تازا ترين
  • ميرپور خاص واقعي جي جاچ شروع: ڊي جي هيلٿ جي سفارش باوجود ايم ايس معطل نه ٿيو: پي ٽي آءِ ايم پي ايز ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي تي پهتل*ڊي سي طرفان جُڙيل ڪميٽي اسپتال انتظاميا جا بيان رڪارڊ ڪيا، ڊي جي هيلٿ جاچ دوران ايم ايس کي هٽائڻ جي سفارش ڪئي، اُن تي عمل نه ٿيو*اسپتال انتظاميا طرفان ايمبولينس نه ڏيڻ کانپوءِ ٻارڙي جو لاش موٽر سائيڪل تي نيو پئي ويو ته حادثو پيش آيو، جنهن ۾ وڌيڪ 2 ڄڻا فوت ٿيا*
  • ڪراچي ۾ مظاهرو ڪندڙ هيڊ ماسترز تي پوليس ڪڙڪي پئي*مرد ۽ عورت هيڊ ماسترز سي ايم هائوس ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ڪئي، پوليس جي لٺبازي، چڪريون*
  • ميرپور خاص واقعي ۾ ذميوارن خلاف ڪارروائي ٿيندي: وڏو وزير*بلاول ڀٽو جي سخت موقف کانپوءِ سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندڙ معافيون گهري رهيا آهن: مراد علي شاهه *
  • شهدادڪوٽ پوليس طرفان مبينا مقابلي ۾ هاف فراءِ ڪيل نوجوان اسپتال ۾ فوت: وارثن جو لاش رکي ڌرڻو: مقابلو ڪوڙو قرار ۽ جاچ جو مطالبو*شهدادڪوٽ پوليس 15 ڏينهن اڳ مبينا مقابلي ۾ نوجوان طارق ڌاريجو کي زخمي ڪيو، چانڊڪا اسپتال ۾ نوجوان زخمن جا سور نه سهندي فوت*طارق شهدادڪوٽ سامان وٺڻ ويو ته پوليس مخالفن جي چوڻ تي کيس گرفتار ڪيو (وارث) مٿس 15 مختلف ڪيس داخل ٿيل آهن: پوليس *
  • غوثپور جا2نوجوان عورتاڻي آواز ۾ هرکجي اغوا ٿيڻ کان بچي ويا*نوجوان لياقت ۽ محمد عثمان دستي شاديءَ جي ڏٽي ۾ ڪچي طرف وڃي رهيا هئا ته پوليس کين روڪيو*
  • *ڪراچي ۾ آرٽيڪل 149 لاڳو ڪرڻ ۽ فروغ نسيم خلاف مختلف شهرن ۾ مظاهرا ۽ ريليون*
  • *لمس ۽ چانڊڪا ۾ ميڊيڪل جي داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ ورتي پئي وڃي*
  • *ميهڙ ڀرسان ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر: 3 سڳا ڀائر زخمي*

روشن خيال عورتن تي ڏمريل مردن ڏانهن!………عائشه حسن ڌاريجو

سنڌي مرد جيڪو ننگن تي سرُ ڏيندڙ هيو، سياڻو سيبتو ۽ بردبار هيو، عورت جي عزت ڪندڙ هو، ظالم لاءِ تلوار جي وار وانگر هو پر افسوس جو اڄ هو پاڻ ظالم جو ساٿاري بڻجي ويو آهي، ڇو جو ڪنهن دانهن تي آواز نه اُٿارڻ به ظلم ڪرڻ جي برابر آهي. سنڌ جي عورت جيڪا شروع کان وفادار ۽ مزاحمت ڪندڙ رهي آهي ان جي همت جو مثال اسان ماضي ۾ ڏسنداسين ته همون ٻائي، تارا ٻائي، ٻاگهل ٻائي ٿورو اڃان ويجهو ڏسون ته بختاور ۽ فاطمه جن جي بهادري جا مثال ڪنهن کان ڳجها ناهن حال ۾ ڏسو ته سنڌي عورت پنهنجي وس آهر هر ممڪن ڪوشش ڪري اڳتي وڌي آهي، مختلف رڪاوٽن کي منهن ڏيئي اڄ هوءَ ان مقام تي پهتي آهي ته پنهنجي حقن لاءِ، پنهنجي بقا لاءِ مزاحمت ڪري، آواز اُٿاري جيڪو ان جو حق آهي پر سنڌ ۾ انهن گهربل حقن جي ڳالهه ڪرڻ ڄڻ ڪاريهر سان وير وجهڻ مثال آهي ڇوته سنڌي مرد اڃان قبائلي ريتن رسمن ۽ پنهنجي ڪوڙي انا جي ور چڙھيل آهي، مٿان ظلم ته اُهو آهي جو هو پنهنجي ٻچن کي ڪُھڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿو.
ڏسو ته اخبارون ڀريون پيون آهن ته هڪ مهيني ۾ الائي جي ڪيتريون نياڻيون ڪاريون ڪري ماريون ويون، ڪيترن جي عزتن کي پائمال ڪيو ويو ڪيتريون ذاتي دشمني جي ور چاڙهيون ويون، الائي جي ڪيترين عورتن کي گهريلو تشدد جو نشانو بڻايو ويو. عورت ۽ مرد هڪ ئي مٽي جا ٺھيل، هڪ ئي رت جو رنگ، ساڳيا احساس، ساڳيا جذبا وڏي ڳالهه ته انهن ٻنهي وجودن جي ميلاپ سان هڪ نئون وجود جنم وٺي ٿو، جنهن سان هڪ جوڙو هڪٻئي جي وڌيڪ ويجهو اچي وڃي ٿو، ڪيترو نه پيارو آھي اهو احساس جيڪو ھڪٻئي سان ڳنڍي رکي ٿو پو اهو احساس ڪنهن به رشتي جو ڇو نه هجي پر جڏھن ان ۾ محبت آهي،عزت آهي ته سڀ ڪجهه آھي پوءِ به ڏسجي ته مرد پاڻ کي عورت کان مٿانهون سمجهي ٿو ڇو ته شروع کان ان کي ماحول اهو مليو آهي ته مرد، عورت کان وڌيڪ طاقتور ۽ عزت لائق آهي.
سنڌي سماج ۾ مرد ۽ عورت جي فطرت ڏسنداسين ته گهڻي ڀاڱي محسوس ٿيندو ته مرد اناپرست، ضدي، هٺيلو، نالي ماتر غيرت جي گهوڙي تي سوار رهندو آهي. فريب ڏيڻ تي اچي ته هڪ ئي وقت چئن عورتن کي پنهنجون محبوبائون ۽ هڪ سان نڪاح ڪري کيس زال بڻايو ويٺو هوندو آهي ۽ جي زال شڪ ڪري ته قسم وري ننڍي راڻي ڌيءَ جو کڻندو آهي ۽ لڪ لڪوٽي جي هي راند سڄي حياتي هلندي آهي. همت آهي ان عورت جي جيڪا خبر هوندي به بيخبر ٿي ويندي آهي. ڏٺو ويو آهي ته جي عورت، ڪنهن سان محبت ڪري ٿي ته سهڻي، سسئي، مومل ۽ ماروي ٿي ڏيکاري ٿي. هو محبوب ۽ محبت خاطر هر ڏکيو قدم کڻي ٿي، ايتري قدر جو هڪ شادي شده عورت محبوب جي اسرار تي گهر ٻار ڇڏڻ لا تيار ٿي وڃي ٿي .
ڏم سين جُسو ظاهرا، من ميهار سين ميڙُ
هو محبت کي پنهنجو معراج سمجهي ٿي. تاريخ شاهد آهي ته عورت مرد کان وڌيڪ وفادار رهي آهي. ان ڳالهه کان به انڪار نٿو ڪري سگهجي ته سو مان 20 سيڪڙو مرد تماچي وانگر سچا، کرا ۽ وفادار رهيا آهن پر اڪثريت نه. تمام گهڻي مشاهدي کانپوءِ معلوم ٿئي ٿو ته مرد عورت جي هستي کي ڪڏھن به مڃڻ لاءِ تيار ناهي رهيو. نه ان عورت کي ان جا جائز حق ڏنا آهن، نه آئنده ڪو ارادو رکي ٿو، ڇو جو هو هر دور ۾ عورت جي مضبوط ارادن ۽ سندس مزاحمت کان اندر ئي اندر، دل ئي دل ۾ ڊنل رهيو آهي. ڇا ان جو خوف ختم ٿيڻ لاءِ اهو ڪافي ناهي ته محترمه بينظير ڀٽو جهڙي عورت اهڙي انسان سان زندگي گذاري جنهن جون عادتون برداشت کان ٻاهر هيون پر پوءِ به هن هڪ باڪردار ۽ هڪ همت واري عورت ٿي ازدواجي زندگي گذاري. ڀلي انهن جي وچ ۾ مسئلا ۽ تڪرار رهيا پر هن ڪڏھن به ٻڙڪ ٻاهر نه ڪڍي. هن پنهنجي لاتعداد خوبين، جرئت، همت ۽ خوبصورتي هوندي پنهنجي ور سان نباه ڪيو، نه صرف ايترو پر بي بي ته مردن لاءِ مثال بڻي ته هڪ عورت لاتعداد خوبين جي باوجود پنهنجي مرد کي عزت ڏيڻ ڄاڻي ٿي، مختلف اختلافن باوجود هڪ ڀرم جو غلاف چاڙهيون اچي ٿي.
عورت ۽ مرد جي مزاجن ۾ وڏو فرق آهي. پڙهيل لکيل،هوشيار، خوبصورت ۽ نئين دنيا سان هلندڙ مرد، عورت برداشت ڪري وڃي ٿي. نه صرف ايترو پر هوءَ خوش ٿئي ٿي. پر هڪ پڙهيل لکيل، ذهين، خوبصورت،تبديلي پسند، مزاحمت ڪندڙ عورت، مرد ڪڏھن به پسند نه ڪندو جي ڪندو به ته چوندو ته اها عورت ان جي محبوبا هجي. جي عورت سندس راءِ سان سهمت ناهي ته مرد جي ڪوڙي انا جاڳي پوي ٿي ۽ هو پاڻ کي سچو ڏيکارڻ خاطر ان عورت خلاف هر حربو استعمال ڪري ٿو، ايتري قدر جو ڪجهه ڪين وري ٿو ته ڪردار ڪشي تي لهي اچي ٿو. سچ اھڙي ننڍڙي سوچ تي وڏا وڏا ٽهڪ ڏيڻ سان گڏ مرد جي هلڪي سوچ تي افسوس ٿئي ٿو .
ھر راهه،هر ڳالهه، هر وقت هر سوچ ۽ هر فعل مرد لاءِ صحيح ۽ عورت لاءِ خراب ٿو ٿي وڃي، ڀلا ڏس ته ڏيو توهان ڪير ٿيندا آهيو، سنڌ جي نياڻين تي آڱر کڻندڙ؟ توهان سماج جا ٺيڪيدار آهيو ته پهريان نياڻين سان جيڪو ظلم ۽ ڏاڍ ٿئي ٿو ان کي ته روڪيو، ڪا مزاحمت ڪيو،ڪا بک هڙتال ڪيو، روڊن تي نڪرو، سرداري ۽ قبائلي نظام خلاف اٿي کڙا ٿيو پر اهو ڪم انهن ادڙن کان پڄندو نه،ڇو جو هي ڪم ڪجهه مخصوص مردن جو آهي، باقي ويٺا دشمنيون نڀائين ۽ مزا ماڻين.
ٻيلي نياڻين جي عزتن جا محافظ بڻجو، توهان کي مناسب ناهي ته انهن عورتن کي تنقيد جو نشانو بڻايو جن کي سال ٿي ويا عورتن سان ظلم خلاف دانهيندي، جلسا جلوس ۽ تحريڪون هلائيندي،نٽهڻ اُس ۾ بيهي مزاحمت ڪندي. پر لڳندو اهو آهي ته ڀائرن کي انهن عورتن سان ڪي ظاهري اختلاف ناهن پر هو انهن جي ڏاهپ، جرئت ۽ همت کان خوفزده آهن، هو عورت کي اڳتي وڌندي، تحريڪن جون واڳون سنڀاليندي نٿا ڏسي سگهن.
ٻڌو آهي پڙھيل لکيل ماڻهن وٽ ٻيو ڪجهه نه به هجي پر انهن ۾ هڪ عادت ضرور هوندي آهي ته هو پرائي ذاتي زندگين ۾ ڪاهي ناهن پوندا پر لڳي ٿو ته هي ڳالهه سنڌي ماڻھن تي لاڳو نٿي ٿئي ڇو ته هو رڳو پرائين زندگين ۾ بنا پڇا جي داخل ٿي ويندا آهن پر قمبر واري پير وانگر فتوائون به ڏيندا آهن، ڇو جو هو هر ڳالهه کان اُتم آهن، هر سزا ۽ جزا کان آجا آهن. مرد ڪيترو به آزاد خيال ڇو نه هجي، ڀلي ان آزاد خيالي ۾ هو ڪهڙي قسم جو طريقو ڇو نه ڳولهي لهي جنهن تي هلي هو پر سڪون زندگي گذاري، ڪهڙي طريقا جا هيئر اسٽائيل ڪري ڪلهن تائين وار ڪري پونيون وجهي يا مٿي تي سڌي يا پٽا پٽي زمين ٺھرائي ڇڏي، ڪنن ۾ واليون پائي، ڪلرفل شرٽون پائي، ٻانهن ۾ بريسليٽ پائي هر عورتاڻو فيشن ڪري پر ڇو ته مرد آهي سڀ جائز پر جي عورت رڳو مٿي تي رئو نٿي پائي، سينو تاڻي هلي ٿي، پرس ڪلهي ۾ وجهي ٿي، وار ڪٽنگ ڪرائي ٿي، پنهنجن ويجهن دوستن سان کلي ٿي، ڀوڳ مزاق ڪري ٿي، هوٽل تي وڃي ٿي ته پڪ مائي عياش آهي. مطلب توهان وٽ پرکڻ جا پيمانا اهي آهن ته عورتون گهر ۾ بند هجن، رئو مٿي تي پائن، وڏي آواز سان نه ڳالهائن، مطلب توهان لاءِ روشن خيال عورت قابل قبول ناهي. جي آهي ته پوءِ صبح شام هو توهان جي اشارن جو انتظار ڪري، جيڪو ممڪن ناهي. ڇو ته روشن خيال، لبرل عورت ڄاڻي ورتو آهي ته هوءَ ڪنهن جي به غلام ناهي، هن کي ڪنهن جي فتوائن جي ضرورت ناهي، هن کي ساٿ جي ضرورت آهي، عزت جي ضرورت آهي، مرد جي دهشت ۽ وهشت جي نه پر اعتماد جي ضرورت آهي.
اسان يا توهان ڪير ٿيندا آهيون، ڪنهن جي به خلاف فتوائون ڏيڻ وارا پر افسوس سان ٿو چئجي ته ڪجهه ماڻھن دشمنيون نڀائڻ خاطر پنهنجي عزتن جو به ناهن سوچيندا ته انهن جو سماج ۾ ڪو مقام آهي، هو به سنڌ ڄاوا آهن. ڇا گڏ هلي ڪري عورتن جون تحريڪون نٿيون هلائي سگهجن، ڪجهه رنجشن کي پوئتي رکي انهن عورتن سان گڏجي قدم قدم سان نٿو ملائي سگهجي؟ هي تحريڪون، مظاهرا ان لاءِ ناهن ته عورت اُڏرڻ لڳي پر ان لاءِ آهن ته اسان کي ساهُه کڻڻ ڏنو وڃي، جتي مرد سان بيهي ڪري چئي سگهجي ته هي زمين منهنجي آهي، هي آسمان منهنجو آهي، مونکي حق آهي ته مان پنهجي جيون ساٿي جي چونڊ ڪيان. مونکي حق آهي ته پڙهي سگهان،کلي سگهان روئي سگهان، پنهنجي چڱي بري جو فيصلو ڪري سگهان.

This entry was posted in Soormi. Bookmark the permalink.