تازا ترين
  • *اڳوڻو آسٽريلين بيٽسمين ڊين جونز دل جو دورو پوڻ ڪري لاڏاڻو ڪري ويو *ڊين جونز 59 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو *ڊين جونز پي ايس ايل ۾ اسلام آباد يونائٽيڊ جو ڪوچ رهيو هو*
  • *بدين ۾ پگهارون نه ملڻ خلاف ميونسپل عملي پاران ڪم ڇڏ هڙتال ڪري آفيس آڏو معصوم ٻارڙن سميت احتجاج *نااهل ۽ ڪرپٽ سي ايم او کي هٽائي فوري طور تي پگهارون جاري ڪيون وڃن: احتجاج ڪندڙ ملازم *
  • *بدين: ڪڍڻ رورل ھيلٿ سينٽر جو ايم ايس ڊاڪٽر شجاعت خواجا ڪورونا وائرس جو شڪار *ايم ايس ڊاڪٽر شجاعت خواجا جي ٽيسٽ پازيٽو اچڻ بعد رورل هيلٿ سينٽر سيل ڪيو ويو *
  • *ڀٽ شاھه: شاھ لطيف فائونڊيشن پاران عالمي مشائخ ڪانفرنس ملتوي ڪرڻ جو اعلان *درگاھ ڀٽائي جي سجاده نشين پاران ميلي جون غيرسرڪاري تقريبون ملتوي ڪرڻ جو اعلان *ڪورونا سبب سنڌ حڪومت جي فيصلي جو احترام ڪريون ٿا: سجاده نشين *رڳو عرس جون رسمون ايس او پيز تحت ادا ڪيون وينديون*
  • *ڪراچي ۾ سنڌي نوجوان جي قتل خلاف جروار ۾ احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ شهرين ريلي ڪڍي مين چوڪ تي ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڪراچي ۾ ڌرتي ڌڻين کي بيگناهه قتل ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي: مظاهرين *عبدالحميد گبول جي قتل ۾ ملوث ٻين جوابدارن کي به گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي: مظاهرين*
  • *سيوهڻ ويجهو ڪارنهن جي مبينا الزام هيٺ سهري هٿان ناري قتل، جوابدار ٿاڻي تي پيش *ڳوٺ بچل چنا ۾ جوابدار گلشير چنا پنهنجي ننهن 25 ورھين جي فائزا چنا کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار قتل ڪرڻ بعد پسٽل سميت گرفتاري ڏيئي ڇڏي، غيرت ۾ اچي قتل ڪيو: گلشير چنا جو اعتراف *پوليس پاران مقتولا ناري جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ سيوھڻ اسپتال پھچايو ويو*
  • رائونتي جي ڪچي ۾ پوليس جي مبينا مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڏوهاري اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *رات دير سان بچاءَ بند وٽ مقابلي دوران ڏوهاري محمد نواز سيال کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو هو: پوليس *زخمي ڏوهاري کي سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي فوت ٿي ويو:پوليس *جوابدار محمد نواز سيال تي سنگين قسم جا ڪيس داخل آهن: پوليس*
  • *دادو ويجهو ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر، يعقوب پٽ ڦوٽو فوت ٿي ويو *
  • *ڪشمور: عدالت پاران3ڄڻن کي بلاجواز گرفتار ڪرڻ تي ٽن اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم *ڪشمور جي عدالت ٽن ڄڻن کي بلاجواز گرفتار ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي *ڪشمور: عدالت سي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ اوسميت ٽن اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو *
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري، نواز شريف ۽ يوسف رضا گيلاني خلاف توشه خانه ريفرنس تي ٻڌڻي *اڳوڻو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني احتساب عدالت ۾ پيش *عدالت ٻڌڻي پهرين آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي *
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا * ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي
  • *نوري آباد ويجهو مزدا ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت *موٽر وي تي حادثي ۾ مزدا ڊرائيور پنجاب واسي محمد اسلم راجپوت فوت ٿي ويو *
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا *ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي*
  • *نواب ولي محمد ڀرسان ملواهه شاخ وٽ نوجوان جو لاش هٿ، سڃاڻپ نه ٿي*لاش جي نِڪ ۽ وات مان رت وهي رهيو هو، لڳي ٿو هڪ ڏينهن پُراڻو آهي: پوليس *
  • *مورو: داد بئراج ۾ ٻڏي ويل ملير واسي محمد فاروق جٽ جو لاش هٿ *ٻڏي ويل ڊرائيور مزدا کي ڌوئي رهيو هو ته پير ترڪڻ سبب داد بئراج ۾ ڪري پيو*

روحاني ڪاميابي ڪيئن حاصل ڪجي؟ … پون ڪمار منڌاڻ

جڏهن قديم زماني جي ماڻهن ڪائنات جي وسعت تي غور ڪيو ته هنن کي ڏاڍو عجيب محسوس ٿيو روحاني تعلق کي ڏسي يا ڇهي نٿو سگهجي ان هوندي به اسان جي نظرن کان لڪل شين کي محسوس ڪرڻ جو هڪ ڏانءُ آهي جيڪڏهن اسان پنهنجي پنجن ئي حواسن کان وڌيڪ طاقتور ۽ ڀروسي جهڙي خوبي کي استعمال ڪريون اهو آهي شعور، جيڪڏهن توهان کي شعور هجي ته ڪا شيءَ حقيقي وجود رکي ٿي ته برابر اها حقيقت ٿي پوي ٿي شعور توهان کي ٻڌائي ٿو ته توهان زندهه آهيو توهان سوچي سگهو ٿا توهان ساهه کڻي سگهو ٿا اهو توهان کي خبر ڏي ٿو ته توهان خوش آهيو يا غمگين ۽ اهو به ٻڌائي ٿو ته توهان پنهنجي زندگي ۾ ڪاميابي ماڻيو ٿا يا نه هر ساهواري شيءَ فطرت جي ذهانت جو شاندار اظهار آهي، اها ذهانت ان جي ذريعي ڪم ڪري ٿي جنهن کي اسين ڪاميابي جا ست روحاني قائدا چئون ٿا. اهي ڪهڙي طرح عمل ڪن ٿا؟ اهو به روح وانگر هڪ راز آهي فطرت ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ به ساڳيا قانون ڪم اچن ٿا جيڪي فطرت ۾ ضروري آهن، جڏهن اسان فطرت سان هم آهنگي ۾ اچون ٿا تڏهن اسان پنهنجي خواهشن ۽ انهن کي پوري ڪرڻ جي طاقت جي وچ ۾ هڪ ٻنڌڻ پيدا ڪريون ٿا، جيڪا شيءَ اسان چاهيون اها تخليق ڪري سگهون ٿا. سچي ڪاميابي اها آهي جيڪا اسان ماپي سگهون ته ڪيترو مهارت سان ۽ ڪيترو آساني سان ڪائنات سان گڏوگڏ تخليق ڪرڻ سکيا آهيون، هيٺ 7 قائدا ڏجن ٿا جن جي مدد سان اهو مقصد حاصل ٿي سگهي ٿو .
1-خالص اهليت ۽ توانائي جو قانون
پهريون روحاني قانون سمورين تخليقن جو ذريعو آهي، اهڙي جڳهه جتي خواب ڏسندڙ خواب کي واضح طور ڏسي ٿو جنهن ڳالهه جي توهان خواهش ڪريو، جنهن وقت به خواهش ڪريو، ٿورڙي ڪوشش سان حاصل ڪري سگهو ٿا پر توهان غيريقيني جي عقل واري زمين تي موجود هجو غيريقيني صورتحال خالص تخليق لاءِ زرخيز زمين هوندي آهي، ان جو مطلب آهي پنهنجي حياتي جي هر لمحي ۾ قدم رکڻ ڇوته آزادي ۽ ارتقا اتان ئي شروع ٿئي ٿي ان ۾ توهان کي هرقسم جي آزادي هوندي ته جيڪو ڪجهه به چاهيو اهو تخليق ڪريو،، خالص توانائي جو قانون توهان کي ٻڌائي ٿو ته توهان خود شعور آهيو جيئن هن مادي دنيا ۾ ظاهر آهي ۽ جيئن توهان جي وجود ۾ لڪيل آهي، تنهنڪري زندگي جي هر ڪاميابي جي شروع ۾ جذبو موجود آهي.
2-ڏيڻ ۽ حاصل ڪرڻ جو قانون
هن ڪائنات ۾ هر شيءَ مستقل طرح حرڪت ۾ آهي، اهو توانائي ۽ علم جو وهڪرو آهي، اها شعور جي بنا ڪنهن ڪوشش جي اهڙي حرڪت آهي جيڪا ڪائنات ۾ اظهار جي گونا گون قسمت ۾ ظاهر ٿئي ٿي پئسن لاءِ اسان وٽ لفظ ڪرنسي آهي، جيڪو لاطيني لفظ مان نڪتل آهي جنهن جي معنيٰ آهي ڊوڙڻ يا وهڻ دولت مستقل ۽ وهندڙ مٽاسٽا جي هڪ علامت آهي جيڪڏهن توهان جو ارادو پئسا گڏ ڪري رکڻ جو آهي ته پنهنجي زندگي ۾ ان جي واپس گردش کي توهان روڪي ڇڏيندوءَ توهان کي توانائي ۽ خيالن جو آزاد وهڪرو قائم رکڻو آهي جيئن دنيا ۾ ان جي گردش جاري هجي.هر تعلق ڏيڻ ۽ وٺڻ جو آهي جنهن ۾ خلوص ۽ کليل دل جي ضرورت هوندي آهي، توهان کي مڃڻو پوندو ته جيڪو ڪجهه توهان کي حاصل ٿئي ٿو سو توهان ڪو ڪمايو ڪونهي پر اهو هن ڪائنات مان توهان کي مفت تحفو مليو آهي. جنهن جو مطلب آهي ته توهان کي پتو هجڻ گهرجي ته توهان جي ضرورت به ايتري هئي جڏهن توهان ڏيڻ ۽ وٺڻ ٻنهي جا دل سان خواهشمند ٿيندوءَ ته ڪائنات ۾ جو ڪجهه آهي اهو بيحد ۽ بي حساب آهي سو سڄو توهان جو هوندو جيڪي توهان جي حياتي ۾ ڦرندو رهندو، قديم زماني جي سياڻن اها ڳالهه سمجهي ورتي هئي ته جيڪا به شيءَ ڦرندي يعني گردش ڪندي رهي ٿي سو آهي اسان جو شعور.
3- ڪرما(قسمت ) جو قانون
ڪرما لفظ جي معنيٰ آهي عمل، عملن جي معنيٰ صرف سطحي ناهي، هر عمل توانائي جي طاقت پيدا ڪري ٿو جيڪو ساڳي طرح اسان ڏانهن موٽ کائي ٿو، جيڪو پوکيون ٿا سو ئي لڻون ٿا ۽ جڏهن اسان اهڙا عمل چونڊينداسين جيڪي ٻين کي ڪاميابي ۽ خوشي ڏيارين ته اهڙا عمل اسان جو حصو بنجي پوندا، هن مادي دنيا ۾ اسان ڏسندا آهيون ته ڪيئن عمل جو رد عمل پيدا ٿئي ٿو، هڪ حرڪت جو جواب ٻئي حرڪت ٿئي ٿو، روزانو اسان اهڙا ڳجها عمل ڪندا آهيون جيڪي اسان جي زندگي تي وڏو اثر وجهندا آهن، هن هلندڙ وقت ۾ جيڪي واقعا ٿي رهيا آهن اهي ماضي ۾ اسان جي ذهن جي فيصلن جو نتيجو آهن، پنهنجي شعور ۾ لڪل قوت سان توهان پنهنجي دنيا جي معلومات ۽ توانائي کي بدلائي سگهو ٿا ۽ شين کي بهترين ممڪن نموني سان شڪل به ڏئي سگهوٿا، اها لامحدود طاقت قدرتي برف جي ذرڙي گل يا جيو گهرڙي ۾ به موجود آهي، اهو ڪو پراسرار روحاني تصور ناهي ڇوته جنهن به وقت توهان ڊوڙڻ يا پنهنجي ٻانهن کي حرڪت ڏيڻ چاهيندا آهيو ته توهان جو رڳو ارادو ئي لکين ڪيميائي عمل ۽ برقي حرڪتون پيدا ڪندو آهي، اهي سڀ مقرر ٿيل قدرتي قانون تي عمل ڪندا آهن،.
4- گهٽ ۾ گهٽ ڪوشش جو قانون
هن قانون جو بنياد هن حقيقت تي ٻڌل آهي ته فطرت ڪا رڪاوٽ پيش نٿي ڪري ۽ گهٽ ۾ گهٽ عمل جو رستو وٺندي آهي، ان لاءِ هر موڙ تي فطرت جو ڪم ڏسو گاهه وڌڻ لاءِ ڪوشش نه ڪندو آهي، پنهنجو پاڻ ئي وڏو ٿئي ٿو، پکي اڏامڻ جي ڪوشش نه ڪندا آهن اهي اڏامن ٿا هي ڪارڪردگي جو ڪو خيالي اصول ڪونهي هي اهڙي شيءَ آهي جيڪا پنهنجو پاڻ ٿئي ٿي، اسان زندگي جي گهرجن کي گهٽ دٻاءُ ۽ ڪوشش سان پوري ڪرڻ جا رستا ڳولي سگهون ٿا جنهن مان بي ترتيبي ۽ مونجهارو وڌي اهو گهٽ ۾ گهٽ ڪوشش جي خلاف ڪم ڪري ٿو تنهنڪري پريشاني ۽ مايوسي ڏانهن وٺي وڃي ٿو ان بدران ته فرض ڪري وٺجي ته بي ترتيبي قدرتي آهي، غور سان ڏسو ته خبر پوندي ته اهو سچ پچ به ڪيڏو غير فطري آهي، شين کي جيئن اهي آهن تيئن قبول ڪرڻ به هڪ فن آهي ائين نه ته جيئن اوهان چاهيو ٿا ته ائين هجن جيئن ئي هن قانون تي پختگي حاصل ٿيندي، اهڙي طرح گهٽ محنت سان وڌيڪ شيون ملنديون وينديون، آخر ڪار توهان اهڙي حالت کي پهچندوءَ جو توهان ڪجهه به نه ڪندوءَ پر هي شي ڪري سگهندوءَ.
5-ارادي ۽ خواهش جو قانون
ويدن جي سياڻپ ۾ هڪڙو راز آهي، جيڪو قيمتي ترين آهي، يعندي هر خواهش ۾ ان جي پورائي ڪرڻ جو طريقو به موجود آهي، خالص شعور خاموش هوندو آهي ۽ بي حرڪت هوندو آهي، تان جو اسان جي خواهشن جي ذريعي حرڪت ۾ اچي وڃي ٿو هر گهڙي جيڪي فيصلا ڪريو ٿا انهن کي عملي طور جاچيو پاڻ کان پڇو ته منهنجي ان فيصلي جا نتيجا ڪهڙا نڪرندا؟ بي شمار فيصلن مان هميشه هڪ فيصلو صحيح هوندو جيڪو توهان جي لاءِ ۽ توهان جي پيارن لاءِ وڌ ۾ وڌ خوشي پيدا ڪندو توهان صحيح فيصلو ڪيئن ٿا ڪريو؟ جيڪو توهان محسوس ڪريو ٿا ان تي ڌيان ڏيو جيڪڏهن سوال پڇڻ وقت ئي توهان بي چيني ۽ بي آرامي محسوس ڪريو ته پوءِ اهو شايد ڪرما جي لحاظ کان مناسب ناهي جيڪڏهن توهان کي فرحت جو احساس ٿئي ته پوءِ توهان جو فيصلو ڪرما جي لحاظ سان مناسب آهي، اسان پنهنجي حياتين جي هر گهڙي ۾ جيڪي ارادا ۽ فيصلا ڪريون ٿا مستقبل انهن مان پيدا ٿئي ٿو.
6- تعلقي يا بيگانگي وارو قانون
پنهنجي خواهش کان اڳل ٿلڳ ۽ لاتعلق رهندو ته هي ڪائنات توهان کي ڀرپور خواب ڏيندي يعني توهان مايوس ڪونه آهيو ۽ نه ئي سودائي جڏهن توهان خيال ڪندا ته مون کي هي شيءَ ضرور ملڻ گهرجي يا جيڪڏهن مان اهو حاصل نه ڪري سگهيس ته پوءِ مان ناڪام ليکبس تڏهن توهان پنهنجي ڄاڻ کي ڄڻ بند ٿيل ۽ محدود ڪري ٿا ڇڏيو جڏهن توهان ڇهون قانون پنهنجي قبضي ۾ ڪري ڇڏيو ته پوءِ پڪي پختي سنجيدگي کي قائم ڪري ڇڏيندوءَ ساڳئي وقت پنهنجي مقصد سان به لاڳاپيل هوندوءَ ، لاتعلقي ڌيان جي هڪ خاصيت آهي توهان جو ارادو مستقبل بابت هوندو پر ڌيان زمان حال ۾ هوندو جيسيتائين توهان جو ڌيان حال ڏانهن هوندو ته توهان جو ارادو مستقبل جي لاءِ ظاهر ٿيندو اسان جا ارادا ٻاهرين دنيا ۾ عڪس پيدا ڪن ٿا جڏهن اسان جي مرضي مطابق ڪم نٿا ٿين ته هڪ ناڪاري عڪس ٺهي ٿو ۽ اهو توهان سڌي طرح ڏسي سگهندوءَ جڏهن ڇهون قانون چڱي طرح پڪڙ ۾ اچي ويو ته انفرادي ڌيان وڌندو توهان روح جي اکين مان هڪ طبعي دنيا ڏسي سگهندوءَ غيريقينيت جي سمجهه جو مطلب آهي ته توهان هڪ هنڌ بيٺل گهڙيون تلاش نه ڪندوءَ ۽ هر شي صحيح طريقي سان ٿي ويندي.
7- ڌرما جو قانون
هاڻي اسان وڏي ۾ وڏي راز تائين پهتا آهيون ڪائناتي منصوبو ڇا آهي؟ ڪائنات جي اسڪيم ۾ اسان جي زندگي جو مطلب ڇا آهي؟ ڪاميابي جو ستون روحاني قائدو ڌرما جو قائدو يا زندگي جو مقصد آهي، هن دنيا ۾ هر هڪ جي حياتي جو ڪونه ڪو مقصد آهي، هڪ يگاني قابليت يا ڪا خاص مهارت جيڪا اسان ٻين کي ڏيئي سگهون ٿا جڏهن اسان ان يگاني قابليت کي ٻين جي خدمت ڪرڻ ۾ استعمال ڪنداسين ته اسان کي پنهنجي روح ۾ هڪ سرخوشي ۽ سر مستي محسوس ٿيندي جيڪو سڀني مقصدن جو آخري مقصد آهي، توهان جي يگاني قسمت ڪائناتي منصوبي يا نقشي ۾ توهان جي جڳهه کي ڌرما چئبو آهي، توهان کي جيڪو ڪم وڻي ٿو ان جي تلاش کان به وڌيڪ ڌرما جو مطلب آهي، اها قوت جيڪا اهڙي تبديلي سان توهان کي ملائي ٿي ان کي به ڌرما چئبو آهي پر اها انفرادي بدران ڪائناتي ڌرما آهي پهرين اهو لمحو اچي ٿو جڏهن توهان محسوس ڪريو ٿا ته حياتي بنا ڪنهن مقصدي بصيرت جي ڪامياب نٿي گذاري سگهجي. ڌرما لفظ سنسڪرت ۾ بڻ بنياد هڪ فعل آهي جنهن جي معنيٰ آهي ڪرڻ اهو هڪ اهم اشارو آهي، هاڻي توهان ڄاڻو ٿا ته توهان ڪائناتي نقشي ۾ هڪ حصو آهيو جڏهن ته ڪائنات توهان کي ٽيڪ ڏئي ٿي ۽ جهليو بيٺي آهي ستون قانون گذريل ڇهن قانونن جو نچوڙ پيدا ڪري ٿو جڏهن توهان ڌرما جي مهارت حاصل ڪريو، هاڻي سڄي ڪائنات توهان جي پاسي ٿي ويندي، قدرت جو هر قانون توهان جي مدد ڪندو، هر قوت ساڳئي وقت توهان جي مدد ڪندي پاڻ سڃاڻڻ ڪو اهڙو ڪم ناهي جيڪو اوهان ڪريو ۽ پوءِ انهن کي ڇڏي ڏيو هر شخص ڪائنات جو نه ختم ٿيندڙ منصوبو آهي، اسان رات جون ٻيڙيون آهيون ۽ اهو وهڪرو جيڪو اسان کي تاري ٿو ۽ صبح تائين کڻي وڃي ٿو اهو ڌرما آهي.
مان هن ڪائنات جي هڪ حرڪت آهيان وقت جي هن خاص گهڙي ۾ شعور جي مجموعي لهر جو هڪ حصو آهيان جڏهن مان هليو ويندس ته مان جو ڪجهه ڪرڻ آيو هيم اهو مان ڪري چڪو هوندس ۽ اهو ئي ڪافي آهي.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *