تازا ترين
  • *سنڌ ۾ ڪورونا ڪيس وڌڻ بعد مائيڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *چيلهار ۾ مبينا لڄالٽ جو نشانو بڻيل ناريءَ آپگهات ڪري ڇڏيو*

راکڙي جو ڏهاڙو

سڄي دنيا ۾ هندو برادري راکڙي جو ڏهاڙو ملهايو جنهن کي هندي ۽ سنسڪرت ۾ رکشا بنڌن چيو ويندو آهي. سڄي سنڌ ۾ سوشل ميڊيا تي به ان باري ۾ تصويرون شيئر ڪيون ويون. پيپلز پارٽي جي سينيٽر ڪرشنا ڪولهي پنهنجون تصويرون شيئر ڪيون جنهن ۾ هوءِ پنهنجي ڀائرن کي راکي ٻڌندي نظر اچي رهي آهي. سنڌ جي ڪيترن ئي مسلمان شهرين به راکڙي جي ڏهاڙي تي هندو ڀائرن ۽ ڀينرن کي مبارڪون ڏنيون ۽ ڪن ته اها خواهش به ڏيکاري ته ڇا هندو ڀينرون مسلمان ڀائرن کي به راکي ٻڌي سگهن ٿيون ته اسان به راکي ٻڌرائڻ لاءِ تيار آهيون. ٽوئيٽر تي رکشابندن 2020ع ٽرينڊ به هلايو ويو جنهن ۾ راکڙي ڏهاڙي جي اهميت تي روشني وجهڻ سان گڏ ماڻهن پنهنجا راکي ٻڌرائڻ جا فوٽو پڻ رکيا.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *