تازا ترين
  • *احمد پور ويجهو 14 ورهين جي نينگري نگھت ڌيءُ امان الله وسطڙو مبينا طور اغوا: ٽن ڄڻن صبر علي، شڪر علي ۽ منٺار وسطڙو خلاف اين سي داخل*
  • *سڪرنڊ ۾ پاڙيسري جو وڪيل رياض احمد عرف راجا تي قاتلاڻو حملو، نازڪ حالت ۾ نوابشاهه ريفر*
  • *سيوهڻ زيادتي ڪيس: عدالتي اجازت بعد جاچ ٽيم ڊي ايس پي کاڻوٺ علي شير خاصخيلي جي سربراهي ۾ معطل سول جج امتياز ڀٽو جي چئمبر جو معائنو ڪيو*
  • *ميرپورماٿيلو ۾ پرڻيل ناري جو گهر مان گولي لڳل لاش هٿ، شڪ جي بنياد تي مڙس گرفتار، وارثن واقعي کي آپگهات قرار ڏئي ڇڏيو * ميرپورماٿيلو: عورت شمائلا کي مٿي ۾ ڳولي لڳل آهي، جاچ ڪيون پيا: پوليس * ميرپورماٿيلو: ڀاڄائي گهرو اڻبڻت تان آپگهات ڪيو آهي: ڏير اسلام بوزدار *
  • *راڻيپور: ٻن ڀائرن شڪيل بروھي ۽ ظريف بروھي وچ ۾ جهيڙي دوران فائرنگ: 17 سالن جو نوجوان شڪيل بروھي مارجي ويو، ظريف بروھي مرڻينگ*
  • *ڪراچي: ڊي آءِ جي سکر اقبال دارا خلاف اي جي سنڌ کي رپورٽ پيش ڪندڙ انسپيڪٽر کي شوڪاز نوٽيس جاري، 7 ڏينهن ۾ وضاحت طلب * ڪراچي: اوهان جونيئر آهيو، ڪنهن سينيئر خلاف ڪيئن ٿا انڪوائري رپورٽ جمع ڪرائي سگهو؟ نوٽيس *
  • *حيدرآباد/ڄامشورو: 15 ڏينهن کان گم ڄاڻايل مهراڻ يونيورسٽي جي شاگرد جو حيدرآباد ويجهو لاش هٿ، وارثن کي دوستن تي شڪ * حيدرآباد/ڄامشورو: شاگرد فتح راجپوت جو لاش اڪرم واهه مان هٿ آيو، پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي * حيدرآباد/ڄامشورو: پٽ دوست جي دعوت تي ڪوٽڙي ويو هو، شڪ آهي ته دوستن کيس قتل ڪيو: شير سومار *
  • *ڪراچي: آءِ جي سنڌ ڪليم امام اسلام آباد طلب: سڀاڻي وزيراعظم عمران خان کي بريفنگ ڏيندو*
  • *اسلام آباد: سنڌ ۾ اتحادين کي اعتراض: آءِ جي لاءِ سنڌ سرڪار کان نوان نالا طلب * اسلام آباد: آءِ جي تبديليءَ وارومامرو وفاقي ڪابينا جي ايجنڊا مان خارج: وڏي وزير سان ڳالهين جو ٽاسڪ گورنر حوالي *
  • *لاڙڪاڻي ۾ چوري ٿيل 3 ڪلو سون مان 31 تولا متاثر دڪاندار کي واپس: ايس ايس پي لاڙڪاڻو مسعود بنگش اهو نه ٻڌايو ته سون ڪٿان هٿ ڪيو * لاڙڪاڻو: 31 تولا سون سوڌو چوري ٿيل ٻيو سامان ملي ويو آهي: دڪاندار عبدالله شيخ *
  • *مون خلاف سازش ٿي آهي، سولائيءَ سان وڃڻ واروناهيان: آءِ جي سنڌ*
  • *هالا ڀرسان 7 ڄڻڻ جي قتل جو ڪيس داخل: جوابدار ڌُر گهر خالي ڪري فرار*
  • *پشاور ڀرسان مسجد جو امام مبينا طور 14 ورهين جي ڇوڪري کي اغوا ڪري ويو*
  • *ريل سڙڻ جي واقعي بعد 19 ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي(شيخ رشيد) وڏن خلاف ڪارروائي ڪڏهن ٿيندي:چيف جسٽس*
  • *سرڪلر ريلوي ٽريڪ جي بحالي لاءِ وڌيڪ وقت نه ڏنو ويندو:سپريم ڪورٽ*

“رند پروڙن رازُ قضيي ڪربلا جو”….سـجادالحق ڪانڌڙو

ظالم ۽ مظلوم،باطل ۽ حق،انڌيري ۽ روشني جي وچ ۾ ازل کان جاري رھندڙ جنگ جي تاريخ ۾ آيل ڪي واقعا رڳو واقعا نہ ھوندا آھن. پر صدين جي صدا ھوندا آھن. جن جو پڙاڏو ھميشہ لاء انساني تاريخ ۾ امر ٿي ويندو آھي.ڪربلا جو واقعو انھن تاريخي واقعن مان ھڪ آھي. بقول مرشد لطيف جي تہ:
سختي شھادت جي نسورو ئي ناز
رِند پروڙن رازُ،قضيي ڪربلا جو.
تقريبن چوڏھن صديون اڳ 10 محرم الحرام 61 ھجري تي ڪربلا جي رڻ ۾ حق ۽ باطل جي وچ فرق ظاھر ڪندڙ ھڪ تاريخي سانحو ٿيو .سانحہ ڪربلا انساني تاريخ جو الميو آھي .طاغوتي طاقتن،جابرن،ظالمن ۽ وقت جي يزيدن خلاف جھاد ڪرڻ ڪربلا جو پيغام آھي. ڪربلا جي بھادرن جي قافلي جو سرواڻ امام حسين عليہ السلام شيرخدا حضرت علي جا فرزند ۽ پيغمبر خدا حضرت محمد صلي اللہ عليہ وآلہ وسلم جا ڏوھٽا ھيا.امام حسين عليہ السلام جو ننڍپڻ نبي پاڪ صلي اللہ عليہ وآلہ وسلم،حضرت علي رضہ ،بيبي فاطمہ رضہ جي پاڪيزہ ھنج ۾ گذريو.پاڻ ڪريم صلي اللہ عليہ وآلہ وسلم جن امام عالي مقام سان بي انتھا محبت ڪندا ھئا ھڪ ڀيري پاڻ فرمايائون تہ حسين مون مان آھي ۽ آءُ حسين مان آھيان.خدا ان کي دوست رکي جيڪو حسين کي دوست رکي.
ڪربلا جي جنگ يزيديت ۽ حسينيت وچ ۾ ھڪ اھڙي جنگ ھئي جنھن ۾ ھڪ طرف يزيد ابن معاويہ پنھنجي وسيع لشڪر سان گڏ ھيو تہ ٻئي طرف وري امام حسين عليہ السلام سان فقط چاليھ پيادا ۽ ٻٽيھ سوار ھيا. جڏھن تہ تاريخ ٻڌائي تہ دنيا جون سڀ جنگون وڏن لشڪرن وچ ۾ وڏن ھٿيارن سان وڙھيون ويون آھن.پر ڪربلا جي ميدان تي امام حسين عہ جي اڳواڻي ۾ وقت جي ظالم ۽ آمر حڪمران ٽولي خلاف ڪيل ويڙھ دنيا جي واحد جنگ ئي آھي جيڪا تمام ٿورڙن ۽ مختصر ساٿين تي مشتمل ھئڻ باوجود بہ جنھن جرئت،شجائت،استقامت ۽ بھادري سان وڙھي وئي اھا پوري دنيا جي انقلابين ۽ نظرين جي لاء مشعل راھ آھي.يزيدي لشڪر انسانيت جون سموريون حدون اورانگھي ڇڏيون ھيون،اھلبيت تي ھر قسم جو ظلم ڪيو ويو ھيو،معصوم ٻارن جو پاڻي بہ بند ڪيو ويو ھيو،خيمن کي لٽڻ کان پوء باھيون ڏنيون ويون ھيون.ان ظلم بربريت جي موٽ ۾ امام عالي مقام پنھنجي جنھن بصيرت جو مظاھرو ڪيو ڪربلا جي ميدان تي ان جو مثال پوري انساني تاريخ ۾ نہ ٿو ملي.
امام عالي مقام جو جھاد پنھنجي ذات لاء نہ پر مظلومن،محڪومن،بي سھارن جي وسيع تر مفادن لاءِ ھيو.امام جو جھاد حق ۽ باطل جي وچ ۾ فرق ظاھر ڪرڻ ۽ حق خاطر مزاحمت ڪرڻ جو جذبو پيدا ڪرڻ لاء ھيو. يزيد طرفان ٿيندڙ ھر آفر کي امام حسين ٺڪرائي ھن جي بيعت ڪرڻ کان صاف انڪار ڪيو جيئن مرشد لطيف فرمائي ٿو تہ:
ڪَربَلا جي پڙ ۾ خيما کوڙيائون
جھيڙو يزيد سامھون جُنبي جوڙيائون،
مُنھن نہ موڙيائون پَسي تاءُ تَرار جو.
اڄ ڏھ محرم کي جتي ڏک،غم،مظلوميت جي علامت طور محسوس ڪيو پيو وڃي اتي اھو ساڳيو ڏينھن حسينيت جي فتح ۽ يزيديت جي ھار جو ڏينھن آھي. ان سان گڏ عالم انسانيت جي مظلوم ۽ محڪوم قومن لاء پيغام آھي تہ باطل جون قوتون ڪيتريون بہ سگھاريون ڇو نہ ھجن پر سچ سڀني کان سگھارو آھي.حق ۽ سچ جي راھ ۾ وڙھندڙ،مظلومن جا ساٿي چاھي ڪيتري بہ گھٽ تعداد ۾ ھجن پر تاريخ جو فيصلو اھو ئي آھي ته سوڀ انھن جو مقدر آھي.



This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *