تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

روبرٽ دي نيرو….ھڪ مشهور فلمي ھيرو…روشن داس

آمريڪا جو ھڪ مشهور فلمي ھيرو روبرٽ دي نيرو 17 آگسٽ 1943ع تي نيويارڪ آمريڪا ۾ پيدا ٿيو ـ ھن جو والد روبرٽ ھيز ۽ والدھ ورجينيا مصور ھئئاـ جڏهن روبرٽ دي نيرو ٻن سالن جو ھو ته سندس والدين ۾ طلاق ٿي وئي ـ ھن جي پرورش سندس ماءُ ڪئي. 16 سالن جي عمر ۾ ھن ھاءِ اسڪول ڇڏي نيويارڪ ۾ اداڪاري جي اسڪول ايچ بي اسٽوڊيو جو رخ ڪيوـ ان کان پوءِ اسٽيلا ايڊلر ڪنز رويٽري ۽ ايڪٽرز اسٽوڊيوز ۾ به اداڪاري سکي ـ 20 سالن جي عمر ۾ ھن پنهنجي پھرين فلم “دي ويڊنگ پارٽي”1963 ۾ اداڪاري ڪئي ـ ان کان پوءِ روبرٽ دي نيرو کي مشهور زمانه فلم “دي گاڊ فادر” ٽو 1974ع ۾ ويٽيڪر ليون جو ڪردار نڀايو ـ ھن فلم ۾ ڪيل ڪردار کيس شھرت جي بلندين تي پھچائي ڇڏيو ۽ کيس بھترين اداڪاري ڪرڻ تي آسڪر ايوارڊ ڏنو ويو.
روبرٽ دي نيرو بعد ۾ “ٽيڪسي ڊرائيور” 1976ع “نيويارڪ نيويارڪ “1977ع “ريجنگ بل ” 1982 ع “دي ڪنگ آف ڪاميڊي” ۽ ” گڊ فيلاز” 1990ع ۾ ڪم ڪيو ـ “ٽيڪسي ڊرائيور” ۽” ڪيپ فيئر” ۾ بھترين اداڪاري ڪرڻ تي کيس آسڪر ۾ نامزدگي ملي ۽ ھن کي پنهنجي فلم ” ريجنگ بل ” ۾ آمريڪي باڪسر جيڪ لاموٽا جي ڪردار ڪرڻ تي کيس آسڪر ايوارڊ ۽ گولڊن گلوب ايوارڊ مليو. روبرٽ دي نيرو ٻن فلمن ” بروڪينس ” 1993ع ۽ ” دي گڊ شيفرڊ ” 2006ع جي هدايتڪاري به ڏني ـ 2006 ع ۾ ھن کي اٽلي طرفان پنهنجي ملڪ جي شھرت به ڏني وئي.
روبرٽ دي نيرو 100 کان وڌيڪ فلمن ۾ ڪم ڪري چڪو آهي ـ ھن کي 6 ڀيرا يافته ايوارڊ ـ 7 ڀيرا آسڪر ايوارڊ ـ 9 ڀيرا گولڊن گلوب ايوارڊز ۾ نامزدگيون ملي چڪيون آهن ـ 2011ع ۾ کيس گولڊن گلوب طرفان لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ سسيل بي ڊي ميل سان نوازيو ويو ـ 2016ع ۾ آمريڪي حڪومت طرفان آزادي جو صدارتي ميڊل پريزيڊنٽل ميڊل آف فريڊم ڏنو ويو ـ روبرٽ دي نيرو کي 6 ٻارن جو اولاد آهي ـ سندس مشهور فلمن ۾ “جيڪي براون ” 1997ع ـ ” مين آف ھانر ” 2000ع ـ ” اسٽار ڊسٽ ” 2007ع ـ ” اسٽون 2010ع ” ريڊ لائيٽس ” 2012ع ـ “دي بگ مين ” 2014ع ـ ” ھينڊ آف اسٽون ” 2016ع ـ “جوڪر” 2019 شامل آهن.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *