا ڪيو، جنهن کلندي ورندي ڏني ته “ففٽي موٽرسائيڪلن” کي وڏي اسڪوٽر جو انجڻ لڳائڻ لاءِ تياري هاڻ سان ئي ڪئي پئي وڃي، جيئن اخبار مارڪيٽ ۾ اچي، ته رپورٽرن سميت ڊيسڪ جا سمورا ساٿي به مڪمل تيار هجن. بهرحال جڏهن اخبار جو نالو “پنهنجي اخبار” فائنل ڪيو ويو ته پوءِ به شروع وارن ڏينهن ۾ اخبار جو نالو ٻڌائڻ ۽ سمجھائڻ ۾ تڪليف ٿيندي هئي. آهستي آهستي “پنهنجي اخبار” رڳو هڪ سال واري ننڍڙي وهيءَ ۾ جوانن جهڙا جوڀن ڏيکارڻ شروع ڪيا. اٿندي ئي سنڌي ٻولي جي ليڊنگ نيوزپيپر واري لسٽ ۾ اچي بيٺي.
شروعاتي ڏينهن ۾ جڏهن اسان هڪ سنڌي اخبار مان الوداع ڪري علي قاضي صاحب جي ٽيم جو حصو بڻياسين، ته ٻاهر مارڪيٽ ۾ هلندڙ بحث مباحثن اسان جو ساھ سُڪائي ڇڏيو هو. ائين محسوس ڪرايو ويو ڄڻ هتي اچي وڏي غلطي پيا ڪريون پر ٽيم جي سرواڻ علي قاضي صاحب تي مڪمل ڀروسو هجڻ ڪري، اسان کي اها پَڪ هئي ته مضبوط هٿن ۾ اچي چُڪا آهيون، جتان ڪافي سِکڻ جو موقعو به ملندو. ٿيو به بلڪل ائين ئي، ڊيسڪ تي ويٺل دوستن نيوز ايڊيٽر جاويد بوزدار، سينيئر سب ايڊيٽر سترام مهيشوري، سارنگ خاصخيلي ۽ ٻين دوستن هميشه رهنمائي ڪئي. شروع واري ڏينهن کان ڪراچي واري ڊيسڪ سترام مهيشوري ئي سنڀالي پيو، اخبار شايع ٿيڻ کان اڄ تائين، سال ۾ جيترا به ڏينهن اچن ٿا، انهن سمورن ڏينهن ۾ ڪنهن رپورٽر جو سترام سان روزانو هڪ کان 2 ڀيرا جھيڙو ۽ 3 کان 5 ڀيرا ٺاھ به ٿيندو رهيو آهي، اهو سڀ ان ڪري ٿيو ته اڳ ۾ ڪڏهن به سترام سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو موقعو نه مليو هو، ان ڪري ٻئي ڌريون هڪٻئي جي طبيعتن کان اڻواقف هيون پر هاڻي سترام مهيشوري جي طبيعت کي ايترو سمجھي ورتو آهي، ته جيڪڏهن کيس ردِ عمل نه ڏجي ته سندس ڪاوڙ  هڪ ئي ڌڪ ۾ ختم ٿي ويندي.
آفيس ۾ اسان رپورٽرن جو سيڪشن ٻين هنڌن کان بلڪل مختلف ان ڪري به آهي ته اخباري دنيا جي رپورٽرن وارو واحد سيڪشن آهي، جتي بِيٽ جي معاملن ۽ خبرن تي اڄ تائين هڪٻئي سان جھيڙو ناهي ٿيو، باقي موڪلن واري معاملن تي منهن مارِي ٿيندي رهي آهي، جن کي به ڀائو دودو چانڊيو پنهنجي سرپئنچي ۾ جرڳا ڪري چانهه بسڪوٽ جي ڏنڊ چٽيءَ وجھي معاملا حل ڪرائي ڇڏيندو آهي، اڳرائي ڪندڙ ڌرين لاءِ به ڏنڊ مقرر ٿيل آهي. جنهن ڪري ڪو ساٿي هاڻي اڳرائي جي همت ئي نه ٿو ڪري. ساٿي رپورٽر فقير سليم، شوڪت ڪورائي ۽ حبيب جمالي سان ڪم دوران ڀوڳ ٽهڪڙا به هلندا رهن ٿا.
پاڙيوارن جو ذڪر به ضروري آهي، اسان جي سيڪشن ڀرسان ايڊيٽيوريل پيج جو سيڪشن آهي، ايڊيٽوريل ۽ ويب سيڪشن مان ڪجهه ئي ڏينهن اڳ وڏي پيماني تي لڏپلاڻ به ٿي آهي، هڪ سال تائين ايڊيٽيوريل پيج واري سيڪشن مان اشفاق آذر ۽ ويب سيڪشن مان زوهيب سومرو، ماجد سومرو، فيصل مڱواڻو ، قربان سولنگي ۽ ٻيا ساٿي ٽي وي چينل اچڻ بعد مٿين فلور تي لڏي ويا آهن. هڪ سال تائين ساڻن سٺو وقت گذريو، هاڻي ايڊيٽوريل واري سيڪشن ۾ فاروق سومرو اچي ويران ويڙهو وسايو آهي، مانيٽرنگ ڊيسڪ جي دوست منصور ٻرڙو کان به خاص طور تي انهن خبرن جي مدد ملندي آهي، جيڪي خبرون رهجي وڃڻ جو امڪان هوندو آهي، باقي قيوم سروهي سان پنهنجو ٺاھ ئي ناهي. ان جا ڪهڙا سبب آهن اهو ڪنهن ٻئي ڀيري.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *