تازا ترين
  • پ پ ايم پي اي علي مردان شاهه لاڏاڻو ڪري ويو*عمر ڪوٽ سان تعلق رکندڙ علي مردان شاهه ڪيترائي ڀيرا وزير ۽ ايم پي اي رهيو*علي مردان شاهه صوبائي وزير سردار شاهه جو مامو ۽ ضلعي چيئرمين نور علي شاهه جو ڀاءُهو
  • *سنڌ سرڪار طرفان فلور ملز تائين ڪڻڪ نه پهچائڻ سبب کوٽ پيدا ٿي، 4 لک مان هڪ لک ٽن ڪڻڪ ڏئي ڇڏي آهي: فردوس اعواڻ*
  • *سنڌ ۾ صوبائي حڪومت جي نااهليءَ سبب اٽي جو بحران ٿيو آهي (وفاقي سرڪار) زراعت واري وزير طرفان اڱاري تائين بحران ختم ٿيڻ جو آسرو*
  • *اٽي بحران جي ذميوار سنڌ حڪومت آهي(وفاقي حڪومت) وفاق ڪڻڪ افغانستان اماڻي بحران پيدا ڪيو: سنڌ سرڪار*
  • *قاضي احمد: پول تي بجليءَ جي تار ٺاهڻ دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب پورهيت فوت*
  • *ڏهرڪي: ڪنٽينر سان ٽڪر بعد آئل ٽئنڪر ليڪ: پيٽرول ضايع*

روس جو دنيا کان ڌار انٽرنيٽ ٺاهڻ جو ڪامياب تجربو.

روس اعلان ڪيو آهي ته هن عالمي انٽرنيٽ جي مقابلي ۾ انٽرنيٽ جو ٺاهڻ جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي. ان تجربي جا تفصيل اڻ چٽا آهن پر مواصلات جي وزارت موجب عام صارفين کي ڪا تبديلي محسوس نه ٿيندي. هاڻي انهن نتيجن کي صدر پيوٽن سامهون پيش ڪيو ويندو. ماهر ڪجھه ملڪن جي انٽرنيٽ تائين رسائي ختم ڪرڻ واري لاڙي تي ڳڻتي جو شڪار آهن. يونيورسٽي آف سري جي ڪمپيوٽر سائنسدان پروفيسر ايلن ووڊوارڊ جو چوڻ هو ته “افسوس جي ڳالهه آهي ته روس جي ان سفر جو رخ انٽرنيٽ کي ٽوڙڻ طرف هڪ ٻيو قدم آهي. آمراڻن ملڪن کي گھرجي ته اهي شهرين کي انٽرنيٽ تائين رسائي کي ڪنٽرول ڪن ۽ هو ايران ۽ چين طرف ڏانهن ٿا ڏسن جيڪي اڳ ئي ايئن ڪري چڪا آهن. ان جو مطلب اهو آهي ته ماڻهو ان باري ۾ ڳالهائڻ تائين رسائي حاصل نه ڪري سگھندا ته سندن ملڪن ۾ ڇا هلي رهيو آهي ۽ هو پنهنجو پاڻ ۾ ئي مگن آهن”.
مقامي انٽرنيٽ ڪيئن ڪم ڪندو آهي؟
انهن قدمن جو مقصد روس جو پنهنجي انٽرنيٽ ورڪ کي پنهنجي عالمي هم منصب سان تعلق کي محدود ڪرڻ ۽ انٽرنيٽ تائين شهرين جي رسائيءَ تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ آهي. پروفيسر ووڊ وارڊ موجب “ان جي لاءِ آءِ ايس پيز (انٽرنيٽ سروس فراهم ڪندڙ) ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪمپنين کي پنهنجي حدن ۾ هڪ وڏو انٽرنيٽ جوڙڻ ۾ مدد ملندي جيئن هر ڪا وڏي ڪمپني ڪندي آهي” ته حڪومت ڪيئن هڪ خودمختيار انٽرنيٽ قائم ڪندي؟ ملڪ سمنڊ هيٺيان تارن يعني نوڊز وسيلي بين الاقوامي ويب سروس حاصل ڪندا آهن، جتان ٻين ملڪن جي مواصلاتي نيٽ ورڪس تي ۽ ٻين ملڪن جي ڊيٽا منتقل ڪرڻ لاءِ رابطن جا هنڌ هوندا آهن. انهن هنڌن کي بند ڪرڻ يا گھٽ ۾ گھٽ انهن جي نگراني ڪرڻ جي ضرورت پوندي آهي. ان لاءِ مقامي آءِ ايس پيز جي سهڪار جي ضرورت هوندي آهي ۽ جيڪڏهن صرف آڱرين تي ڳڻڻ جيترا رياستي ملڪيت وارا فرمس به ان ڪم جو حصو بڻجي وڃن ته ايئن ڪرڻ مدد ملي سگھي ٿي. هڪ ملڪ وٽ جيترا گھڻا نيٽ ورڪ ۽ رابطا هوندا، اتي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ به ايترو ئي ڏکيو هوندو. پوءِ روس کي متبادل نظام بڻائڻ جي ضرورت پوندي. ايران نيشنل انفارميشن نيٽ ورڪ ويب سروس تائين رسائيءَ جي اجازت ڏيندو آهي پر نيٽ ورڪ تي موجود سموري مواد جي نگراني ڪئي ويندي آهي ۽ پرڏيهي ڄاڻ کي محدود رکيو ويندو آهي. ان کي ايران جي سرڪاري ٽيلي ڪميونيڪشن ڪمپني هلائيندي آهي. انٽرنيٽ رسائي کي حڪومت جي ڪنٽرول هيٺ آڻڻ جو هڪ فائدو اهو آهي ته ورچوئل پرائيويٽ نيٽ ورڪ (وي پي اين)، جيڪو اڪثر بلاڪس کي روڪڻ لاءِ استعمال ٿيندو آهي، ڪم ناهي ڪندو.
ان جو هڪ ٻيو مثال چين جي هٿ ٺوڪي گريٽ فائر وال آهي. هيءُ ڪيترين ئي بين الاقوامي انٽرنيٽ سروسز تائين پهچ ۾ رڪاوٽ پيدا ڪندي آهي، جنهن ڪري ڪيترين ئي مقامي ڪمپنين کي پنهنجا پير ڄمائڻ ۾ مدد ملي. روسي ٽيڪنالاجي جون ڪمپنيون يا انڊيڪس ۽ ميل اڳ ئي چيمپئين آهن پر ٻين مقامي ڪمپنين کي به فائدو ٿي سگھي ٿو. روس جو پنهنجو وڪيپيڊيا ٺاهڻ جو به منصوبو آهي ۽ سياستدان هڪ اهڙو بل به منظور ڪري چڪا آهن جنهن سان اهڙن سمورن سمارٽ فونز جي وڪري تي پابندي هوندي جنهن ۾ روس جو سافٽ ويئر انسٽال ٿيل نه هوندو.
ٽيڪنيڪي ڏکيائيون:
هڪ ماهر خبردار ڪيو آهي ته هن پاليسي سان اظهار جي آزادي تي پابندي لڳي سگھي ٿي پر اهو چوڻ به وقت کان اڳ آهي ته هي تجربو ڪامياب ويندو. ٿنڪ ٽينڪ نيو آمريڪا ۾ سائبر سيڪيورٽي پاليسي جي فيلو جسٽن شيرمن خابرو اداري کي ٻڌايو ته “ماضي ۾ آن لائين ڪنٽرول حاصل ڪرڻ ۾ روسي حڪومت کي ٽيڪنيڪي ڏکيائين سان منهن ڏيڻو پيو آهي. جهڙوڪ روسي شهرين کي ڳجھي مئسيجنگ ايپ ٽيلي گرام تائين پهچ حاصل ڪرڻ کان روڪڻ ۾ وڏي حد تائين ناڪام ڪوششون وغيره. ان تجربي جي اڻپوري ڄاڻ جي ڪري ان ڳالهه جو اندازو لڳائڻ ڏکيو آهي ته روس کي ڌار انٽرنيٽ جي ان سفر ۾ ڪيتري حد تائين ڪاميابي ملي سگھي ٿي ۽ ڪاروباري نقطهءَ نظر سان هاڻي اهو ڏسڻو آهي ته روس کي ملڪي ۽ پرڏيهي سطح تي ڪيتري دٻاءُ کي منهن ڏيڻو ٿو پوي.”
مواصلات واري وزارت جي نائب سربراهه جو چوڻ هو ته هي تجربو منصوبابندي تحت پورو ڪيو ويندو. اليڪسي سوڪولو چيو ته مشقن جي نتيجن مان اهو ظاهر ٿو ٿئي ته روسي فيڊريشن ۾ عام طور، عملدار ۽ ٽيلي ڪام آپريٽرز اڀرندڙ خطرن جو اثرائتي انداز ۾ جواب ڏيڻ ۽ انٽرنيٽ ۽ گڏيل ٽيلي مواصلات نيٽ ورڪ جي مضبوط ڪم کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ تيار آهن.” روس جي سرڪاري نيوز ايجنسي جي اطلاعن موجب انهن تجربن ۾ انٽرنيٽ وارن اوزارن جي ڪمزوري جو اندازو لڳايو آهي ۽ ان ۾ “پرڏيهي ناڪاري اثرن” جو مقابلو ڪرڻ لاءِ نيٽ جي صلاحيت کي جاچڻ جي هڪ مشق به شامل آهي.
-ترجمو: ارشد سولنگي



This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *