تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

روايت … ڊاڪٽر هوت ڪيشواڻي

برسات به بيهڻ جو نالو نٿي وٺي هن ڀڻ ڀڻ ڪندي چيو , هؤ ڇنل کٽ جي اوٽ وٺي پسڻ کان بچڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهي هئي۔ سندس مٿان پيل رلي به هنڌان هنڌان ڦاٽل هئي ۔هن رڙ ڪري سندس پوٽي کي سڏ ڪيو۔ اڙي ڇوري او ڇوري هيڏانهن اچ ۔ ڏسين نٿي آئون سيءُ ۾ ڏڪان پيئي منهنجي ڪا ڪنڌي ڪر ڇوري: ڏاڏي ترس اسين ٽپڙ ته سڌا ڪريون ۔ اهو اٽو جيڪو پن جو مليو آھي پسي ويندو پوءِ ماني ڪٿان کائيندين هاڻي اتي ئي پئي هج ٿوري دير ۾ مينهن وسڻ بند ٿئي ته ڪو ساهه پٽيون، ۔هو ڇوري کي ڏسندي رهي۔ هن کي ٻوڏ کان اڳ واريون برساتون ياد اچي ويون ۔اها ساڳي شاخ جي پٽڙي ساڳيو وسڪارو هو سندن گهر ٻڏي ويو هو ۔گهر ڪهڙو هو هڪ ٽئو چار ڪاٺيون ۽ پٽ تي مٽي جو راڳو، چوڌاري زميندار جون ساريون، جيڪي هاڻي سنگ جهلي رهيون هيون، پر سانوڻ جون موجون هن جي من ۾ باھه ٻاري رهيون هيون، اها باھه انهن سارين جي ٻڏڻ ۽ڇڙڻ جي هئي. هن سوچيو ته اسان جي ڪئي ڪمائي ڪٿ برباد نه ٿي وڃي ،هي پاڻي ڪيڏانهن ويندو؟ سم جو نيڪال بند آھي، جيڪا اڳي ئي تارتار لڳي پئي آھي، هي جي وري ٽٽي ته ,,,,,,, بس ايئن ئي ٿيو ۽ سر بچائي اچي شاخ جي پٽڙي تي ويٺا هئا،هن جو ڌيان ڇوري جي رڙ ٽوڙي ڇڏيو، ڇوري: ڏاڏي او ڏاڏي، هاها ڇاٿيو، برسات جهڪي ٿي آھي ٻاهر اچ رلي لاهي، ڏاڏي، نه نه ڀلي مينهن بند ٿئي پوءِ ٿي سڪايان, اس ته نڪري،
هي وري سوچن ۾ گم ٿي ويئي، هن کي الاءِ ڇو اڳ واري برسات جون يادون وري وري ڊپ جا اولڙا کڻي ڀيانڪ روپ وانگي سندس سامهون آيون، ڇوري، ڏاڏي او ڏاڏي، هاهاها، ( ڏاڏي ٽهڪ ڏيندي ) ڏاڏي تون اڄ ڏينهن ڏٺي جو خواب پئي ڏسين ڇا؟ من ۾ ڪهڙو ڊپ ورائي ويو اٿئي، خواب ۾ ڪو جن ڏٺو اٿئي ڇا؟ ڏاڏي: نه ڙي ڇوري، تون پاڻ کي ڍڪ، گندي سولي ڪر، چولو ڦاٽو پيو اٿئي ان کي ڍڪ، هو ڪپڙا درست ڪرڻ لڳي، سندس جواني به هاڻي ڪر کڻڻ لڳي هئي، سندس رنگ ڪڻڪائو، قد پورو پنو، سنها چپ، وڏيون اکيون، کلڻ تي سندس ڳل ڳاڙھا ٿيو ٿي ويا، ڏاڏي کي ڊپ ورائي ويندو هو, هو روز روز پٽ سان وڙھندي هئي ته چاچهين وارن کي چئو ته پنهنجي امانت وٺي وڃن،نڪاح ته ٿيو پيو آھي، هن جي ڪنڌي ڪر ته آئون سک سان مري سگهان، ڇوري: ڏاڏي برسات بند ٿي ويئي آھي آئون سامهون واري وڻن وٽان ٿوريون ڪاٺيون کڻي ٿي اچان ته ماني پچايون، نه ته بک مري وينداسين، اهو چئي هو ڪاٺيون کڻڻ نڪري ويئي،
بچايو، امان آئون وڃان ٿو ڇنڊ وٽ ڪسي ڪڍان ته پاڻي سارين مان نڪري وڃي، نه ته زميندار مان ڦاسي وينداسين،تون ٿورو ڌيان ڏيئي ويهه، ڏاڏي: ابا هي کٽ اڀي ڪري رلي وجهي ڇڏ ته ان جي اوٽ ۾ ويهي ٿي سنڀال ڪريان پر ٿورو پٽڙي کان پاسيرو ڪج متان ننڍو زميندار گاڏي کڻي چڪر تي اچي، بچائي کٽ اڀي ڪئي رلي رکي ڪوڏر کڻي هليو ويو، هو کٽ جي اوٽ ۾ ويهي رهي ۽ پنهنجي حال تي سوچڻ لڳي ته هن جي ڪنن تي گاڏي جو آواز پيو هن کي ڊپ ورائي ويو ۽ سوچون وري ڪر کڻڻ لڳيون، زميندار مشين کٽ جي پاسي ۾ رکرائي ڇڏي، هن جي مڙس کي پاڻي سم ۾ ڪڍڻ لاءِ موڪلي ڇڏيو، کيتان، ( ڏاڏي جي ننهن ) سامهون ويٺي ماني پچائي، زميندار، ڇوڪري ٻه مانيون منهنجيون به پچائي، آئون به تنهنجي هٿن جي ماني کائيندس، کيتان اٽو ڳوئيندي مٿي واري گندي ٺاهي ڇاتي کي ڍڪيو ۽ڪنڌ ھيٺ ڪري هاڪار ڪئي، ڏاڏي زميندار جي نظرن کي سمجهي ويئي ۽ جلد ڪم ڇڏي چلھه جي ٻئي پاسي اچي ڪاٺيون ٺاهڻ جي بهاني ويهي رهي ته جيئن زميندار جيڪو سامهون کٽ تي ويٺو هو کيتان کي نه ڏسي سگهي،
ڏاڏي: زميندار کي، سائين اسان وٽ ته دال به ڪونهي جو توکي کارايون اسين مرچن سان کائينداسين باقي مانيون حاضر آھن،، زميندار، اڙي چري هن جي هٿن جون ته رکيون ئي مزي واريون هونديون، هاهاها……… ڏاڏي پريشان ٿي ويئي ۽ سندس پٽ جي اچڻ جو بيچيني سان انتظار ڪرڻ لڳي، زميندار واهي کي سڏ ڪندي وڃ گاڏي مان پاڻي کڻي اچ ۽ پريان کير به وٺيو اچ، هو مشين کي هلندو ڇڏي گاڏي ڏانهن ڀڳو جيڪا زمين جي ٻئي پاسي بيٺل هئي، زميندار، ڇوڪري هٿ ڌوئي هيڏانهن اچ ۽ سندس پاسي ۾ پيل پسٽل ھٿ ۾ کنيو، زميندار ڏاڏي کي، مائي تون هوڏانهن پريان ٿي ويهه….کيتان ڊپ ۾ ڏڪي ڏڪي ويجهو آئي زميندار کيتان کي ٻانهن مان جهليو ۽ کيس پسٽل ڏيکاريندي ٻنهي کي چپ ڪرائي ڇڏيو، اونداھ ٿي ويئي هئي ۽ ٻئي گڏ روئي رهيون هيون، بچايو: امان زميندار ڪيڏي مهل ويومشين ڇو بند ٿي وئي تيل کٽي ويو ڇا؟ واهي ڪيڏانهن ويو، ڏاڏي کيتان جي منهن ۾ نهاريو، ٻنهي جي اکين مان پاڻي وهي رهيو هو، برسات به زور سان وسڻ لڳي پر اکين جي برسات ۽ ڪڪرن جي برسات ۾ وڏو فرق هو، 10 مهينا پورا ٿيا، ڇوري ڄائي، کيتان ڇوري کي ڄڻيندي ئي دم ڏنو پر ڏاڏي کي سورن ۾ وجهي وئي، ڇوري جي سونهن ڏسي ڏاڏي پريشان ٿي ويئي سندس رنگ، اکيون ۽ چوڙھي پيشاني ته هو ننڍي زميندار جي ڄمڻ جي خوشي تي پينگهي ۾ لڏندي ڏسي آئي هئي، ڇا ڪري ڪٿي لڪائي، هارن جي آواز تي ڏاڏي اکيون پٽيون، ننڍو زميندار، مائي ستي پئي آھين ڇا؟ ڪيڏانهن ويا سڀ؟ بچايو ڪٿي آھي؟ ڏاڏي: ابا سائين تون آھين ڇا؟ بچايو ڪسي کڻڻ ويو آھي برسات هاڻي بند ٿي آھي ٻيو ته ڪير آيو ئي ڪونهي؟ ننڍو زميندار: واهي ڪونه آيو ڇا؟ اهو چوندي چپ ٿي ويو. ڏاڏي ڏٺو ته هو وائڙن وانگر ڇوري کي ڏسي رهيو هو جيڪا ڪاٺيون سندس گندي ۾ ٻڌي کڻي پئي آئي سندس چولو سندس ڇاتي کي پورو نه پئي ڍڪي سگهيو ۽ برسات ۾ پسيل هئڻ ڪري اڃا سڪو ئي نه هو سندس ڪڻڪائو رنگ سندس ڪپڙن مان ٻاهر نڪري باهه جا شعلا ڪڍي رهيو هو.
ننڍو زميندار، گاڏي مان لهي اچي کٽ تي ويٺو ۽ ور ۾ لڳل پسٽل ٻاهر ڪڍيو، ڇوري ڪاٺيون هيٺ رکيون ته هن سٽ ڏيئي کيس جهلي کٽ تي ڪيرايو ۽ پسٽل ڇوري جي مٿي تي رکيو، اونداھ ٿي ويئي هئي ۽ برسات پنهنجي روايت موجب وسڻ لڳي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *