تازا ترين
  • ميرپور خاص واقعي جي جاچ شروع: ڊي جي هيلٿ جي سفارش باوجود ايم ايس معطل نه ٿيو: پي ٽي آءِ ايم پي ايز ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي تي پهتل*ڊي سي طرفان جُڙيل ڪميٽي اسپتال انتظاميا جا بيان رڪارڊ ڪيا، ڊي جي هيلٿ جاچ دوران ايم ايس کي هٽائڻ جي سفارش ڪئي، اُن تي عمل نه ٿيو*اسپتال انتظاميا طرفان ايمبولينس نه ڏيڻ کانپوءِ ٻارڙي جو لاش موٽر سائيڪل تي نيو پئي ويو ته حادثو پيش آيو، جنهن ۾ وڌيڪ 2 ڄڻا فوت ٿيا*
  • ڪراچي ۾ مظاهرو ڪندڙ هيڊ ماسترز تي پوليس ڪڙڪي پئي*مرد ۽ عورت هيڊ ماسترز سي ايم هائوس ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ڪئي، پوليس جي لٺبازي، چڪريون*
  • ميرپور خاص واقعي ۾ ذميوارن خلاف ڪارروائي ٿيندي: وڏو وزير*بلاول ڀٽو جي سخت موقف کانپوءِ سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندڙ معافيون گهري رهيا آهن: مراد علي شاهه *
  • شهدادڪوٽ پوليس طرفان مبينا مقابلي ۾ هاف فراءِ ڪيل نوجوان اسپتال ۾ فوت: وارثن جو لاش رکي ڌرڻو: مقابلو ڪوڙو قرار ۽ جاچ جو مطالبو*شهدادڪوٽ پوليس 15 ڏينهن اڳ مبينا مقابلي ۾ نوجوان طارق ڌاريجو کي زخمي ڪيو، چانڊڪا اسپتال ۾ نوجوان زخمن جا سور نه سهندي فوت*طارق شهدادڪوٽ سامان وٺڻ ويو ته پوليس مخالفن جي چوڻ تي کيس گرفتار ڪيو (وارث) مٿس 15 مختلف ڪيس داخل ٿيل آهن: پوليس *
  • غوثپور جا2نوجوان عورتاڻي آواز ۾ هرکجي اغوا ٿيڻ کان بچي ويا*نوجوان لياقت ۽ محمد عثمان دستي شاديءَ جي ڏٽي ۾ ڪچي طرف وڃي رهيا هئا ته پوليس کين روڪيو*
  • *ڪراچي ۾ آرٽيڪل 149 لاڳو ڪرڻ ۽ فروغ نسيم خلاف مختلف شهرن ۾ مظاهرا ۽ ريليون*
  • *لمس ۽ چانڊڪا ۾ ميڊيڪل جي داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ ورتي پئي وڃي*
  • *ميهڙ ڀرسان ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر: 3 سڳا ڀائر زخمي*

رومن رسم الخط جي استعمال جا ڪجهه فائدا……مختيار احمد ملاح

(آخري قسط)

سنڌي لئنگويج اٿارٽي طرفان نڪرندڙ رسالي سنڌي ٻولي (2000) ۾ ڊاڪٽر فهميده حسين جو مضمون “ڇا ڪن خاص مقصدن لاءِ سنڌي ٻوليءَ جي لپي مٽائجي” شايع ٿيو، جنهن ۾ ڊاڪٽر صاحبه سنڌي ٻوليءَ لاءِ رومن خط اختيار ڪرڻ جو مشورو ڏنو. سندس خيال موجب نئين ٽيڪنالاجي (Technology) ۾ هاڻوڪو خط سنڌي ٻوليءَ کي اڳتي وڌڻ نه ڏيندو ۽ سنڌي ٻوليءَ جو دائرو محدود ٿي ويندو، جڏهن ته رومن خط اختيار ڪرڻ سان سنڌي ٻولي بين الاقوامي سطح جي ٻولي ٿي ويندي. ڊاڪٽر صاحبه جي خيال موجب عربي-سنڌي خط ۾گهڻيون نشانيون هئڻ ڪري سنڌي ٻوليءَ ۾جديد ڪمپوٽرائيزڊ ڇپائي ڏکي ۽ سست ٿي پئي آهي. هوءَ ان خيال جي به آهي ته رومن خط ذريعي وايو ڪيات (Phonetics) جي اصولن مطابق ڪنهن به نقص کان پاڪ صورتخطي جوڙي سگهجي ٿي.
اسان کي موجوده عربي سنڌي رسم الخط کي ختم ڪرڻ جي ضرورت ڪونهي، ڀلي سنڌ جي تعليم ۽ اشاعتي سرگرميون ان جاري و ساري رهن، صرف انٽرنيٽ ٿيندڙ علمي ۽ ادبي لکڻين لاءِ رومن رسم الخط جو هجڻ ضروري آهي، ان کانسواءِ دنيا ۾ ٽيڪنالاجي جي ايندڙ طوفان کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ سرڪاري ۽ معياري رومن رسم الخط جو هجڻ به ضروري آهي، جنهن ۾ هر ماڻهو پنهنجي مرضيءَ مطابق معياري اکرن سان موبائيل، ڪمپيوٽر، ٽوئيٽر، فيس بڪ ۽ سمارٽ موبائل فونن تي رومن لپين ۾ لکي سگهي ۽ ٻين هنڌن تي سنڌي ٻوليءَ ۾ پنهنجو اظهار ڪري سگهي. هڪ معياري رومن رسم الخط جي موجودگيءَ سان اسان کي ڪيترائي فائدا ٿيندا، مثال طور:
1. موجوده سنڌي رسم الخط ۾ ڪم ايندڙ زيرن زبرن جا ڪيترائي مسئلا آهن، پر رومن رسم الخط اختيار ڪرڻ سان اسان زيرن زبرن ۽ پيشن وغيره جي تڪليف کان گهڻي حد تائين ڇٽي پونداسين. سنڌي- عربي صورتخطيءَ تي ٻيو وڏو اعتراض اهو آهي ته ان سان ڪمپيوٽر ڪي بورڊ تي سنڌي ٽائيپنگ سست ٿي پئي آهي. ڇاڪاڻ جو موجوده صورتخطيءَ ۾ 52 اکر آهن، جن مان هر هڪ جون ٽي صورتون آهن يعني اڳين، وچين ۽ پوئين. ان صورتحال ۾ به آساني ٿي پوندي.
2. حليم بروهي 19 جنوري 2009ع ۾ پنهنجي هڪ ڪالم ۾ لکيو هو ته “منهنجي سوچ صحيح هجڻ لاءِ اوهان پنهنجي موبائيلن ۾ آيل پنهنجا نياپا ڏسو، جيڪي اوهان ڏانهن انگريزي اکرن ۾ پهتا آهن.آهي، ڪٿي ڪا ”گ“، ”ڃ“ ۽” ڄ“ لاءِ گنجائش؟ هڪ ڀيرو وري غور سان ڏسي ٻڌايو ته انهن انگريزي اکرن ۾ آهي ڪو ”ٽ“ ۽ ”ت“ ۾ تفاوت، ”غ“ ۽ ”گ“ ۾ تفاوت، “ٽ“ ۽ ”ٺ“ ۾ تفاوت، جيڪي اوهان سنڌي اکرن لاءِ استعمال ڪندا آهيو؟ 52 سنڌي اکرن مان چوٿائي اکرن لاءِ اوهان منجهي پوندا آهيو، ته ڪهڙا انگريزي اکر استعمال ڪجن.
3. موجوده صورتخطي جي مسئلن کي سمجهڻ لاءِ اسان کي 1853ع واري ڪاميٽي جي بحث جي مطالعي مان معلوم ٿيندو ته اهي ڪهڙا نقص هئا، جيڪي اڄ سوڌو موجوده لکت ۾ موجود آهن. ان ڪاميٽيءَ جي ڪارروائي جي باري ۾ محمد صديق ميمڻ لکيو آهي ته ”سنڌي صورتخطي مقرر ٿيڻ تي گهڻو بحث هليو. ڪنهن زور ڀريو، ته اهڙي آئيويٽا ٺاهجي، جنهن ڪري، ا ۽ ع جي بدران يڪو حرف ڪم اچي. اهڙي طرح ت ۽ ط، ث، س ۽ ص، ح ۽ هه، ز ۽ ذ، ض ۽ ظ،ڪ ۽ ق جي بدران يڪو آواز پيدا ڪندڙ اکر مقرر ڪجن. باقي جيڪي نج سنڌي آواز آهن، تن جي لاءِ نشانيون مقرر ڪجن. مسلمانن جا ٻار هينئر پنهنجا عربي حرفن گڏيل نالا درست ۽ بامعنى لکي سگهن ٿا. جيڪڏهن سنڌي آئيويٽا مان عربي لفظ ڪڍي ڇڏبا ته به مسلمان پنهنجو لاڳاپو عربي ۽ پارسيءَ سان ڇڏي ڪين سگهندا. پوءِ مشڪلات هيءَ پيدا ٿيندي، جو مثلاً هڪڙي ڇوڪر جو نالو آهي”محفوظ علي“ هاڻي جيڪڏهن سنڌي آئيويٽا مان عربي حرفن جون صورتون ڪڍي ڇڏبيون ته پوءِ ان ڇوڪر کي اسڪول ۾ پنهنجو نالو (مثال خاطر) ”مهفوزالي“  سيکاريندا، پر ان جا مائٽ ڪڏهن ڪين پسند ڪندا، ته هڪڙو بامعنى ۽ درست نالو بلڪل بي معنى ۽ غلط صورت ۾ ٻار کي سکڻ ڏين.“ (محمد صديق ميمڻ: سنڌ جي ادبي تاريخ“، مهراڻ اڪيڊمي، شڪارپور (ڇاپو چوٿون)، 2005ع، ص 27،28). جيڪڏهن انهن مسئلن کي ڏسجي ته رومن لکت ۾ اهي آسانيءَ سان ختم ٿي سگهن ٿا.
4. سنڌي ٻوليءَ جي ناليواري ماهر لسانيات ڊاڪٽر غلام علي الانا سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ طرفان نڪرندڙ نيوز بليٽن جي آخري شماري ۾ رومن سنڌي جو نمونو پيش ڪيو ۽ ان تي رايا طلب ڪيا. الانا صاحب ان رٿا تي ڪم ڪرڻ جو سبب ٻڌائيندي چيو ته دنيا جي مختلف علائقن ۾ اهڙا لکين سنڌي آباد آهن جن کي سنڌي ته ڳالهائڻ اچي ٿي پر لکڻ پڙهڻ نٿي اچي. انهن کي سنڌي لکڻ پڙهڻ سيکارڻ لاءِ ضروري آهي ته سنڌي رومن خط جوڙيو وڃي. الانا صاحب موجوده سنڌي صورتخطيءَ جا 52 اکر سامهون رکي، پنهنجي جوڙيل رومن سنڌي خط ۾ سڀني حرفن جون متبادل نشانيون تجويز ڪيون ۽ هن ”ک“ توڙي ”ز“، ”ض“ ۽ ”ظ“ اکرن لاءِ پڻ نشانيون رکيون. (سنڌي ٻولي جرنل جي جلد 2، شمارو-1/2، ڊسمبر جنوري 2000ع)
هن وقت، سنڌي ماڻهو مختلف ملڪن ۾ روزگار جي تلاش ۾ ڦهلجي چڪا آهن ۽ پنهنجي ڪٽنبن سان گڏ اتي رهائش پذير آهن. انهن ملڪن جي ٻولين ۾ سندن اولاد تعليم وٺي رهيو آهي، پر هو گهرن ۾ سنڌي ڳالهائيندا آهن. هاڻي سوال آهي ته ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ سنڌي ماڻهن جي ٻارن کي سنڌي ڪيئن پڙهائجي يا وري وڏن شهرن ۾ انگريزي ميڊيم پڙهندڙ ٻارن کي سنڌي علم ۽ ادب تائين ڪيئن رسائي ڪرائجي؟ ان مسئلي جو آسان حل به رومن رسم الخط ۾ آهي، ڇو جو اڳ ۾ ئي انگريزي لکت ڄاڻن ٿا، انهن کي سنڌي علم ۽ ادب جيڪڏهن آسان ڪري رومن خط ۾ لکي ڏبو ته آساني سان پڙهي سگهندا. منهنجو ”آسان ڪرڻ“ مان مراد آهي ته جيئن شيڪسپيئر (Shakespeare Made Easy)۽ ٻين مغربي عالمن جي ڪتابن کي آسان ڪري شاگردن لاءِ آسان ڪيو ويندو آهي، تيئن شاهه لطيف سميت سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعرن ۽ لوڪ ڪهاڻين کي آسان ڪري رومن خط ۾ شايع ڪرايو وڃي.
پرڏيهه ۾ رهندڙ سنڌي، جيڪي ڪنهن به سبب جي ڪري موجوده صورتخطي ۾ لکي نٿا سگهن، اهي آسانيءَ سان رومن لپيءَ جي معرفت سنڌ جي ماڻهن سان ڳنڍجي ويندا ۽ اتان جي ملڪن جي علم، ادب، سياست وغيره جي باري ۾ پنهنجا خيالات آسانيءَ سان لکي اسان تائين پهچائي سگهندا. ڪجهه سال اڳ بدر ابڙي صاحب پڻ انگريزي اکرن جي آڌار تي سنڌيءَ لاءِ بين الاقوامي صوتياتي الف-ب جوڙڻ جي ضرورت محسوس ڪئي. بدر ابڙي لکيو آهي ته ”بين الاقوامي صوتياتي الف-ب IPA جي ضرورت ان ڪري آهي ته ان الف-ب ۾ لکيل ڪنهن به ٻوليءَ جي ڪنهن به اکر يا لفظ کي ٺيڪ ٺيڪ اچاري سگهجي ٿو. پوءِ کڻي ان ”الف-ب“ جو ڄاڻو توهان جي زبان کان واقف هجي يا نه هجي! دنيا جي تمام وڏن لسانياتي ماهرن اها الف-ب تمام احتياط سان تيار ڪئي آهي. IPA جي بهتريءَ لاءِ ڪم فقط هندستان ۽ پاڪستان جي زبانن تائين محدود ڪونه آهي، پر يورپي ٻولين سميت دنيا جي هر خطي ۾ ساڳي ڪوشش جاري آهي. دنيا ۾ ڪجهه مستقل ادارا ته فقط ان ئي ڪم ۾ جٽيل آهن ته IPA کي بهتر کان بهتر ڪبو رهجي. ان ڪم لاءِ سڄي دنيا جي لسانياتي ماهرن جا گڏيل اجلاس ٿيندا رهندا آهن، جيڪي ان الف-ب کي بهتر کان بهتر ڪندا رهندا آهن. ان اداري جونالو (International Phonetic Association (IPA) آهي. جنهن جي مقرر ڪي الف-ب کي (International Phonetic Alphabet (IPA) يعني بين الاقوامي صوتياتي الف-ب چئجي ٿو. اها الف-ب وقت به وقت اپ ڊيٽ ٿيندي رهندي آهي. (سنڌي ٻوليءَ لاءِ بين الاقوامي صوتياتي الف-ب، افيئر نومبر 15، 2008ع)
اسان وٽ رومن رسم الخط جي باري ۾ سنجيدگيءَ سان اڄ تائين بحث ٿيو ئي ناهي ۽ جيڪو بحث ٿيو آهي اهو صرف ۽ صرف حليم بروهيءَ جي مخالفت يا حمايت جي حوالي سان ٿيو آهي، جنهن جو مطلب اهو آهي ته اسان وٽ رومن رسم الخط جي اپنائڻ يا نه اپنائڻ جا معيار صرف حليم بروهيءَ صاحب جو ڪتابڙو ۽ سندس ڪجهه آرٽيڪل آهن. جڏهن ته هي هڪ شخصي نه پر ادارتي بحث آهي. ڪجهه اديبن جو خيال آهي ته رومن رسم الخط تي بحث ڪرڻ وقت جو ذيان آهي، ٻين لفظن ۾ سندن خيال آهي ته دنيا ۾ ايندڙ چيلنجز جي باري ۾ ڪجهه نه سوچجي ۽ پنهنجي دقيانوسي خيالن تي قائم رهجي. ڪنهن به مسئلي جا هاڪاري ۽ ناڪاري پهلو ضرور ٿيندا آهن. ساڳي نموني رومن خط جا به ڪيترائي مسئلا ٿي سگهن ٿا. انهن تي سنجيدگيءَ سان سوچڻ جي ضرورت آهي، ان سلسلي ۾ اسان وٽ سنڌي لئنگيج جهڙو شاندار ادارو موجود آهي ۽ اڄ ته ناليوارا ٻولي ماهر موجود آهن، اهي سڀ گڏجي ويهڪ ڪن ۽ صرف انٽرنيٽ ٿيندڙ علمي ۽ ادبي لکڻين، موبائيل، ڪمپيوٽر، ٽوئٽر، فيس بڪ ۽ سمارٽ موبائل فونن ذريعي سنڌي صورتخطي لاءِ هڪ معياري رومن رسم الخط تيار ڪرائين. اهڙي عمل سان سنڌي ٻولي ۽ ادب تي انتهائي هاڪاري اثر مرتب ٿيندا.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.