تازا ترين
  • *ڪراچي: سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز اڄ به بند، سڀاڻي 8 وڳي کوليون وينديون *هفتي ۾ 4 ڏينهن گيس پريشر گهٽ ڄاڻائي سي اين جي اسٽيشنز بند ڪيون پيون وڃن *صرف سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز مالڪن کي پريشان ڪيو پيو وڃي: پرشوتم لال *
  • *خيرپور: عورت سان مبينا طور اجتماعي زيادتي ۽ تشدد، اين سي داخل، وارثن جو احتجاج *شادي شده عورت مومل شيخ کي ٽن ٻارڙن سميت اغوا ڪري ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو: وارث *5جوابدارن اغوا ڪري زيادتي ڪرڻ سان گڏ تشدد ڪيو: متاثر ناري *جوابدارن خلاف سوڀو ديرو ٿاڻي تي اين سي داخل، وارثن جو جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو*
  • *آواران ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، 4 دهشتگرد مارجي ويا: آءِ ايس پي آر *آپريشن دوران دهشتگردن جا ٺڪاڻا تباهه، وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪيا ويا: آءِ ايس پي آر*
  • *گهوٽڪي: عدالت پاران سبزي منڊي ۾ قائم وڪلين جون آفيسون خالي ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري *عدالت پاران اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ بعد وڪيلن پاران ڊسٽرڪٽ بار ۾ مٺائي ورهائي *عدالت وڪيلن جي حق ۾ اسٽي جاري ڪري وڪيلن سان انصاف ڪيو آهي: وڪيل اڳواڻ *
  • *گمبٽ:16 ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ٿي ويل ٻن عورتن ۽ 2 ٻارڙن کي پوليس بازياب ڪرائي ورتو *حنا ۽ نگينا خاتون سميت ٻن ٻارڙن کي باءِ پاس تان بازياب ڪرايو: پوليس *16 ڏينهن اڳ ٽن جوابدارن هٿيارن جي زور تي ٻن عورتن ۽ ٻن ٻارڙن کي اغوا ڪيو هو: پوليس *بازياب ڪرايل عورتون ۽ ٻار عدالت ۾ پيش، بيان بعد وارثن حوالي *
  • *ڏڪاريل ڏيهه ٿرپارڪر ۾ برساتن بعد هرطرف ساوڪ، ميوا توڙي ڀاڄيون ٿيڻ بعد مارڪيٽ پهچي ويون *گدرا، ڇانهيا، مهيا، چڀڙ ۽ ٻيون ڀاڄيون توڙي ميوا مختلف شهرن جي مارڪيٽن ۾ وڪرو *روڊن تي اسٽال لڳائي ڀاڄيون ۽ ميوا وڪرو، ماروئڙن ۾ خوشي واري لهر *
  • *پيرجوڳوٺ: ٻه ڏينهن اڳ مڙس ۽ ڏيرن هٿان تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻايل عورت سيشن ڪورٽ خيرپور ۾ پيش *تشدد جي مبينا الزام ۾ گرفتار مڙس زال کان معافي وٺڻ بعد عورت جو عدالت ۾ مڙس سان رهڻ جو بيان *عدالت پاران ناري منيران راهوجو کي مڙس عبدالحليم راهوجو جي حوالي ڪري ڇڏيو *
  • *ڏهرڪي:قتل ٿي ويل عنايت شاهه جو لاش قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *نئون ڪوٽ بس اسٽاپ وٽ ڌرڻي سبب ٻنهي طرفن کان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل *جوابدارن جو پتو لڳائي ورتو آھي، گرفتاي لاءِ پوليس رواني ٿي ويئي آھي: پوليس جي خاطري*
  • *ڀان سيدآباد ۾ بدامني خلاف شهرين پاران جي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي *شهر ۾ ڦورن ۽ چورن جو راڄ قائم آهي، پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائي نه پئي ڪري: احتجاج ڪندڙ *
  • *ڪڙيو گهنور ۾ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿي، سنڌياڻي تحريڪ طرفان حيدرآباد روڊ تي ڌرڻو *کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون، ٽينٽ ۽ کاڌي پيتي سميت صحت جي سهولت فراهم ڪئي وڃي: ٻوڏ متاثرن جو مطالبو *
  • *گهوٽڪي: عدالت پاران سبزي منڊي ۾ قائم وڪلين جون آفيسون خالي ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري *عدالت پاران اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ بعد وڪيلن پاران ڊسٽرڪٽ بار ۾ مٺائي ورهائي *عدالت وڪيلن جي حق ۾ اسٽي جاري ڪري وڪيلن سان انصاف ڪيو آهي: وڪيل اڳواڻ *
  • *ڏهرڪي ڀرسان ننڊ پيل ڳوٺاڻو قتل، پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي *ڳوٺ نئون ڪوٽ ۾ اڻڄاتل جوابدار 45سالن جي عنايت علي شاهه جو ڳلو ڪپي فرار ٿي ويا *زخمي حالت ۾ عنايت علي شاهه کي وارث رحيم يار خان اسپتال کڻي ويا جتي هن دم ڏنو *
  • *پي ٽي آءِ سينيٽر اورنگزيب اورڪزئي پاران بني گالا ۾ سرڪاري زمين تي قبضي جو انڪشاف *سي ڊي اي ۽ ايم سي آءِ قبضي واري رپورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي *عدالت پاران سرڪاري ايراضي تي قبضو ڪندڙ سينيٽر ۽ سي ڊي اي آفيسرن خلاف ڪارروائي جو حڪم*
  • *ڪنري ڀرسان گھر جي ڀت ڪرڻ سبب معصوم نينگر دٻجي فوت ٿي ويو *ڳوٺ رامچند ڪولھي ۾ ڀت ڪرڻ سبب11 ورھين جو نينگر لڇمڻ پٽ گلاب ڪولھي دٻجي ويو *نينگر کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو*
  • *لاڙڪاڻو: 10 کان مٿي مختلف ڳوٺن جي بجلي گذريل ڪيترن مھينن کان بند، ڳوٺاڻن جو ٽائر ساڙي احتجاج *ٻلھڙجي، بگي ٻنڊي، گاجي ديرو ۽ وڏي وھڻي سميت مختلف ڳوٺن جي رهواسين جو ايئرپورٽ روڊ بند ڪري احتجاج *بلن جي ادائگي باوجود رشوت طلب ڪئي وڃي ٿي، نه ڏيڻ جي صورت ۾ بجلي بند ڪئي وئي آهي : ڳوٺاڻا *

رمضان شريف جي برڪتن ڀري مهيني جي آمد … ڊاڪٽرمفتي نجم الدين الاشرفي

رمضان المبارڪ اسلامي ڪلينڊر جو نائون مهينو آهي. رمضان لفظ رمض مان ورتل آهي ۽ رمض جي معني آهي ساڙڻ، ڇاڪاڻ ته هي مهينو به مسلمانن جي گناهن کي ساڙي ڇڏي ٿو ان لاءِ هن مهيني کي رمضان چيو وڃي ٿو. پهرين رمضان المبارڪ تي جنت جا دروازا کوليا وڃن ٿا ۽ دوزخ جا دروازا بند ڪيا وڃن ٿا ۽ شيطانن کي زنجيرن ۾ بند ڪيو وڃي ٿو. هيءُ مهينو تمام مهينن کان افضل آهي. هي مهينو مسلمانن لاءِ خدا جي رضامندي، محبت، ضمان، الفت ۽ نور جو موجب بڻجي ٿو. پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن رمضان شريف جي مهيني سان ايتري ته محبت ڪندا هئا جو انجو اهتمام شعبان المعظم جي مهيني کان ئي شروع ڪري ڏيندا هئا. حضرت انس بن مالڪ رضي الله عنه کان روايت آهي ته پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن جڏهن رجب شريف جو مهينو شروع ٿيندو هئو ته هي دعا گهرندا هئا، يا الله! اسان جي لاءِ رجب ۽ شعبان بابرڪت بڻاءِ ۽ اسان کي رمضان نصيب فرماءِ. (مسند امام احمد بن حنبل). پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن جڏهن رمضان شريف جو چنڊ ڏسندا هئا ته دعا ڪندا هئا ۽ فرمائيندا هئا ته هي چنڊ خير و برڪت جو آهي، هي چنڊ خير و برڪت جو آهي، مان ان ذات تي ايمان رکان ٿو جنهن توکي پيدا فرمايو آهي. (مصنف ابن ابي شيبه).
جڏهن رمضان شريف جو مهينو ايندو هو ته پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن اصحابه ڪرام رضوان الله عليهم اجمعين کان پڇندا هئا، ما تستقبلون؟ ماذا تستقبلون؟ يعني توهان ڪنهن جو استقبال ڪري رهيا آهيو؟ ۽ توهان جو ڪير استقبال ڪري رهيو آهي؟ پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن ائين ٽي دفعا فرمايو، انهيءَ تي حضرت عمر فاروق رضي الله عنه عرض ڪيو يا رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم ڇا ڪا وحي نازل ٿيڻ واري آهي يا ڪنهن دشمن سان جنگ لڳڻ واري آهي؟ پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن ارشاد فرمايو ته اهڙي ڪا به ڳالهه نه آهي پوءِ پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو، توهان رمضان جو استقبال ڪري رهيا آهيو جنهن جي پهرين رات هن تمام قبلي وارن کي بخشيو ويندو آهي. (الترغيب و الترهيب). هن بابرڪت مهيني ۾ هر عاقل ۽ بالغ مسلمان تي رب ڪريم روزن کي فرض قرار ڏنو آهي تنهنڪري بغير عذر شرعي روزن کي نه ڇڏڻ گهرجي. جڏهن مسلمان روزا رکندو ته نه صرف پنهنجي فرض کان آجو ٿيندو بلڪه تمام گهڻي ثواب جو حقدار پڻ ٿيندو. روزو اسلام جي پنج رڪنن مان هڪ اهم رڪن آهي انجو ڄاڻي واڻي ڇڏيندڙ سخت گنهگار ۽ عذاب خدا جو مستحق ٿيندو.
روزن ۾ سحري ۽ افطاري جي کائڻ ۾ به اسان جي لاءِ کوڙ ساريون برڪتون رکيل آهن تنهنڪري اسان کي روزن ۾ سحري ۽ افطاري پڻ ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪنهن شخص کي شريعت جي طرفان روزي نه رکڻ جي ڪنهن عذر جي بنياد جي ڪري اجازت مليل آهي ته اهڙا ماڻهو به سحري ۽ افطاري جو برڪتن ڀريو کاڌو کائي سگهن ٿا بلڪه هر مسلمان اهو کاڌو کائي سگهي ٿو توڙي جو انهن تي روزو فرض نه به هجي.حضرت انس بن مالڪ رضي الله عنه کان روايت آهي ته پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن ارشاد فرمايو، سحري کائيندا ڪيو انهيءَ ۾ برڪت آهي. ( بخاري شريف). حضرت ابوقيس حضرت عمرو بن العاص کان روايت ڪيو ته پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن ارشاد فرمايو، اسان ۽ اهل ڪتاب جي روزن ۾ سحري کائڻ جو فرق آهي. ( مسلم شريف) پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن ارشاد فرمايو ته جڏهن اوهان مان ڪوئي روزو افطا ڪري ته ان کي گهرجي ته ڪتل سان افطار ڪري ڇو جو ان ۾ برڪت آهي، جيڪڏهن ڪتل ميسر نه هجي ته پاڻي سان افطار ڪري ڇو جو پاڻي پاڪ آهي. (جامع الترمذي).پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن ارشاد فرمايو ته اسان ۽ اهل ڪتاب جي روزن ۾ فرق سحري جو آهي،(بخاري شريف).
پاڻ اسان جا آقا صلي الله عليه وآله وسلم ۽ سندن جا اصحاب ڪرام رضوان الله تعالي عليهم اجمعين سحري جي وقت کاڌو کائيندا هئا تنهنڪري سحري جو کاڌو کائڻ سنت آهي. جڏهن روزو بند ڪرڻ گهرجي ته هي دعا پڙهي، و بصوم غد نويت من شهر رمضان. جڏهن سج لهي وڃي ۽ افطار ڪرڻ جو وقت اچي ته هي دعا گهري اللهم اني لڪ صمت و بڪ آمنت وعلي رزقڪ افطرت. جڏهن سج لهي وڃي ته پوءِ روزو کولڻ ۾ دير نه ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته جنهن مخصوص وقت لاءِ ٻانهي پنهنجي رب ڪريم جي رضا جي ڪري حلال شين جي کائڻ، پيئڻ کان پاڻ کي روڪي رکيو هو اهو وقت پورو ٿي چڪو آهي، هاڻي کائڻ ۽ پيئڻ ان رب ڪريم جل جلاله جي رضا لاءِ آهي. الله تعالي اسان کي رمضان المبارڪ جي مهيني جو ادب ۽ احترام نصيب فرمائي ۽ انهيءَ مهيني جون جيڪي برڪتون قرآن ڪريم ۽ احاديث شريف ۾ بيان ڪيون ويون آهن نصيب فرمائي،آمين

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *