تازا ترين
  • *ڪراچي: سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز اڄ به بند، سڀاڻي 8 وڳي کوليون وينديون *هفتي ۾ 4 ڏينهن گيس پريشر گهٽ ڄاڻائي سي اين جي اسٽيشنز بند ڪيون پيون وڃن *صرف سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز مالڪن کي پريشان ڪيو پيو وڃي: پرشوتم لال *
  • *خيرپور: عورت سان مبينا طور اجتماعي زيادتي ۽ تشدد، اين سي داخل، وارثن جو احتجاج *شادي شده عورت مومل شيخ کي ٽن ٻارڙن سميت اغوا ڪري ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو: وارث *5جوابدارن اغوا ڪري زيادتي ڪرڻ سان گڏ تشدد ڪيو: متاثر ناري *جوابدارن خلاف سوڀو ديرو ٿاڻي تي اين سي داخل، وارثن جو جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو*
  • *آواران ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، 4 دهشتگرد مارجي ويا: آءِ ايس پي آر *آپريشن دوران دهشتگردن جا ٺڪاڻا تباهه، وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪيا ويا: آءِ ايس پي آر*
  • *گهوٽڪي: عدالت پاران سبزي منڊي ۾ قائم وڪلين جون آفيسون خالي ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري *عدالت پاران اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ بعد وڪيلن پاران ڊسٽرڪٽ بار ۾ مٺائي ورهائي *عدالت وڪيلن جي حق ۾ اسٽي جاري ڪري وڪيلن سان انصاف ڪيو آهي: وڪيل اڳواڻ *
  • *گمبٽ:16 ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ٿي ويل ٻن عورتن ۽ 2 ٻارڙن کي پوليس بازياب ڪرائي ورتو *حنا ۽ نگينا خاتون سميت ٻن ٻارڙن کي باءِ پاس تان بازياب ڪرايو: پوليس *16 ڏينهن اڳ ٽن جوابدارن هٿيارن جي زور تي ٻن عورتن ۽ ٻن ٻارڙن کي اغوا ڪيو هو: پوليس *بازياب ڪرايل عورتون ۽ ٻار عدالت ۾ پيش، بيان بعد وارثن حوالي *
  • *ڏڪاريل ڏيهه ٿرپارڪر ۾ برساتن بعد هرطرف ساوڪ، ميوا توڙي ڀاڄيون ٿيڻ بعد مارڪيٽ پهچي ويون *گدرا، ڇانهيا، مهيا، چڀڙ ۽ ٻيون ڀاڄيون توڙي ميوا مختلف شهرن جي مارڪيٽن ۾ وڪرو *روڊن تي اسٽال لڳائي ڀاڄيون ۽ ميوا وڪرو، ماروئڙن ۾ خوشي واري لهر *
  • *پيرجوڳوٺ: ٻه ڏينهن اڳ مڙس ۽ ڏيرن هٿان تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻايل عورت سيشن ڪورٽ خيرپور ۾ پيش *تشدد جي مبينا الزام ۾ گرفتار مڙس زال کان معافي وٺڻ بعد عورت جو عدالت ۾ مڙس سان رهڻ جو بيان *عدالت پاران ناري منيران راهوجو کي مڙس عبدالحليم راهوجو جي حوالي ڪري ڇڏيو *
  • *ڏهرڪي:قتل ٿي ويل عنايت شاهه جو لاش قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *نئون ڪوٽ بس اسٽاپ وٽ ڌرڻي سبب ٻنهي طرفن کان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل *جوابدارن جو پتو لڳائي ورتو آھي، گرفتاي لاءِ پوليس رواني ٿي ويئي آھي: پوليس جي خاطري*
  • *ڀان سيدآباد ۾ بدامني خلاف شهرين پاران جي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي *شهر ۾ ڦورن ۽ چورن جو راڄ قائم آهي، پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائي نه پئي ڪري: احتجاج ڪندڙ *
  • *ڪڙيو گهنور ۾ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿي، سنڌياڻي تحريڪ طرفان حيدرآباد روڊ تي ڌرڻو *کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون، ٽينٽ ۽ کاڌي پيتي سميت صحت جي سهولت فراهم ڪئي وڃي: ٻوڏ متاثرن جو مطالبو *
  • *گهوٽڪي: عدالت پاران سبزي منڊي ۾ قائم وڪلين جون آفيسون خالي ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري *عدالت پاران اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ بعد وڪيلن پاران ڊسٽرڪٽ بار ۾ مٺائي ورهائي *عدالت وڪيلن جي حق ۾ اسٽي جاري ڪري وڪيلن سان انصاف ڪيو آهي: وڪيل اڳواڻ *
  • *ڏهرڪي ڀرسان ننڊ پيل ڳوٺاڻو قتل، پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي *ڳوٺ نئون ڪوٽ ۾ اڻڄاتل جوابدار 45سالن جي عنايت علي شاهه جو ڳلو ڪپي فرار ٿي ويا *زخمي حالت ۾ عنايت علي شاهه کي وارث رحيم يار خان اسپتال کڻي ويا جتي هن دم ڏنو *
  • *پي ٽي آءِ سينيٽر اورنگزيب اورڪزئي پاران بني گالا ۾ سرڪاري زمين تي قبضي جو انڪشاف *سي ڊي اي ۽ ايم سي آءِ قبضي واري رپورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي *عدالت پاران سرڪاري ايراضي تي قبضو ڪندڙ سينيٽر ۽ سي ڊي اي آفيسرن خلاف ڪارروائي جو حڪم*
  • *ڪنري ڀرسان گھر جي ڀت ڪرڻ سبب معصوم نينگر دٻجي فوت ٿي ويو *ڳوٺ رامچند ڪولھي ۾ ڀت ڪرڻ سبب11 ورھين جو نينگر لڇمڻ پٽ گلاب ڪولھي دٻجي ويو *نينگر کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو*
  • *لاڙڪاڻو: 10 کان مٿي مختلف ڳوٺن جي بجلي گذريل ڪيترن مھينن کان بند، ڳوٺاڻن جو ٽائر ساڙي احتجاج *ٻلھڙجي، بگي ٻنڊي، گاجي ديرو ۽ وڏي وھڻي سميت مختلف ڳوٺن جي رهواسين جو ايئرپورٽ روڊ بند ڪري احتجاج *بلن جي ادائگي باوجود رشوت طلب ڪئي وڃي ٿي، نه ڏيڻ جي صورت ۾ بجلي بند ڪئي وئي آهي : ڳوٺاڻا *

روسو جو سماجي معاهدو … غضنفر سولنگي

ڪن ماڻهن کي ڏک، پيڙاءُ ۽ تڪليفون ورثي ۾ ملن ٿيون جيڪي ماڻهو سڄي حياتي چاهيندي به وساري ناهي سگهندو اهڙن انسانن کي تاريخي حيثيت حاصل هوندي آهي جڏهن ڪو به ماڻهو تاريخ جا پراڻا پنا اٿلايندو آهي ته اهڙن ماڻهن کي وسارڻ سندس وس کان ٻاهر هوندو. جين جيڪس روسو به اهڙن ئي انسانن مان هڪ هو، جنهن به تاريخ جي ڪتابن ۾ پنهنجي ڏک ڀري زندگي ۽ فلسفي ۽ قانون جا نوان ڏس ٻڏائي دنيا ۾ لازوال شهرت حاصل ڪئي، دنيا جي اڪثر وڏن فلاسافرن امير گهرن ۾ جنم ورتو ۽ گهٽ محنت ڪري وڏي عزت ۽ شهرت حاصل ڪئي پر ڪجھه اهڙا فلاسافر به ٿي گذريا آهن جن غريب هارين ۽ مزدورن جو اولاد هجڻ باوجود پنهنجو نالو روشن ڪيو. روسو به واچون ٺاهيندڙ هڪ غريب جي گهر ۾ 28 جون 1712ع تي جنيوا سوئيزرلينڊ ۾ جنم ورتو، روسو جي وڏي بدقسمتي اها هئي ته هن کي زندگي ڏيندڙ ماءُ سندس پيدا ٿيڻ وقت ئي مري ويئي جنهن جو ڏک هن پنهنجي هر لکڻي ۾ ظاھر ڪيو آهي. ماءُ جھڙي عظيم محبت کان محروم روسو اڪيلي پيءُ جي سهاري تي زندگي جيئڻ لڳو پر اهو سهارو به گهڻو وقت ساڻس گڏ نه رهيو،ڪيترن ئي هنرن جو ماهر روسو ڪو به ڌندو پيشوڪري نه کنيو، هو چاهي پيو ته اهڙي ڪا شئي ٺاهي جنهن کي ماڻهو پسند نه ڪن ۽ ماڻهو انهي طرف گهٽ ڌيان ڏين نيٺ هن خانه بدوشي جي زندگي بسر ڪئي.
رلندي گهمندي ڦرندي هن ڪافي دنيا ڏٺي ۽ مطالعي طور اهو پڻ ڏٺو ته انسانن جي رهڻي ڪهڻي سماجي بيهڪ ڪلچر رسمون ۽ سندن نفسياتي خواهشون ڪهڙيون آهن جنهن روسو کي اڳتي هلي وڏو فائدو ڏنو . 20 سالن تائين هن پنهنجي زندگي ڏانهن ڌيان نه ڏنو، روسو جي دل ۾ اصل زندگي کي سنوارڻ جوخيال آيو جيڪو هن کي پيرس وٺي ويو، فياسڪو ( پيرس) ۾هن هڪ هوٽل کوليو ۽ اتي Therese Levaslelle نالي هڪ اهڙي عورت ملازم طور رکي جنهن کي ڪنهن به شيءِ جو ڪو به علم نه هو کيس گهر جو ڪم ڪار به ڍنگ سان نه ايندو هو نه ئي ڪو ڳڻپ جوڪم ايندو هو روسو بعد ۾ ان عورت سان شادي ڪئي جنهن مان کيس پنجن ٻارن جو اولاد ٿيو جنهن بعد روسو کيس يتيم خاني ۾ ڇڏي آيو ۽ انهي فيصلي تي پوري حياتي پڇتائيندورهيو. سال 1749ع روسو جي زندگي جو سنهري سال رهيو جنهن ۾ هن پهريون ڀيرو قلم کنيو ۽ لکڻ شروع ڪيو.
“ سائنس ۽ آرٽ جي ترقي انسان جي اخلاق ۾ بگاڙ آندو آهي” جي نالي سان هڪ مضمون لکي فرانس جي اڪيڊمي آف ڊيجن کان پهرين پوزشن جو انعام حاصل ڪيو جنهن کيس شهرت جي بلندي تائين پهچائي ڇڏيو، پوءِ هن مسلسل لکيو ۽ ڪيترائي ڪتاب شايع ڪرايا،1762ع ۾ هن جو جڳ مشهور ڪتاب “ سوشل ڪانٽريڪٽ” شايع ٿيو روسو جي انهي ڪتاب فرانس جي حڪومت کي خطري ۾ وجھي ڇڏيو ۽ فرانسي حڪومت جون ديوارون ڪرندي محسوس ٿيون فرانسي حڪومت هن کي پنهنجي لاءِ خطرو سمجھندي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو جنهن سبب هو واپس اباڻي شهر جنيوا پهتو جتي هن جي ڪتاب کي ڊيموڪريٽڪ ڪائونسل ساڙي ڇڏيو ۽ هن کي مارائڻ جي ڌمڪي پڻ ڏني روسو وري اتان ڀڄي جرمني ۾پناهه ورتي پر اتي به گهڻو عرصو نه رهي سگهيو ۽ ماڻهن جي ٽولن هن کي جرمني ڇڏڻ تي مجبور ڪيو وري هو اتان نڪري انگلينڊ آيو جتي کيس صرف هڪ ماڻهو هيوم وٽ پناهه ملي پر ستت ئي روسو محسوس ڪيو ته هيوم به هن کي مارڻ چاهي ٿو هاڻي هن کي پنهنجي زندگي سان ڪو به لڳاءُ نه رهيو هو هن جو خيال هو ته ڇا آئون ايڏو خراب آهيان جو هر ڪو مون کي مارائڻ گهري ٿونيٺ اها سوچ ۽ اهڙي سماج کان مايوس ٿي 1778ع ۾ هن خودڪشي ڪري ڇڏي ان وقت سندس عمر 66 سال هئي.
The state of Natureروسو جو قدرتي زمانو:
ٻين فلاسافرن وانڱر روسو به پنهنجي نظريي جي شروعات قدرتي زماني سان ڪئي هن چيو ته قدرتي زماني جوانسان آزاد، خوش، صحتمند ۽ بيڊولو هو هن نه ڪنهن کي نقصان رسايو نڪي جھيڙي جھٽي يا سماجي تنظيم ۽ سياست سان ڪو واسطو هو، هو نيڪ سادو۽ پنهنجون گهرجون پاڻ پوريون ڪرڻ واروانسان هو. جين جيڪس روسو جي مطابق انهي دور جو انسان هڪ شريف جھنگلي هو جنهن نه ملڪيت جو سو چيو نه ئي وري ڪٽنب جو، حقيقت ۾ جنهن شخص زمين جي ٽڪري تي ليڪو پائي چيو هي منهنجي آهي ۽ ڏٺائين ته ماڻهو منهنجي اها ڳالهه مڃي ويا آھن اهو ئي اصل ۾ شهري سماج ۽ شھري رياست جو اڏيندڙ آهي تنهنجي ۽ منهنجي واري چڪر ۾ انسان جي رهڻي ۾ رولو وجھي ڇڏيو ۽ هو معاھدي لاءِ تيار ٿيو.
Natural Rights 2 قدرتي،فطرتي حق:
روسو جي چوڻ مطابق انسان قدرتي زماني ۾ آزاد به هو ته فطرتي حقن ۾ پڻ لطف اندوز ٿيندو هو پر پوءِ آهستي آهستي سماج جي زنجيرن ۾ جڪڙندو ويو ۽ آخرڪار پنهنجي آزادي هٿن مان وڃائي ويهي رهيو جيڪا هن کي قدرت طرفان مليل هئي.
Social Contract 3 سماجي معاهدو:
جيڪس روسو موجب هڪ ماڻهو ٻئي ماڻهو کي پنهنجا حق ڏنا ۽ انهي وري ساڳي ماڻهو کي پنهنجا حق ڏنا پوءِ انهن ٻنهي گڏجي ٽئين ماڻهو کي ڏنا ائين هنن جي حقن جي حفاظت به ٿي پئي . روسو جي چواڻي انهي معاهدي جي اڳواڻ جي اطاعت پوءِ سڀني تي لازمي ٿي پئي اتي روسو سماجي معاهدي ذريعي عوامي اقتدار اعليٰ جي تصور کي هٿي ڏني ۽ جمهوريت جي نظريي جي پڻ پٽڀرائي ڪئي.
State and Government 4 رياست ۽ حڪومت :
روسو موجب ڪو به اڪيلو فرد رياست کان ٻاهر رهي ڪجهھ به نٿو ڪري سگهي دراصل خود مختياري برابري ۽ جائيداد جا حق بطور شهري رياست طرفان مليل آهن جيڪي ماڻهوءَ پاڻ پنهنجي رضا خوشي سان رياست ۽ حڪومت کي سونپيا هئا ۽ انسان جي خود مختياري قدرتي نه آهي پر اها حڪومت طرفان مليل هڪ تحفو هئي. جين جيڪس روسو اهڙا ته انمول ۽ شاهڪار نظريا ڏنا جيڪي هن کي هميشه زندھ رکندا ضرورت ان ڳالهه جي به آهي ته ڇا اسان به هن جي نظرين مان ڪجهھ لاڀ پرايو آھي يا نه.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *