تازا ترين
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

راٺوڙ قبيلو … روشن داس

راٺوڙ “ذات” راٺوڙ سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظ ’راشٽرڪوٽ‘ مان نڪتل چيو وڃي ٿو، جنهن جي معنيٰ آهي جانٺو، جوان، بهادر. راٺوڙ، ڏکڻ هندستان ۾ راجپوتن جي مشهور ونس آهي، جن مان ڪافي لڏي اچي پنجاب، ڪشمير ۽ سنڌ ۾ آباد ٿيا، جن مان ڪجهه مسلمان ٿيا ۽ ڪجهه هندو آهن. هنن جو شمار راجپوتن جي ڇٽيهين شاهي خاندان ۾ ٿئي ٿو. ’تحفته الڪرام‘ ۾ ڄاڻايل آهي ته سام بن نوح عه کي چار پٽ هئا، جن مان هڪڙي پٽ جو نالو ’ٻڌا‘ هو، جنهن کي 16 پٽ هئا، انهن سڀني کي گڏي راٺوڙ چوندا هئا. اهي سڀئي هينئر جدا جدا ذاتين سان سڏجن ٿا، جيڪي سماٽ نسل جون ذاتيون آهن. هن وقت سمن، شورن، سهتن، اوڏن ۽ مينگھواڙن جي ڪن پاڙن جو نالو راٺوڙ آهي. ڪتاب ’دائرة معارف اسلاميه‘ ۾ لکيل آهي ته راجپوت نسل مان چنڊيل، ٻنڌيل ۽ راٺوڙ ٽي ڀائر هئا. راٺوڙ، راجپوت سڏجن ٿا. ’جنت السنڌ‘ جو مصنف مولائي شيدائي لکي ٿو ته: ”راٺوڙ، راجپوتن جي سورج ونسي ڪُل مان آهن. هنن لسٻيلي، ٿر ۽ راجسٿان تي حڪومت ڪئي. هي سنڌ جي هنگلاج بت خاني جي ديويءَ جا پوڄاري هئا، ان ڪري پاڻ کي هنگلاج چنڊيلا ڪمبوج سڏائيندا هئا.“
راٺوڙن جي باري ۾ ’انسائيڪلوپيڊيا آف انڊين ٽرائيبس اينڊ ڪاسٽس‘ ۾ لکيل آهي ته راٺوڙ، راجپوت قبيلي جي مشهور ذات آهن، جيڪي جوڌپور سان تعلق رکن ٿا، هنن مختلف وقتن تي جوڌپور، بيڪانير، رتلام، ڪشن ڳڙهه ۽ ٻين ننڍين رياستن تي حڪومت ڪئي آهي. راٺوڙ ذات جي باري ۾ ’تاريخ ريگستان‘ جو مصنف رائچند هريجن (راٺوڙ) لکي ٿو ته: ”راٺوڙ پنهنجي پيدائش ديو ونس (ديوتائن) مان ڄاڻائين ٿا. هنن جون 24 شاخون آهن، ٿر ۾ ٿوري تعداد ۾ آهن. جڏهن راڻي سوڍي رتوڪوٽ هٿ ڪيو، تڏهن راٺوڙن کي به دل ۾ آيو ته اسين به ڇو نه ڪاهه ڪري حڪومت هٿ ڪريون، سنڌ ۾ انهيءَ وقت سومرن جي صاحبي هئي. ان کانپوءِ راٺوڙن رتي ڪوٽ وارو پاسو ڇڏي، باقي کپري تعلقي جو رهيل ڀاڱو پنهنجي قبضي ۾ ڪيو. پوءِ پنهنجي حد وڌائي امرڪوٽ جي اتر طرف ڇور اسٽيشن جي ڀرسان قيام ڪيائون، ان کانپوءِ گڍڙو ۽ ان جي آس پاس وارو ملڪ هٿ ڪري، جوڌپور رياست جي ڪجهه ڀاڱي تائين وڃي پهتا. انهيءَ سموري حد کي اڄ تائين ’کائڙ‘ سڏيندا آهن. کائڙ هٿ ڪرڻ ڪري هو ’کائڙيا راٺوڙ‘ سڏجڻ لڳا. ’کائڙ‘ جو نالو شاهه جي رسالي سر مارئيءَ ۾ ڪيترن هنڌن تي ڪم آيل آهي. کائڙ جا کٿا، لويون ۽ ڪمريون وغيره مشهور آهن، جيڪي اتي اڄ تائين ٺهن ٿيون.
’2010ع جي راجپوت ڪُل ديوي ڪئلينڊر‘ ۾ راٺوڙن بابت ڄاڻايل آهي ته، ”شري ڀڳوان آدي نارايڻ جي ’ڪمل‘ مان برهما ٿيو، ۽ ان جو ’مارچ‘ ٿيو، مارچ جو ’ڪُشيپ‘ ٿيو، جنهن جو آدي راجا منو ۽ شري آدي نارائڻ جي اٺين پيڙهيءَ مان ’اڪشو اڪو‘ ٿيو، 75 پيڙهي پوءِ ايوڌيا ۾ راجا رامچندر پيدا ٿيو ۽ 120 پيڙهي پوءِ مهاتما گوتم ٻُڌ پيدا ٿيو. ايوڌيا جي آخري راجا سُمت جي اولاد مان ڪڇاوا، گِهَلوت ۽ راٺوڙ ونش پيدا ٿيا. راٺوڙ ونش مان ڪنڪ سين، ڌرم ديوَ، رڻوير، ڪمڌوج (ڪمڌج)، راڌ ڌوڄ، اشوڌوڄ، مهيرس، کڙنگ دليپ، تونگپال، ڀرتپال ۽ شري پونج ٿيا. راٺوڙن جو مکيه ماڻهو شيهو جي هو، جيڪو 1226ع کان 1273ع تائين مارواڙ جو راٺوڙ راجا هو، جنهن جا ٽي پُٽ: آسٿان، سوننگ ۽ اجو ٿيا، جيڪي هندستان جي مکيه علائقن ۾ پکڙيا. راٺوڙن جون مکيه ذاتيون لڳ ڀڳ 87 آهن. ان کان سواءِ ڌانڌل راٺوڙن جون 24 شاخون، سينڌلن جون 3 شاخون، جيتمالوتن جون 15، مهيچن ۽ جيتاوتن هر هڪ جون چار شاخون، ڪومپاوتن جون 8 شاخون، جوڌن جون 45 شاخون، بيڪا راٺوڙن جون 27 شاخون، بيداوتن جون 22 شاخون ۽ ميڙتين جون 26 شاخون، چانداوتن جي هڪ شاخ، ڪانڌل راٺوڙن جون 17 شاخون ۽ چامپاوتن جون 15 شاخون ۽ ٻين سڀني جي هڪ هڪ شاخ آهي، جيڪي سڀئي 210 ٿين ٿيون ۽ راٺوڙن ۾ ڪل ذاتيون 87 ٿين ٿيون ۽ 13 ذاتيون پراڻيون آهن. انهيءَ سميت ڪل 310 ذاتيون ٿين ٿيون. هڪ دوهي ۾ چيو ويو آهي ته برج ديسان، چندڻ ونان، مير پهاڙان موڙ، اُدڌ سران، واسينگ ناگان، جيوُن راج ڪُلي راٺوڙ. (جهڙيءَ ريت برج جهڙو ديس، چندڻ جهڙو وڻ، ميرو جهڙو جبل، اُدڌ جو سِر، واسينگ جهڙو ڪو نانگ نه آهي، اهڙيءَ ريت راجائن ۾ راٺوڙن جو ڪو ثاني نه آهي.)
راٺوڙن جو رياستون (1) مارواڙ (جوڌپور) 1226ع کان 1949ع تائين، (2) بيڪانير: 1488ع کان 1949ع تائين، (3) ڪشن ڳڙهه: 1611ع کان 1949ع تائين، (4) ايڏر گڍ: 1728ع کان 1949ع تائين، (5) رتلام: 1651ع کان 1949ع تائين، (6) سيتا ميئو: 1701ع کان 1949ع تائين، (7) سيلاڻا: 1730ع کان 1949ع تائين، (8) علي راڄپور: 1701ع کان 1949ع تائين، (9) مانڊا رياست. تعلقي ڇاڇري ۾ ڪپلور، 12 ڳوٺن تي مشتمل راڄ هو، جيڪو عمرڪوٽ جي سوميشور سوڍي طرفان پنهنجي ڀاڻيجي چونڊراج ڏوهٽ کي راڄ طور ڏنو هو. ’کائڙ‘ تي جن راٺوڙن راڄ ڪيو، تن مان هڪ هاڪارو راجا رڻمل هو، جيڪو جوڌپور جي گاديءَ تي 1814ع ۾ ويٺو، هي بهادر راجا هو. اڄ تائين ٿر ۾ ڪهاوت آهي ڪاڪو جِڪي ڪونپجي، ڀائي جِڪي رو ڀارمل، گھوڙو جِڪي رو نؤ لکو، او راوت رڻمل. شاهه لطيف به کائڙ جي سفر دوران راجا رڻمل جي بهادريءَ بابت بيت چيا آهن (ڏسو: راوت رڻمل).
ڪتاب ’سنڌ جون ذاتيون، قومون، قبيلا‘ (اياز ڀاڳت) صفحي 320 تي سنڌ ۾ رهندڙ راٺوڙن جا پاڙا هي ڄاڻايا ويا آهن: ڌانڌل، آمرا، شورا، واهلا، نون، ويسر، ڏهرا، ڀوري پوٽا، جهوڪ پوٽا، کوکر، سهتا، ڳاها، بڏا، جنجهه، مڪواڻا وغيره. ميران ٻائي (ميڙتيا)، پاٻو جي ڌانڌل، درگداس، جوڌا جي (جوڌپور شهر جو بنياد وجهندڙ)، مهاراجا اميد سنگهه (جنهن جوڌپور کان حيدرآباد، سنڌ تائين ريلوي لائين وڇائي ۽ ’راجا ريل‘ نالي ريل شروع ڪئي، جنهن تي اڄڪلهه ٿر ايڪسپريس هلي ٿي)، مهاراجا گنگا سنگهه راٺوڙ (جنهن ٿر (راجسٿان) مان گنگا نهر ٺهرائي) ۽ جوڌپور رياست جو موجوده مهاراجا گج سنگهه (ٻيو) به راٺوڙ ونس سان تعلق رکن ٿا. ٿر ۾ راٺوڙن جا مشهور ڳوٺ ڪڪراڙيو ڌانڌل، ويري ڌانڌل، گوڏانگڙي، ڏانو ڌانڌل، مامچيرو، مالهڻور کاوڙيه، علو ڪوٽڙيو، اُوڏاڻي، ويجهيار، مٺڙيو ڏوهٽ، رڙياڙو، رڙلي، ستيڏيرا، ڍاڪلو، راڻا ترائي، ساڪر ويرو آهن.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *