تازا ترين
  • *جيڪب آباد: مهڪ ڪماري جي ننڍي ۾ عمر ۾ شادي ڪرائڻ جو ڪيس داخل*
  • *قبضا مافيا کي ڪير ڪجهه نٿو چوي، پر عوامي مفادن لاءِ ڪم ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ٿيندا آهن: سنڌ هاءِ ڪورٽ*
  • *پ پ اڳواڻ سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو خلاف انڪوائري مڪمل: جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ واڌ*
  • رستم ڀرسان ڪارنهن تهمت هيٺ عورت قتل، لاش گم،2 گرفتار*ڳوٺ سردار خادم جتوئي ڀرسان 15 ڏينهن اڳ ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ سبحان خاتون کي قتل ڪري لاش گم ڪري ڇڏيو*
  • ڪورونا وائرس:چين ۾فوتين جو انگ 2 هزار کان وڌي ويو*هن وقت تائين 2004 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، متاثرن جو انگ 74 هزار کان وڌيڪ آهي: چين*

راوت فقير لغاري جو قبرستان….عزيز ڪنگراڻي

راوت فقير لغاري ڪلهوڙن جي دور جو بزرگ ٿي گذريو آهي. سندس تعلق ميانوال تحريڪ سان هو. ميان نصير محمد ڪلهوڙي پاڻ کي فقير سڏايو هو، جنهن ڪري جيڪي به هن جي قريب ماڻهو هئا تن کي به فقير جو لقب ڏنائين يا وري اهي فقير سڏجڻ لڳا. جيئن ڪلهوڙن جو لقب شاهه به هو ۽ سندن ويجھن ۽ اهم ڪارڪنن يا اڳواڻن کي به شاهه جو لقب مليو. راوت فقير لغاري غالبن 1700ع کان اڳ ميان دين محمد ڪلهوڙي جي ڏينهن ۾ وفات ڪري ويو. جنهن قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو سو هاڻ سندس نالي پٺيان سڏجي ٿو.
راوت فقير لغاري جي شجري يا خانداني پسمنظر جو درست نموني ڪوبه تاريخي احوال موجود نه آهي. مقامي روايتن موجب ڳوٺ حاجي خان لغاري جي مشهور شخصيت مرحوم الهورايو لغاري راوت فقير لغاري جي نک مان هو. ڪجهه مقامي روايتن مطابق خيرپورناٿن شاهه جي مشهور سياسي شخصيت حاجي ظفر علي لغاري جي به راوت فقير لغاري سان خانداني نسبت آهي. بهر حال، راوت فقير پنهنجي حياتي ۾ بزرگ طور ڄاتو سڃاتو ويندو هو ۽ هن وقت به مقامي طور هن لاءِ هڪ بزرگ طور عقيدت موجود آهي. راوت فقير لغاري جو ميانوال تحريڪ ۾ ڪهڙو ڪردار رهيو؟ يا تحريڪ طرفان کيس ڪهڙيون ذميواريون سونپيل هيون ان بابت تاريخ توڙي مقامي روايت اڻلڀ آهي. ڪوبه احوال نه ملي سگهيو آهي.
راوت فقير لغاري جو قبرستان ضلعي دادو جي تعلقي جوهي جي ڪاڇي واري علائقي ۾ ڳوٺ حاجي خان لغاري کان اٽڪل هڪ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي اتر اولهه ۾ ڊرگهه بالا روڊ سان واقع آهي. هن قبرستان ۾ ڪافي مقبرا موجود آهن جيڪي نهايت زبون حالي جو شڪار آهن. سمورن مقبرن ۽ قبرن تي چٽسالي ٿيل آهي. راوت فقير لغاري جي مقبري جي چٽسالي ته سيڙهي ۽ رنگ روغن لڳائڻ ڪري ميسارجي وئي آهي. سمورن مقبرن تي شاندار چٽسالي ٿيل آهي جيڪا سنڌ ۾ پينٽنگ يا چٽسالي جو شاندار مثال آهي. هنن مقبرن تي ٿيل چٽسالي اسلامي، مغل ۽ سنڌي آرٽ آف پينٽنگ جو بهترين مثال آهي. مقبرن جي ديوارن تي فريسڪو چٽسالي ۾ وڻن، ٻوٽن، گلن جي ڊزائنن کان سواءِ جاميٽريڪل ڊزائنون به ٺهيل آهن. ديوارن تي فريسڪو چٽسالي ۾ ڪاڇي جي ٻين قبرستانن ۾ موجود مقبرن جي ديوارن تي چٽيل مسجد جي عڪسن جيان هن قبرستان ۾ مقبرن جي ديوارن تي به مسجدن جون تصويرون نهايت خوبصورت ڪاريگري سان چٽيل آهن، سنڌ جي تاريخ جي هن اثاثي کي محفوظ ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *