تازا ترين
  • *ٺل: ايس يو پي ڪارڪن قائم سرڪي قتل ڪيس جو مک جوابدار بلوچستان مان گرفتار * ٺل: پوليس اوستا محمد لڳ جڳهه تي ڇاپو هڻي ربنواز عرف ربو کي گرفتار ڪيو * ٺل: جوابدار کي بس اسٽيڊ کان وچ شهر مان گشت ڪرائي ٿاڻي تي آندو ويو *
  • * دادو اسپتال ۾ عورت شمشاد ڌي ارباب شاھه فوت: غفلت جو الزام: ڊاڪٽرن کي مبينا مارڪٽ *
  • *جيڪب آباد تعليم ۽ ناڻي کاتي جي 17 ملازمن خلاف ڪرپشن جا 18 ڪيس داخل * جيڪب آباد: اڳوڻو ڊي او صادق ڪٽوھر، جبار دايو، غزالا ٿھيم، شڪور، ٽي اي او قمر ٻرڙو نامزد * جيڪب آباد: ٺل جي موجوده ٽي اي او ٺل ياسمين، گل حسن انڙ، مرتضيٰ جکرو ۽ ٻيا جوابدار ڄاڻايل *
  • *سجاول اسپتال انتظاميا جو ايمبولينس ڏيڻ کان انڪار: نينگري 2ڪلاڪ تڙپندي رهي: عملو ٽهڪ ڏيندو رهيو! * سجاول: ڳوٺ نودو ٻارڻ واسي پورھيت اصغر ملاح جي 12 سالن جي مسڪان کي طبيعت خراب ٿيڻ ڪري اسپتال آندو ويو * سجاول: ڊاڪٽرن نينگري کي ٺيڪ قرار ڏنو، نينگري جي پيشاب جي نالي بند آهي: خانگي اسپتال جي رپورٽ *
  • *ڄامشورو: بجلي ڏيو ڪونه، مٿان وري ڳرا بِل ٿا موڪليو: ڄامشوري ۾ عورتون حيسڪو جي آزار خلاف رستن تي نڪري آيون * ڄامشورو: حيسڪو زيادتيون بند نه ڪيون ته انڊس هاءِ وي بند ڪنديون سين: مظاهرين *
  • هاڻي شاگردن کي استاد ۽ ڪلارڪ پاڻ امتحاني فارم ڀري ڏيندا*پرائمري ۾ شاگرد جو نالو ۽ پيدائشي تاريخ صحيح لکو: عدالت طرفان داخلا فارم ڀرڻ لاءِ مڪينزم جوڙڻ جو حڪم*
  • راڻا ثناءُ الله خلاف شاهدن جي زندگيءَ کي خطرو آهي: شهريار آفريدي طرفان منشيات ڪيس پنڊي منتقل ڪرڻ جو مطالبو*سياسي ڊرگ ڊيلرز ۾ هٿ وجهڻ تي اي اين ايف جو ميڊيا ٽرائل ڪيو ويو، شاهدن کي به ڌمڪيون ملي رهيون آهن: مملڪتي وزير*راڻا ثناءُ الله خلاف ثبوت ۽شاهديون موجود آهن، جيل ۾ روزانو بُنيادن تي ٽرائل جي اجازت ڏني وڃي: اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهيون*
  • اسٽي باوجود ڪيفي سنڌ کي ڇو ڊاٺو؟ ڪي ايم سي جي انڪروچمينٽ انتظاميا کي توهين عدالت جا نوٽيسز جاري*سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪي ايم سي اختيارين کان جواب طلب ڪري ورتو*
  • گُٽڪي ۽ مين پُڙي جي ڪاروبار خلاف ڪريڪ ڊائون جو اعلان*گهرو کاتي طرفان خوراڪ کاتي، فوڊ اٿارٽي ۽ آءِ جي سنڌ کي لکيل خط ۾ ڪريڪ ڊائون ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي*
  • ٺل جي ميڊيڪل سينٽر ۾ گئس نه ملڻ سبب 4 تازا ڄاول ٻارڙا فوت: وارثن جي احتجاج بعد سينٽر سيل: ڊاڪٽرز ۽ عملو فرار*ميڊيڪل سينٽر انتظاميا جي سنگين لاپرواهي واري مامري جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي*
  • مردان ۾ زمين جي تڪرار تان فائرنگ، امڙ ۽ 3 ڀائرن سوڌو 5 ڄڻا قتل*

ريزيڊنٽ سنڌ ميجر آئوٽرام جي ڪوٺي تي ٽالپرن جي چڙھائي ……معصوم ٿري

(سيد فدا حسين، برٽش آرمي جو ميرٺ ڇانوڻيءَ ۾ جمعدار هو. 1838ع ۾ انگريزن جڏهن افغانستان تي ڪاهه ڪئي ته ان “لشڪر انڊس” سفر ۾ فداحسين جمعدار به شامل هو. انهيءَ جنگي سفر ۾ هن جيڪي ڪجهه ڏٺو، جيڪي وهيو واپريو، پوءِ چاهي افغانستان هجي يا سنڌ، ان انوکي سفرنامي کي ڪتابي شڪل ڏيئي 1842ع ۾ هن دهلي مان هنديءَ ۾ ڇپرايو. انهي سال ممبئي جي اردو هفتيوار “مجمع الخبار” ان جو ترجمو ڪري ڇاپيو. بعد ۾ ان کي به واڌاري سان ڪتابي شڪل ۾ ڇپرايو ويو، ان ڪتاب جا چونڊ پنا پڙهندڙن لاءِ پيش آهن.)
اهڙي ريت پندرهين محرم 1259هه مطابق 15 فيبروري 1843ع تي سنڌ جي اميرن 8 هزار فوجي جوان تيار ڪري حيدرآباد ۾ ريزيڊنٽ جي بنگلي تي اماڻي ڇڏيا، مير شهداد خان ابن نور محمد خان ۽ ان جو چاچو مير محمد خان 6 توبن سان ان سان گڏ هئا، بنگلي ۾ 22 بادشاهي رجمنيٽ جا هڪ سئو جوان ڪپتان ڪنوي ليفٽننٽ هارڊنچ، ڪپتان ڪيزين21 رجيمينٽ وارو، 15 رجمينٽ جو ڪپتان ولسن ۽ ڪپتان برون موجود هئا، ان کانپوءِ خود ريزيڊنٽ ميجر آئوٽرام صاحب به هو. جڏهن سنڌين بنگلي جو گهيرو ڪيو هو ته ان وقت صرف هڪ سئو ماڻهو اندر هئا. بهرحال، چوويهه ڪلاڪ لاڳيتو جنگ جو ميدان رهيو، سنڌي ڪوٺي اندر گهڙي ويا. انگريزن کي شڪست ڏنائون. ميجر آئوٽرام ٿوري سپاهه سان گڏ ٻئي طرف ڀڄي وڃي پٽڙي وٽ پهتو، جتي آگٻوٽ، جنهن جو نالو پلينيٽ سيٽلائيٽ هو، ان تي چڙهي نڪري ويو، انگريزن جا تيرهن ماڻهو ماريا ويا. سنڌين جا 90 سپاهي قتل ٿيا، جڏهن اها بري خبر نيپيئر صاحب کي ملي ته هو صاحب حيدرآباد کان 24 ميل پري 2 هزار 7 سئو فوجين جي جٿي سان گڏ ويٺو هو، ٻڌندي ئي بيد مشڪ جي وڻ جيان ڪنبڻ لڳو ۽ چهرو لال ٿي ويس، اهڙي حالت ۾ اتان نڪتو ۽ درياءَ جي ڪناري تي هڪ ميدان آهي، جيڪو اميرن جو شڪار گاهه سڏجي ٿو، اتي ڊاٻو ڪري جنگ لاءِ فوجين جي صف بندي ۽ توبخاني جي مورچابندي کي ترتيب ڏيئي جهنگ کي باهه ڏيئي ڇڏيائين. جيئن سنڌين کي ويهڻ جي جڳهه نه ملي، ڇاڪاڻ ته انهن ڏينهن ۾ اميرن جي ان شڪارگاهه ۾ اميرن پاران شڪار ڪرڻ هن کي منظور نه هو.
هوڏانهن جڏهن سنڌين بنگلي کي ڊاهي پٽ ڪيو، هر شئي ٽوڙي مروڙي ۽ جيترو به اناج وغيره ۽ ٻيو سامان هو، اهو ڦري ورتو ۽ مڇن کي تاءُ ڏيندا عام درٻار ۾ پنهنجن حاڪمن وٽ اچي حاضر ٿيا، ڇاڪاڻ ته گھڻي وقت کانپوءِ هنن رت ڏٺو هو. هرڪو ڊڄي ڊڄي پنهنجي مڙسي بيان ڪرڻ لڳو ۽ گڏ پگھار وڌائڻ ۽ انعام گھرڻ لڳا، ڪو ڦٽجڻ جي ڳالهه ڪري ڏوڪڙ گھري رهيو هو ته ڪو وري پنهنجا ڦٽ جرح کي ڏيکاري رهيو هو. ايتري ۾ جاسوس خبر وٺي آيا ته اميرن جي شڪارگاهه ۾ اٽڪل 3 هزار انگريزي فوجي ڪٺا ٿيل آهن، جيڪڏهن انهن کي اسان ماري مڃايو ته پوءِ اسان واري خزاني ڏانهن ڪنهن کي وک وڌائڻ جي همٿ نه ٿيندي. فوج جي بيوقوف ۽ اڻڄاڻ آفيسرن صلاح ڏني ته هينئر ئي رات پيٽ ۾ وڃي مخالف فوج کي شڪست ڏيڻ گھرجي، ان تي سنڌ جي اميرن، بلوچ سردارن، ٻاويهه هزار پيادا ۽ سوار باهه اجا الا اڇليندڙ پندرهن توپون پاڻ سان گڏ وٺي علم اڀا ڪري جھنڊا ڦڙڪائيندا، ڀير تي ڏونڪا هڻندا، بندوقن جا ڪارتوس ڇوڙيندا، اچي شڪارگاهه ۾ پهتا ۽ جتان انگريزن جو مورچو لڳل هو ۽ توپن جو رخ ڪيل هو، سڌو اوڏانهن منهن ۾ مقابلي لاءِ هليا ويا. صبح سوير جيئن ئي جنرل صاحب پنهنجي فوج کي ڪڙڪي پوڻ جو حڪم ڏنو ته 3 سئو سپاهين ساڄي پاسي ۽ 4 سئو سپاهين کاٻي پاسي کان صف بندي ڪري بندوقن جي هڪ بوڇاڙ ۾ مخالفن کي پريشان ڪري ڇڏيو. چار گھڙيون ٺاهوڪي ويڙهه ٿي، نيٺ نادان سنڌي ۽ بي زبان بلوچ جيڪي سڄي رات جا اوجاڳيل ٿڪل ٽٽل هئا، سي ساڻا ۽ ماندا ٿي پوئتي هٽندا ويا ۽ موت جو فرشتو سندن روح قبض ڪندو ويو، هر طرف موت جو راڪاس لامارا ڏيئي رهيو هو، هرڪو ان جي ڄار ۾ ڦاسي پساهه پورا ڪندو ويو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *