تازا ترين
  • *نيب طرفان گرفتار ڪيل انجنيئر سول اسپتال سکر ۾ فوت*ڪرپشن جي جاچ لاءِ نيب مٽياري واسي انجنيئر اعجاز ميمڻ کي ٽي مهينا اڳ گرفتار ڪيو هو*
ڪورونا سبب اولمپڪس رانديون ايندڙ سال ٿينديون
راندين کي پوري هڪ سال لاءِ ملتوي ڪيو ويو، 23 جولاءِ کاءِ 8 آگسٽ 2021ع تائين رانديون ڪرايون وينديون شهر تبديل نه ٿيو

لنڊن(اسپورٽس نيوز) دنيا ۾ پکڙيل ڪورونا وائرس جي ڪري جاپان ۾ هلندڙ سال ٿيندڙ اولمپڪس رانديون ملتوي ڪندي ايندڙ سال جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. انٽرنيشنل اولمپڪس ڪميٽي جي پڌرائي موجب ان باري ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ نيئن تاريخن جو اعلان ڪيو ويو ۽ معاهدي تي صحيحيون پڻ ڪيون ويون. اولمپڪس رانديون 23 جولاءِ 2021ع کان 8 آگسٽ 2021ع تائين هلنديون. وڊيو اجلاس ۾ انٽرنيشنل اولمپڪس ڪميٽي، ٽوڪيو جا آرگنائيزر، جاپاني حڪومت ۽ انٽرنيشنل پيرالمپڪ ڪميٽي ميمبرن شرڪت ڪئي. جڏهن ته پيرالمپڪ رانديون 24 آگسٽ کان 5 سينپٽمبر 2021ع تائين ٿينديون. ان باري ۾ جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته هن وقت انسانذات بند غار ۾ آهي ۽ هي رانديون ان غار جي ٻئي پاسي روشني جو ڪرڻو ثابت ٿينديون. اميد ته اسان نيئن تاريخن جي ڪري راندين جا بهترين انتظام ڪري سگهنداسين. آءِ او سي جو چوڻ آهي ته رانديگرن ۽ راندين سان واڳيل هر شخص جي حياتي ۽ صحت جي حفاظت ۽ ڪورونا وائرس جي خاتمي ۾ مدد لاءِ نئين تاريخن جو اعلان ڪيو ويو آهي. هڪ راءِ آهي ته 2021ع ۾ راندين جا تمام گهڻا مقابلا ٿي رهيا آهن جنهن ڪري اهي رانديون متاثر ٿينديون. جيتوڻيڪ رانديون ته 2021ع ۾ ٿينديون پر انهن جو نالو ساڳيو ٽوڪيو 2020ع ئي رهندو. اولمپڪس جي تاريخ ۾ امن دور ۾ رانديون ملتوي ٿيڻ جو هي پهريون واقعو آهي. ان کان اڳ 1916ع، 1940ع ۽ 1944ع رانديون پهرين ۽ ٻي عالمي جنگين جي ڪري ملتوي ڪيون ويون هيون. انهن تاريخن سان آمريڪا ۾ ٿيندڙ اييٿليٽڪس چيمپئن شپ متاثر ٿيندي جيڪا 6 آگسٽ کان 15 آگسٽ 2021ع تائين ٿيندي، ايٿليٽڪس ڪميٽي وارن جو چوڻ آهي ته اسان به نئين تاريخن جي ڳولا ڪري رهيا آهيون.

آسٽريلياجي بنگلاديش۽انگلينڊسيريزمونجهارن جوشڪار
آسٽريلين ڪرڪيٽ ٽيم جا جون ۽ جولاءِ ۾ بنگلاديش ۽ انگلينڊ جا رٿيل دورا ملتوي ٿيڻ جو امڪان

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) ڪورونا وائرس سبب آسٽريلين ڪرڪيٽ ٽيم جا بنگلاديش ۽ انگلينڊ جا خدشن جو شڪار ٿي ويا. ميڊيا رپورٽن موجب آسٽريليا ڪرڪيٽ ٽيم جا ايندڙ ٽورز رد ٿيڻ جو امڪان آهي، ٽيم جون ۾ بنگلاديش ۾ 2 ٽيسٽ ميچز جي سيريز کيڏڻي هئي. ذريعن موجب آسٽريليا بنگلاديش ٽيسٽ سيريز جي شروعات 11 جون کان شيڊيول آهي ان کانپوءِ آسٽريليا جولاءِ ۾ انگلينڊ ۾ مختصر وقت لاءِ ڪرڪيٽ کيڏڻي آهي. واضح رهي ته بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم جي آئرلينڊ خلاف سيريز اڳ ئي ختم ٿي چڪي آهي. آسٽريلوي ڪرڪيٽرز جو سينٽرل ڪانٽريڪٽ دير جو شڪار ڪراچي: عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب سڄي دنيا ۾ رٿيل راندين جا ايونٽ ملتوي ٿي رهيا آهن جڏهن ته آسٽريلوي ڪرڪيٽرز جي سينٽرل ڪانٽريڪٽ جو اعلان به نه ٿي سگهيو آهي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب ڪورونا وائرس سبب آسٽريلوي رانديگرن جي سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۽ ڪنٽريڪٽ يافتا رانديگرن جي نالن جو اعلان هڪ مهيني کانپوءِ ڪيو ويندو. رپورٽن موجب صورتحال کي نظر ۾ رکندي. اعلان اپريل جي آخر ۾ ڪري سگهجي ٿو.

پي ايس ايل-5 جو فاتح ڪير؟ طريقيڪار تي فرنچائيزن ۾ اختلاف
ڪجهه مهينا راندين جا مقابلا ملتوي رهڻ جو امڪان

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) ڪورونا وائرس سبب وقت کان اڳ ختم ڪيل پاڪستان سپر ليگ جي پنجين ايڊيشن جي پلي آف ميچز جي مستقبل تي سواليا نشان برقرار آهي ۽ ليگ جي فاتح جي حوالي سان فرنچائزن ۾ اختلاف پيدا ٿي پيا آهن. ڪورونا وائرس جي پکڙجڻ سبب صورتحال کي نظر ۾ رکندي سيمي فائنل ۽ فائنل ڪرائڻ کان اڳ ئي ليگ کي ختم ڪيو ويو هو. نجي خابرو ويب سائيٽ موجب فائنل ميچز منعقد نه ٿيڻ سان ليگ جي فاتح جي حوالي سان سواليا نشان لڳي چڪو آهي ڇو ته موجوده صورتحال ۾ ايندڙ ڪجهه مهينا راندين جا مقابلا ٿيڻ ڏکيو نظر اچي رهيو آهي. ڪرڪ انفو موجب پاڪستان سپر ليگ جي قانونن تحت جيڪڏهن ڪنهن سبب ٽورنامينٽ مڪمل نه ٿي سگهي ته رائونڊ ميچز ۾ پوائنٽس ٽيبل تي سرفهرست ٽيم کي فاتح قرار ڏنو ويندو. ليگ جي رائونڊ ميچز ۾ ملتان سلطانز جي ٽيم 14 پوائنٽس سان سڀ کان اڳڀري هئي جڏهن ته ڪراچي ڪنگز جو ٻيو، لاهور قلندرز جو ٽيون ۽ پشاور زلمي جو چوٿون نمبر هو. جيڪڏهن وبا تي ضابطو آيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ مناسب وقت ڏسي ليگ جون ٻيون ميچز ڪرائيندو پر ان کان اڳ رانديگرن ۽ فرنچائيز جي سڀني اسٽيڪ هولڊرز جو افتاق بورڊ لاءِ وڏو چيلينج هوندو. ملتان سلطانز جي بائولنگ ڪوچ مشتاق احمد موجب ليگ جي 10 ميچن ۾ 14 پوائنٽس حاصل ڪندڙ سندس فرنچائز کي فاتح قرار ڏيڻ گهرجي. ملتان سلطانز جي مالڪ عالمگير ترين پي سي بي کي پي ايس ايل جي پنجين ايڊيشن جون باقي ميچز ٻيهر نه ڪرائڻ ۽ موجوده صورتحال موجب فاتح جو اعلان ڪرڻ جي صلاح ڏني. لاهور قلندرز جي مالڪن مان هڪ سمين رانا چيو ته سڀ کان بهتر حل اهو آهي ته جڏهن به موقعو ملي پهرين فرصت ۾ ايونٽ جون باقي ميچز ڪرايون وڃن. پشاور زلمي جي مالڪ جاويد آفريدي به چيو ته اسان کي يقين آهي ته فاتح جو فيصلو ڪرڻ گهرجي، اسان جا پرڏيهي رانديگر ٻيهر کيڏڻ لاءِ اچڻ تي تيار آهن. ڪراچي ڪنگز جي مالڪ سلمان اقبال به پوائنٽس ٽيبل تي موجود سرفهرست ٽيم کي ليگ جو فاتح قرار ڏيڻ جي مخالفت ڪئي ۽ چيو ته جيئن وقت ملي ته پهرين فرصت ۾ ايونٽ جون باقي ميچز منعقد ڪرڻ يقيني بڻايو وڃي.

نصيرآباد ۾ سپر ناڪ آئوٽ ٽورنامينٽ شهنشاهه اليون کٽي ورتو
الشھباز پهريان کيڏندي 10اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 90 رنز جو حدف ڏنو

نصيرآباد(ن پ ا)نصيرآباد ۾ سپر سنڊي ناڪ آئوٽ ٽورنامينٽ شهنشاهه اليون کٽي ورتو. الشھباز پهريان کيڏندي 10اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 90 رنز جو حدف ڏنو. شهنشاهه اليون 7 وڪيٽن جي نقصان تي حدف حاصل ڪري فائنل کٽي ورتو. لالا عزيز بروهي کي مين آف دي ميچ جي اعزاز سان نوازيو ويو، ان موقعي تي ڪاميابي ماڻيندڙ ٽيم کي ٽرافي ڏني وئي.

ٽوڪيو اولمپڪس لاءِ تياري جو موقعو ملي ويو: ارشد نديم

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) سائوٿ ايشين گيمز رڪارڊ هولڊرز جيولين ٿرور ارشد نديم جو چوڻ آهي ته ٽوڪيو اولمپڪس لاءِ تياري جو وڌيڪ موقعو ملي ويو آهي. سندس چوڻ آهي ته موجوده صورتحال کي هر ڪو منهن ڏئي رهيو آهي، رانديگر به متاثر ٿي رهيا آهن، مون کي اميد آهي ته حالتون بهتر ٿينديون. هن چيو ته ٽوڪيو اولمپڪس لاءِ تياري سٺي هلي رهي هئي مون کي اميد هئي ته مان ملڪ جو نالو روشن ڪندس، اولمپڪس ملتوي ٿي ويا آهن ته هاڻي مون کي وڌيڪ سٺي ٽريننگ جو موقعو ملي ويو آهي.

مقصودو رند ۾ ٽي ٽين چيمپئن شپ موري جي ٽيم جي نانءِ
ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ڏيڍ مهينو جاري رهڻ بعد پڄاڻي تي پهتو: فائنل ۾ دلچسپ دنگل

مقصودورند (رپورٽ: بهادر رند) مقصودو رند ۾ ٽي ٽين چيمپئن شپ موري جي ٽيم جي نانءُ، ان ڏس ۾ حامد فقير ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ ايريا ڪرڪيٽ ڪائونسل جي سهڪار سان ٽورنامينٽ ڏيڍ مهينو جاري رهڻ بعد پڄاڻي تي پهتو. فائنل ۾ جيو ڀاڄي موري اليون پهريان کيڏندي مقرر اوورن ۾ 171 رنز جو حدف ڏنو. جواب ۾ رئيس بروهي اليون 110 رنز ٺاهي سگهي. جيو ڀاڄي موري اليون طرفان عبدالرزاق شاندار سنچري ٺاهي ۽ مين آف دي ميچ رهيو. فاتح ٽيم کي پي ٽي آءِ اڳواڻ ڪاشف قريشي، پهلوان رند، ايڊووڪيٽ ارسلان شيخ ۽ ٻين انعام ڏنا.

پي سي بي عورتن جي ڏهاڙي تي ڪرن خان ۽ سارا محبوب کي ڀيٽا پيش ڪندو

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ عورتن جي عالمي ڏينهن تي اولمپئن ڪرن خان ۽ قومي ٽينس اسٽار سارا محبوب کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پي سي بي موجب گولڊ گرل جي خطاب سان مشهور سوئمر ڪرن ۽ سارا کي ايوارڊ ڏنا ويندا.

ڊيل اسٽين سان بالنگ ڪرائڻ اعزاز سمجهان ٿو: رومان رئيس

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر رومان رئيس چيو آهي ته پي ايس ايل ۾ ڊيل اسٽين سان بالنگ ڪرائڻ اعزاز سمجهان ٿو. ڊگ آئوٽ ۾ اسٽين جهـڙي ليجنڊ جي موجودگي جو فائدو ٿي رهيو آهي، گهڻو ڪجهه سکڻ ۾ ملي رهيو آهي.خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته جيڪڏهن ڊيل اسٽين پي ايس ايل ۾ هجي ۽ ان کان ٽپس نه وٺجن ته اها ناانصافي هوندي. ليجنڊ رانديگر گهڻو ڪجهه سيکاري رهيو آهي.

نوشهرو فيروز ۾ والي بال ٽورنامينٽ هالاڻي کٽي ورتو ڪپتان کي انعامن ڏني وئي

نوشھروفيروز(رپورٽر) ڪنڊيارو ۾ والي بال ٽورنامينٽ ڪرايو ويو، جنهن جو فائنل هالاڻي ۽ ٽانوري ٽيمن وچ ۾ ٿيو. هالاڻي والي ٽيم 20 پوائنٽ ڪري ٽورنامينٽ جو ٽائٽل پنهجي نالي نالي ڪري ورتو، جڏهن ته ٽانوري ٽيم 15 پوائنٽس حاصل ڪري سگھي. فاتح هالاڻي والي بال ٽيم جي ڪپتان اسد سولنگي کي ونر ٽرافي ڏني وئي.

ٺارو شاهه ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ڊي ڪلاس جي شاگردن کٽي ورتو

ٺاروشاھه (ن پ ا)ٺارو شاهه جي ڪيمپس هاءِ اسڪول ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائنل ٿيو، جيڪو ڏهين ڊي ڪلاس جي شاگردن کٽي ورتو. ڪئمپس هاءِ اسڪول ٺاروشاھه ۾ راندين جي هفتي جي حوالي سان استادن ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ڪرائي، جنهن ۾ ڇهين کان ڏهين درجي جي شاگردن حصو ورتو. فائنل ڏھين اي ڪلاس ۽ ڏھين ڊي ڪلاس ۾ ٿيو. ڏهين ڊي ڪلاس پهريان کيڏندي 10 اوورن ۾ 178 رنز اسڪور ڪيو. جواب ۾ ڏهين اي ڪلاس 100 رنز تي ڍير ٿي وئي. هيڊماسٽر فائنل کٽيندڙ ٽيم کي انعام ڏنا، جڏهن ته ٽورنامينٽ ۾ حصو وٺندڙ مختلف ڪلاسن جي شاگردن کي انعام ۽ شيلڊون پڻ ڏنيون ويون.

پي ايس ايل کٽڻو آهي ته ٽيم جو نالو تبديل ڪريو: لاهور قلندرز جي مالڪ کي تجويز
لاهور قلندرز کي قلندرز هٽائي بادشاهه ڪرڻ سان ٽيم ۾ نالي جي ته تبديلي ايندي، ناڪامي جو داغ ختم ٿيندو

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ ۾ لاڳيتو ناڪامين جي ملبي ۾ دٻيل لاهور قلندرز جي مالڪ کي ٽيم جو نالو تبديل ڪرڻ جو مشورو ڏنو ويو آهي. اڳوڻي ڪرڪيٽر باسط علي جاري ڪيل وڊيو ۾ چيو ته لاهور قلندرز کي شڪستن مان جند ڇڏائڻي آهي ته فوري طور ٽيم جو نالو تبديل ڪيو وڃي.هن چيو ته لاهور جي ٽيم ۾ قلندرز هٽائي بادشاهه رکيو وڃي، افسوس آهي ته لاهور قلندرز جي پرفارمنس خراب آهي، جنهن ڪري مداح مايوس ٿي ويا آهن. باسط علي چيو ته شاهين شاهه آفريدي ان فٽ ٿي ويو آهي، سلمان بٽ ٽيسٽ ميچ جو رانديگر آهي پر کيس فخر زمان جي جاءِ تي کيڏايو ويو، لاهور قلندرز کي غلط فيصلن جي ڪري به ناڪامي جو داغ لڳو. هن چيو ته پهرين ڪاميابي کانپوءِ اوچتو 3 تبديليون ڪرڻ سمجهه کان ٻاهر آهي، هاڻي لاهور قلندرز جي ايونٽ ۾ واپسي ناممڪن لڳي رهي آهي.

بنگلاديش ٻي ون ڊي ميچ۾زمبابوي کي4رنزتان شڪست ڏئي ڇڏي
بنگلاديش پهريان کيڏندي مقرر 322 رنز ٺاهيون: زمبابوي 318ٺاهي سگهي

ڍاڪا(اسپورٽس نيوز) بنگلاديش ٻي ون ڊي ميچ ۾ زمبابوي کي 4 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي.بنگلاديش ۾ کيڏيل ميچ ۾ بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم ٽاس کٽي پهريان کيڏندي مقرر اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 322 رنز ٺاهيون، ڪپتان تميم اقبال 158 رنز جي شاندار اننگز کيڏي، مشفيق الرحيم 55، محمد مٿن 32 رنز ٺاهي نمايان رهيا. جواب ۾ زمبابوي ٽيم جي بيٽسمينن سٺي شروعات ڪئي پر ٽيم 318 رنز ٺاهي سگهي. اهڙي ريت بنگلاديش جي تميم اقبال 158 رنز جي شاندار اننگز کيڏي مين آف دي ميچ جو اعزاز ماڻي ورتو.

ايڊيليڊ ٽيسٽ: ميزبان ٽيم ۾ تبديلي جو امڪان ناهي

ايڊيليڊ(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ايڊيليڊ ۾ اڄ کان شروع ٿيندڙ ڊي اينڊ نائٽ ٽيسٽ ميچ لاءِ ميزبان ٽيم ۾ تبديلي نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. آسٽريلوي قائد ٽم پين جو چوڻ آهي ته برسبين ٽيسٽ کيڏندڙ ٽيم کي ٻي ٽيسٽ ۾ به برقرار رکيو ويندو، ٽيم ۾ ڪنهن قسم جي ڪا تبديلي نه ڪئي ويندي. ڪرڪيٽ آسٽريليا ڪيمرون بينڪرافٽ ۽ جيمز پيٽنسن کي شيفيلڊ شيلڊ ٽورنامينٽ کيڏڻ لاءِ ٽيم سان ريليز ڪري ڇڏيو آهي. واضح رهي ته ايڊيليڊ ۾ پاڪستان ۽ آسٽريليا جي ٻي ٽيسٽ ميچ اڄ شروع ٿي رهي آهي، آسٽريليا کي 2 ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي برتري حاصل آهي.

ٺٽي ۾ فٽبال ٽورنامينٽ جو فائنل: رانديگرن جي شاندار پرفارمنس

ٺٽو (رپورٽر ) ٺٽي جي سينئر وڪيل لکانو بهراڻي جي ياد ۾ سنڌ ڪرايل فٽبال ٽورنامينٽ جو فائنل صدر اليون ۽ مدثر اليون ۾ کيڏيو ويو. صدر اليون 2 گول ڪري مدثر اليون کي هارائي فائنل کٽي ورتو .ٺٽي جي اي ڊي سي عارف ڪلوڙ ، صحافي شاهد صديقي، ڊي ايس پي ٺٽو جمع خان ۽ ٻين ڪامياب ٽيم جي رانديگرن کي انعامن سان نوازيو.

قاضي احمدراندين جي سرگرمين کان محروم،سرڪارگرائونڊنه ڏنا
دولتپور صفن، شاهپور جهانيان ۽ قاضي احمد ۾ هڪ به گرائونڊ ناهي، نوجوان روڊن تي ڪرڪيٽ کيڏن ٿا

قاضي احمد (رپورٽ: الھرکيو سيال) قاضي احمد تعلقي جي ٽن شھرن دولتپور صفن، شاھپورجهانيان ۽ قاضي احمد راندين جي گرائونڊن کان محروم هئڻ سبب رانديگر مايوس آهن، جڏهن ته سرڪار نوٽيس نه ورتو. ڪرڪيٽ، ڪوڏي ڪوڏي، ونجهه وٽي، بيڊمنٽن، والي بال سميت ٻين راندين جي شوقينن جو وڏو انگ هئڻ باوجود سرڪار گرائونڊ نه ڏنا آهن، جنهن ڪري نوجوان اسڪولي گرائونڊن توڙي توڙي روڊ رستن تي راندين جون سرگرميون ڪن ٿا. اهڙي ريت قاضي احمد ۾ به اسپورٽس اسٽيڊيم ناهي، نوجوان مايوسي جو شڪار نظر اچن ٿا.